05/04/2026
آريسر چاهي ها ته اندرا آڪسفورڊ يونيورسٽي تائين پڙهي ها!
آريسر چاهي ها ته وڏا بنگلا ۽ عالمي شهريت مليس ها!
پر آريسر سون تي هرکجي سيڻ مٽائڻ وارن مان نه هيو!
اهو آريسر جنهن لاء سائين جي ايم سيد دعا ڪندو هيو ته ياالله منهنجي آريسر کي لوسين کان پناھ ۾ رکجان!
اهو آريسر جنهن لاء سائين حيدر علي شاھ چيو ته آريسر سائين جي ايم سيد جو سياسي وارث آهي!
اهو آريسر جنهن لاء شيخ اياز چوندو هيو مونکان اڳ تقرير نه ڪجان
آريسر اهڙو ئي مخلص اڳواڻ هيو ايشيا جو چوٿين نمبر جو ڏاهو شخص جيڪو هڪ ڪچي گهر ۾ رهندو هيو
آريسر صاحب برسات نالي اخبار ۾ ڪالم لکڻ جي پيسن مان پهرين دفعو گهر ۾ گوشت وٺي آيو
اهڙو ئي آهي اسان جو مخلص اڳواڻ
اسان کي فخر آهي جو اسان آريسر جا پوئلڳ آهيون