M Y G

M Y G funny

09/12/2025
07/12/2025

سنڌ سلامت رهي

21/06/2025

المنظر تي آئون اڪيلو 09

اچڻو هو سو نيٺ اڳيون آچر به اچي ويو.

دل جي ڌڙڪن وڌيل هئي، ڄڻ هر ساهه انيلا سان ملاقات جو انتظار ڪري رهيو هو. آئون اڄ تمام جلد تيار ٿي ويس، هر ڳالهه جو خاص خيال رکندي. هن لاءِ گلاب جي خوشبو سان ڀريل پرفيوم لڳايو، ۽ هڪ گلاب جو گل به ورتو، جيڪو مونکي خبر هئي، سندس چهري تي مرڪ آڻي ڇڏيندو.

نڪرڻ کان اڳ کيس رابطو ڪيو ويو ته: "ڪٿي ملبو ته؟"
انيلا چيو: "المنظر تي، ان کان پوءِ اڳتي لاءِ نڪرنداسين."

شام جو پھر ٿيو. مون منهنجي يار لالا موسا کي فون ڪئي ته گاڏي کپي ٿي. لالا به اصل دير ئي نه ڪئي، گاڏي ڪاهي آيو. چيائين: "جي ٻيو ڪجھ کپي به، حڪم ڪر."
مون چيو: "نه، بس ايترو ڪافي آهي."

گاڏي ڪڍي نڪتس محبوب سان هڪ خاص ملاقات لاءِ، جنهن لاءِ مون پورا ٻارهن ڏينهن صبر ڪيو هو.
پر اهي ٻارهن ڏينهن ڄڻ ته ٻارهن صدين برابر مون مٿان گذريا هئا.

ويندي گس ۾ عمراڻي جا وڻندڙ گانا گاڏي ۾ ٻڌندو آيس. اڌ ڪلاڪ ۾ المنظر تي اچي پهتس. سامهون ڏٺم ته انيلا پارڪ ۾ هڪ ننڍڙي بيچ تي ويٺي آهي. منهنجي گاڏي جا ڪارا شيشا هئا، مونکي انيلا نه ڏٺو هو. مون گاڏي بريڪ ڪئي ۽ انيلا کي ميسج ڪيو:
"سائين، ڪيئن محسوس ڪري رهيا آهيو؟"

انيلا جي ٽائپنگ شروع ٿي، ميسج آيو:
"تمام بهتر محسوس ڪري رهي آهيان، مگر تون جلدي اچ، انتظار ئي نه پيو ٿي."
ته مون چيو:
"سائين، توهان جي سامهون آهيان. رڳو توهان مٿي نظر ڪيو ته مونکي ڏسي وٺندؤ."

انيلا هيڏانهن هوڏانهن لوڻا هڻڻ لڳي، مونکي تلاش ڪرڻ لڳي، مگر نه ڏسي سگهي.
ته اوچتو مان گاڏي تان لٿس ته انيلا هڪ خوبصورت انداز ۾ چيو:
"او واو! ته اڄ جاويد صاحب ڪار ڪاهي آيو؟"
مون چيو:
"جي انيلا، اهو به اسپيشلي خاص توهان لاءِ."
"ماشاءَالله! اهو به خاص منهنجي لاءِ؟"
مون چيو:
"جي، اهو به خاص اوهان لاءِ."

"چلو، هاڻ ٻڌايو، ڪهڙي پاسي هلڻو آهي؟"
چيائين:
"هاڻ هلڻو اهڙي پاسي آهي، جو ڪڏهن واپسي نه اچي سگهون."
مون چيو:
"نه انيلا، هلنداسين به ۽ واپس به اينداسين."

"چلو انيلا، هاڻ گاڏي توهان هلايو، مان ٿڪجي پيس گاڏي هلائيندي."
"جي سائين، ضرور."
انيلا ڊرائيور سيٽ تي ويٺي ۽ گاڏي حيدرآباد طرف موڙي ڇڏي.

هلندي رستي ۾ انيلا جيان ميوزڪ کوليو ته عمراڻي جو اهو گانو اچي ويو:

"ايڏا قرب ڏيندين جي يار، ته هر هر اينداسين،
اسان لاءِ وڇائيندي وار، ته هر هر اينداسين."

انيلا چيو:
"واهه يار، عمراڻي جو گانو ته واه جو آ، پر وڏي ڳالهه آهي، اهڙي موقعي تي اهو گانو شروع ٿي ويو؟"
مون چيو:
"گهران نڪتس ته اهو ئي گانو هلائيندو آيس، ان ڪري اهو ئي هليو آهي."

