21/06/2025
المنظر تي آئون اڪيلو 09
اچڻو هو سو نيٺ اڳيون آچر به اچي ويو.
دل جي ڌڙڪن وڌيل هئي، ڄڻ هر ساهه انيلا سان ملاقات جو انتظار ڪري رهيو هو. آئون اڄ تمام جلد تيار ٿي ويس، هر ڳالهه جو خاص خيال رکندي. هن لاءِ گلاب جي خوشبو سان ڀريل پرفيوم لڳايو، ۽ هڪ گلاب جو گل به ورتو، جيڪو مونکي خبر هئي، سندس چهري تي مرڪ آڻي ڇڏيندو.
نڪرڻ کان اڳ کيس رابطو ڪيو ويو ته: "ڪٿي ملبو ته؟"
انيلا چيو: "المنظر تي، ان کان پوءِ اڳتي لاءِ نڪرنداسين."
شام جو پھر ٿيو. مون منهنجي يار لالا موسا کي فون ڪئي ته گاڏي کپي ٿي. لالا به اصل دير ئي نه ڪئي، گاڏي ڪاهي آيو. چيائين: "جي ٻيو ڪجھ کپي به، حڪم ڪر."
مون چيو: "نه، بس ايترو ڪافي آهي."
گاڏي ڪڍي نڪتس محبوب سان هڪ خاص ملاقات لاءِ، جنهن لاءِ مون پورا ٻارهن ڏينهن صبر ڪيو هو.
پر اهي ٻارهن ڏينهن ڄڻ ته ٻارهن صدين برابر مون مٿان گذريا هئا.
ويندي گس ۾ عمراڻي جا وڻندڙ گانا گاڏي ۾ ٻڌندو آيس. اڌ ڪلاڪ ۾ المنظر تي اچي پهتس. سامهون ڏٺم ته انيلا پارڪ ۾ هڪ ننڍڙي بيچ تي ويٺي آهي. منهنجي گاڏي جا ڪارا شيشا هئا، مونکي انيلا نه ڏٺو هو. مون گاڏي بريڪ ڪئي ۽ انيلا کي ميسج ڪيو:
"سائين، ڪيئن محسوس ڪري رهيا آهيو؟"
انيلا جي ٽائپنگ شروع ٿي، ميسج آيو:
"تمام بهتر محسوس ڪري رهي آهيان، مگر تون جلدي اچ، انتظار ئي نه پيو ٿي."
ته مون چيو:
"سائين، توهان جي سامهون آهيان. رڳو توهان مٿي نظر ڪيو ته مونکي ڏسي وٺندؤ."
انيلا هيڏانهن هوڏانهن لوڻا هڻڻ لڳي، مونکي تلاش ڪرڻ لڳي، مگر نه ڏسي سگهي.
ته اوچتو مان گاڏي تان لٿس ته انيلا هڪ خوبصورت انداز ۾ چيو:
"او واو! ته اڄ جاويد صاحب ڪار ڪاهي آيو؟"
مون چيو:
"جي انيلا، اهو به اسپيشلي خاص توهان لاءِ."
"ماشاءَالله! اهو به خاص منهنجي لاءِ؟"
مون چيو:
"جي، اهو به خاص اوهان لاءِ."
"چلو، هاڻ ٻڌايو، ڪهڙي پاسي هلڻو آهي؟"
چيائين:
"هاڻ هلڻو اهڙي پاسي آهي، جو ڪڏهن واپسي نه اچي سگهون."
مون چيو:
"نه انيلا، هلنداسين به ۽ واپس به اينداسين."
"چلو انيلا، هاڻ گاڏي توهان هلايو، مان ٿڪجي پيس گاڏي هلائيندي."
"جي سائين، ضرور."
انيلا ڊرائيور سيٽ تي ويٺي ۽ گاڏي حيدرآباد طرف موڙي ڇڏي.
هلندي رستي ۾ انيلا جيان ميوزڪ کوليو ته عمراڻي جو اهو گانو اچي ويو:
"ايڏا قرب ڏيندين جي يار، ته هر هر اينداسين،
اسان لاءِ وڇائيندي وار، ته هر هر اينداسين."
انيلا چيو:
"واهه يار، عمراڻي جو گانو ته واه جو آ، پر وڏي ڳالهه آهي، اهڙي موقعي تي اهو گانو شروع ٿي ويو؟"
مون چيو:
"گهران نڪتس ته اهو ئي گانو هلائيندو آيس، ان ڪري اهو ئي هليو آهي."
هاڻ انيلا رش ۾ گاڏي هلائي رهي آهي، ڪيڏي رش آهي، مگر مونکي سا نظر نٿي اچي. منهنجون نظرون فقط انيلا ۾ اٽڪيل رهيون. مان کيس ڏسندو آيس ته: "ڪيڏي خوبصورت تخليق آهي خدا جي طرفان عورت ذات، جنهن ۾ هزارين احساس آهن،
جيڪو هڪ غير مرد کي ايڏو چاهيندي آهي، جو پنهنجي گهر وارن سان پڻ ڌوڪو ڪري به، مگر پنهنجي پيار ڪندڙ سان نڀائيندي آهي.
پوءِ ماڻهو ڇو ٿا ان جي جذبن ۽ احساسن سان کيڏين؟"
سڄي واٽ بس انيلا ۾ نظر رهي.
اچانڪ انيلا گاڏي بريڪ ڪئي.
پڇا ڪيم:
"ڇو بريڪ ڪئي؟"
سامهون ڏٺم ته خوبصورت ۽ عاليشان فليٽ آهن.
انيلا گاڏي تان لٿي ۽ گيٽ تي بيٺل چوڪيدار سان ڪجھ ڳالهائي، ۽ ڪجھ پئسا ڏئي، واپس اچي گاڏي تي چڙهي.
گاڏي اندر ڪئي، وري گاڏي کي اندر پارڪ ۾ بيهاري، پوءِ اندر داخل ٿياسين. مٿي چار نمبر منزل تي فليٽ تي آياسين.
انيلا وٽ چاٻي هئي. دروازو کوليو، اندر داخل ٿياسين ته هڪ خوبصورت گهر، تمام بهترين ماحول.
هڪ پاسي بيڊ آهي، ٻي پاسي صوفا سيٽ رکيل آهن. انهن جي وچ ۾ شيشي جي ننڍڙي ٽيبل، جنهن تي ويهي آساني سان ڪجھ کائي به سگهون ٿا.
وري هيٺ هڪ توري وڇايل پئي آهي، مگر تمام صاف سٿرو ماحول.
سامهون الماڙي جي مٿان ٽي وي، جيڪا انيلا آن ڪري ڇڏي.
ڪمري جي ٿڌاڻ لاءِ ايئر ڪولر رکيل هو. انيلا جلدي ۾ ايئرڪولر به هلايو، مگر ان ۾ پاڻي نه هو.
انيلا جلدي ۾ وڃي واشروم مان بالٽي ڀري آئي، اهو پاڻي وڌو، وري ٻي بالٽي، وري ٽئين بالٽي، مگر انيلا کان ڀرجي ئي نه.
مون چيو:
"اڃا گهڻو پاڻي پوندو؟ ٻڌا ڀلا ته مان به ٻڌان سندرو