هاڻ انيلا رش ۾ گاڏي هلائي رهي آهي، ڪيڏي رش آهي، مگر مونکي سا نظر نٿي اچي. منهنجون نظرون فقط انيلا ۾ اٽڪيل رهيون. مان کيس ڏسندو آيس ته: "ڪيڏي خوبصورت تخليق آهي خدا جي طرفان عورت ذات، جنهن ۾ هزارين احساس آهن،
جيڪو هڪ غير مرد کي ايڏو چاهيندي آهي، جو پنهنجي گهر وارن سان پڻ ڌوڪو ڪري به، مگر پنهنجي پيار ڪندڙ سان نڀائيندي آهي.
پوءِ ماڻهو ڇو ٿا ان جي جذبن ۽ احساسن سان کيڏين؟"

سڄي واٽ بس انيلا ۾ نظر رهي.
اچانڪ انيلا گاڏي بريڪ ڪئي.
پڇا ڪيم:
"ڇو بريڪ ڪئي؟"
سامهون ڏٺم ته خوبصورت ۽ عاليشان فليٽ آهن.
انيلا گاڏي تان لٿي ۽ گيٽ تي بيٺل چوڪيدار سان ڪجھ ڳالهائي، ۽ ڪجھ پئسا ڏئي، واپس اچي گاڏي تي چڙهي.
گاڏي اندر ڪئي، وري گاڏي کي اندر پارڪ ۾ بيهاري، پوءِ اندر داخل ٿياسين. مٿي چار نمبر منزل تي فليٽ تي آياسين.

انيلا وٽ چاٻي هئي. دروازو کوليو، اندر داخل ٿياسين ته هڪ خوبصورت گهر، تمام بهترين ماحول.
هڪ پاسي بيڊ آهي، ٻي پاسي صوفا سيٽ رکيل آهن. انهن جي وچ ۾ شيشي جي ننڍڙي ٽيبل، جنهن تي ويهي آساني سان ڪجھ کائي به سگهون ٿا.
وري هيٺ هڪ توري وڇايل پئي آهي، مگر تمام صاف سٿرو ماحول.
سامهون الماڙي جي مٿان ٽي وي، جيڪا انيلا آن ڪري ڇڏي.
ڪمري جي ٿڌاڻ لاءِ ايئر ڪولر رکيل هو. انيلا جلدي ۾ ايئرڪولر به هلايو، مگر ان ۾ پاڻي نه هو.

انيلا جلدي ۾ وڃي واشروم مان بالٽي ڀري آئي، اهو پاڻي وڌو، وري ٻي بالٽي، وري ٽئين بالٽي، مگر انيلا کان ڀرجي ئي نه.
مون چيو:
"اڃا گهڻو پاڻي پوندو؟ ٻڌا ڀلا ته مان به ٻڌان سندرو؟"
چيائين:
"هن ۾ پاڻي ته جام پوندو، مگر هاڻ ايترو کوڙ اٿس."
مون شرارتي انداز ۾ چيو:
"ڇا هاڻ سڄي رات هلي ويندو؟"
چيائين:
"هلي ويندو، جي نه هليو ته وري پاڻي وجهي وٺنداسين."
مون چيو:
"اوترو ڪنهن ۾ ست بچندو صحيح؟"
چيائين:
"من هڪڙي بالٽي کڻڻ جيتري همت بچي پوي."
مون چيو:
"مشڪل بچڻي."
چيائين:
"ڇا جاويد، سچي؟"
مون چيو:
"همممم، سچي."

مشڪري انداز ۾ انيلا چيو:
"واه سائين واه، ايڏو پاڻ تي باور اٿئي؟"
مون چيو:
"پاڻ تي نه، مگر پنهنجي کاڌل کاڌن تي ڀروسو ضرور اٿم، ته هڪ شهري ڇوڪري کي ٿي سگهي ٿڪائي ڇڏيان."
"چلو ڏسون ٿا ته ڪير ٿو ٿڪجي."

وري ٻه خوبصورت شيشي وارا گلاس کڻي آئي.
انيلا کان پڇيم:
"هي گلاس ڇو؟"
چيائين:
"انهن ۾ به ڪم آهي."
"مگر ڪهڙو؟"
"اها ٻڌايان ٿي توکي، تون ترس ته سهي. سيٽنگ ڪرڻ ته ڏي.
توکي پنهنجي کاڌن تي باور آهي نه؟"
مون چيو:
"بلڪل."

ٿوري دير گذري ته دروازو وڳو. مان عام ڳوٺاڻو ماڻهو، منهنجو ته ڄڻ ساھ نڪري ويو. جھٽڪو ڏئي اٿيس، ڪٿان کڙڪي تلاش ڪرڻ لڳس ته هاڻ بس، بل ھڻان کڙڪي مان.

انيلا کي چيم:
"او اتي، هاڻ مري وياسين."
انيلا چيو:
"ڪجھ ڪونهي، هي اهو گيٽ ڪيپر آهي، مون سامان گهرايو، اهو ڏيڻ لاءِ آيو آهي. هتي ڪير ڪونه ايندو، تون بي فڪر ٿي وڃ."

انيلا دروازو کوليو، شاپر هٿ ۾ ڪري آئي، جنهن ۾ ڪجھ فروٽ ۽ سامان ڏسڻ ۾ پيو آيو.
آڻي، ٽيبل تي رکيايائين. جڏهن کوليايائين ته عجيب قسم جون ٻه بوتلون هيون، جيڪي مون زندگي ۾ اڄ ڏٺيون هيون.
هڪ عام پيپسي بوتل هئي.
هڪ سگريٽن جو پيڪٽ هو، جنهن ۾ بينسن جا سگريٽ هئا، جيڪي سگريٽ به مون پنهنجي زندگي ۾ پهرين چڪر ڏٺا هئا.

انيلا کي چيم:
"هي سڀ ڪجھ ڇا آهي؟"
چيائين:
"هي سڀ ڪجھ ڪم جون شيون آهن، پر تون ترس ٿورو."

مان بيڊ تي ليٽيو T.v ڏسي رھيو ھس.
انيلا سڄي سيٽنگ ڪري رھي ھئي نيٺ سيٽنگ ڪري مونکي سڏ ڪيو."
ان سگريٽ جي پيڪيٽ مان ٻ سگريٽ ڪڍيا ۽ انھن مان ھڪڙي بوتل کولي جنهن مان ھڪ عجيب خوشبو محسوس ٿيڻ لڳو" ته مون چيو:
يار ھي ته مونکي وسڪي يا ڪو شراب ٿو لڳي ؟

انيلا کلي چيو نه ڙي چريا ھي ولائتي بوتل آھي ڪڏهن پيتي اٿئي ؟
مون چيو: نه يار پيئڻ ته پنهنجي جاء تي مگر مان ھي ڏسان به پھريون چڪر پيو.
انيلا سگريٽ دکايو پوء وڃي ڀڳڙن جي برني کڻي آئي ..

وري ان ولائتي بوتل مان ڪجھ گلاس ۾ ڪڍيو ۽ پيپسي بوتل مڪس ڪري ھڪ گلاس ڀريو وري ٻيو گلاس ڀريو ھاڻ سگريٽ جا ڪش ھڻي پئي" ان گلاس مان ڍڪ ڀري پئي" ۽ مان عجيب ڪيفيت مان انيلا کي ڏسي رھيو آھيان يار ھي ته ڄڻ ڪا وڏي موالي آھي ..

مونکي چيائين تون به پي نه ؟
مون به گلاس کنيو ڍڪ ڀريو ته ڪڙو زھر محسوس ٿيڻ لڳو مون چيو ھي ولائتي بوتل آھي ؟

چيائين: ھي ولائتي بوتل نه بيئر آھي ڪڏهن پيتو اٿئي ؟

مون چيو: نه يار ڪڏهن ڪون پيتو پر توهان ڇوڪريون ھي سڀ ڪجھ ؟

چيائين ان ڳالھ کي ڇڏي ڏي تون ماٺڙي ڪري پي .
ھاڻ سگريٽ جا ڪش ھڻندي ٻئي اھا بوتل به پي رھيا آھيون.

ٿوري دير کان پوء مون محسوس ڪيو ته ڄڻ ھاڻ منهنجي جسم ۾ وڏي جان اچڻ لڳي جيڪو خؤف ڀئو ھيو سڀ ختم ٿي ويا ..
انيلا کلندي چيو:
ھاڻ؟
مون چيو:
ھاڻ جيئن چوين.؟
چيائين ھاڻ ھل بيڊ تي ته تنهنجي کاڌن جي خبر پوي تنهنجا کاڌا زور آھن يا منهنجا ؟
مون چيو ھل."

هلندڙ

20/06/2025

مزنا

19/06/2025

المنظر تي آئون اڪيلو 08

انيلا جي Menstruation جو ميسج ڏسي مون سمجهيو ته انيلا کي لڳو ته مان فقط جسماني مقصد لاءِ ملڻ ٿو چاهيان. مون کيس ميسج ڪيو:

"جيڪڏهن توکي Menstruation آيل آهن ته ڇا مان توسان فقط ان مقصد لاءِ ملڻ ٿو چاهيان؟"

انيلا پڇيو:
"جاويد؟"
مون وراڻيو:
"جي راڻي."

"مان چري آهيان ڇا؟"
"نه ته."
"پوءِ ڇا، مونکي خبر ناهي ڇا؟"
مون چيو:
"انيلا، کولي ٻڌاءِ. ڇا ٿي چوڻ چاهين؟"
انيلا چيو:
"جاويد، مونکي صرف هڪ سوال جو جواب ڏي."
"جي پڇو."

"هڪ مرد، نوجوان ڇوڪري سان پيار ڪرڻ ڇو چاهيندو آهي؟"

سوال ٻڌي، مان ڄڻ ته گم ٿي ويو ھس. وراڻيم:
"سوري، ان جا گهڻا ئي مقصد ٿي سگهن ٿا."
چيائين:
"گهڻا نه، فقط هڪ ئي آهي."
مون چيو:
"چلو، تون ٻڌاءِ."
چيائين:
"سيڪس."
مون چيو:
"سيڪس ڇو؟"
چيائين:
"ان ڪري ته مرد هڪ خوبصورت، نوجوان ڇوڪري جي تلاش ۾ هوندو آهي ته جيئن ان جي نوجوان جسم مان سيڪس جو لطف وٺي سگهي. جيڪر بک نه هجي ها، ته اها محبت ڪنهن وڏي عمر واري عورت سان به ته ڪري سگهجي پئي نه؟"

منهنجي زبان ڄڻ اٽڪي پئي.

انيلا وري چپ چاپ ٿي چيائين ته:
"جاويد، مان سڀ ڪجهه سمجهان ٿي."

"ٻيو ته، جاويد سوري. پر تو چيو ته،
‘اڪيلائيءَ ۾ ملنداسين، ۽ پوءِ اهو ڪنداسين، جيڪو پيار ڪندڙ ڪندا آهن.’"

مون پڇيو:
"ڇا پيار ڪندڙ فقط جسماني ويجهڙائيءَ جا طلبگار هوندا آهن؟ ڇا پيار فقط ميلاپ جو نالو آهي؟ ڇا ماڻهو پنهنجي حوس کي پيار جو نالو ڏئي ان کي پيار چئي رهيا آهن؟"

انيلا چيو:
"سوري جاويد، مونکي گهڻي ڄاڻ ناهي. بس مون پنهنجي حساب سان سوچيو ته تون به ائين ٿو چاهين، تنهنڪري تو به اڪيلائيءَ ۾ گهرايو، ۽ سڄي رات ملڻ لاءِ چيو."

مون چيو:
"ڇا سڄي رات صرف اهو ئي ڪم ڪنداسين؟"

انيلا ٿورو ڇڄي چيو:
"مونکي ناهي خبر ته تون مونسان ڇا ڪندين، پر... جاويد، منهنجي عزت جو خيال رکجان."

مون سوچيو:
"جڏهن تون پنهنجي عزت جو پاڻ خيال نٿي ڪرين، ته مونکي ڪهڙي پارت پئي ڪرين؟"

"تون جڏهن اڪيلائيءَ ۾ ڪنهن مرد سان ملندين، ته ڇا هو توکي ڇڏي ڏيندو؟"

چائين: مونکي ڀلي نه ڇڏي مگر منهنجي عزت اھم آھي جاويد."

پر مون چيو:
"انيلا، مونکي توکان به وڌيڪ تنهنجي عزت جو خيال آهي. تون ڇو ٿي پريشان ٿين؟"

انيلا چيو:
"سوري، منهنجي چوڻ جو اهو مطلب نه هيو. توکي جيئن وڻي، تيئن مون سان ڪر. مونکي ان جي پرواهه ناهي. جيڪڏهن ايئن هجي ها ته پيار نه ڪريان ها. پيار ته ڪيو ئي ان لاءِ ٿو وڃي..."

مون ٿورو ڪاوڙجي پڇيو:
"ڇا پيار فقط ان لاءِ ئي ڪيو ويندو آهي؟"

چيائين:
"ٻيو نه ته ڇا؟"

"پر جاويد، منهنجي چوڻ جو مطلب اهو هو ته ڪي ڇوڪرا ڇوڪرين کي اڪيلو گهرائي، پوءِ......."

مون نرميءَ سان چيو:
"ڇا مطلب؟ وضاحت ڪري ٻڌا انيلا."

چيائين:
"جاويد، تون ٻار ته ناهين؟ ڪي ڇوڪرا ڇوڪرين کي گهرائي نشو ڪرائن ٿا، پوءِ پنهنجي دوستن سان گڏجي زبردستي ڪن ٿا. وڊيوز ٺاهي، پوءِ حراسمينٽ ڪن ٿا. روز روز ملڻ ۽ پيسن جو مطالبو ڪن ٿا."

مون حيران ٿي پڇيو:
"ڇا؟ ماڻهون ايئن به ڪندا آھن؟"

جاويد کوڙ ماڻهو ايئن ڪندا آھن اسان جي اسٽاف جي هڪ ڇوڪري سان به اهڙو واقعو ٿيو ھو. ڪراچيءَ جا ڇوڪرا کيس گھمائڻ جي نالي تي ٻاهر وٺي ويا، پوء مجبور ڪري زبردستي ڪئي وئي، وڊيوز ٺاهيون، پوءِ کيس ڌمڪيون ڏيڻ لڳا ته اسان سان ملڻ اچ ۽ اسان کي ايترا ايترا پئيسا موڪل. پوء ڇوڪري ذري گهٽ خودڪشي جي حد تائين پهچي وئي. پوءِ ڊاڪٽرن پوليس جي مدد سان وڊيوز ڊليٽ ڪرايون، ۽ ان ڇوڪري جي جان بچائي وئي.

مون چيو:
"نه انيلا، منهنجي نيت ايتري خراب ناهي. الله معاف ڪري، مان ائين ڪڏهن به نه ڪندس."

انيلا چيو:
"جاويد، توتي ئي ته ڀروسو آهي. تڏهن ته توسان پيار ٿي ڪريان. توکي خبر آهي مون توسان ڇو پيار ڪيو؟"

مون چيو:
"سوري، خاص خبر ناهي. تون پاڻ ٻڌاءِ."

چيائين:
"تنهنجي اندر ۾ انسانيت لاء احساس ڏسي. اهو جيڪو هر ڪنهن ۾ نه هوندو آھي."

مون دل ۾ سوچيو:
"ڇوڪريون ڪيتريون ساديون آهن ويچاريون. رڳو ٿوري محبت، ٿوري خرچ سان، اهي انسانيت جي اميد رکن ٿيون."

مون چيو:
"انيلا، جاويد پنهنجو سر ته ڏئي سگهي ٿو، پر تنهنجي ڀروسي کي ڪڏهن به نٿو ٽوڙي سگهي، نه ئي تنهنجي عزت تي وار ڪري ٿو سگهي."

انيلا کلندي چيو:
"چلو، پوءِ ضرور ملنداسين. مونکي به خوشي ٿيندي توسان ملڻ جي."

مون چيو:
"پر ملنداسين ڪٿي؟"
چيائين:
"جتي تون چوين."

مون چيو:
"مون وٽ پنهنجي ڪا جڳهه ناهي."

چيائين:
"پوءِ ملاقات کي ڪينسل ڪر. جڳهه هجي ته ملنداسين."

مون چيو:
"ڪينسل ته نٿو ٿي سگهي."

"پوءِ ڇا؟"

مون چيو:
"رات هوندي، منهنجي گاڏي هوندي، ڪٿي ٻاهر هليا وينداسين، يا ته تون منهنجي گهر اچين گهر ھلنداسين."

چيائين:
"ٻاهر کان گهر بهتر آھي."

مون چيو:
"پر منهنجو گهر حيدرآباد کان پري آهي."

چيائين:
"ته پوءِ مان بندوبست ڪريان؟"

مون چيو:
"ها، ٻيلي پوء ائين ڪر يار."

چيائين:
"هاڻ آچر ته اچڻ ڏي. تيسين صبر نه ٿو ٿئي ڇا؟"

مون چيو:
"ڪٿي ٿو صبر ٿئي، انيلا!"

۽ هاڻ جڏهن انيلا چيو ته "اڳين آچر تي ملنداسين"، ته وقت ڄڻ بيهي ويو. منٽ جيڪي اڳ اڏامي ويندا هئا، هاڻ ساهه کڻڻ لڳا هئا. ملاقات جي خوشيءَ ۾ هر پل ڄڻ ساهه جيان لڳي رهيو هو. هاڻ رڳو اڳين آچر جو انتظار هو، جتان پوءِ جي ڪهاڻي محبت جي نئين موڙ تي واڳ وٺندي...

ھلندڙ

17/06/2025

انم

Ghulam Murtaza Gajoo
13/06/2025

Ghulam Murtaza Gajoo

Address

Umerkot

Telephone

+923470329268

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when M Y G posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Establishment

Send a message to M Y G:

Share

Category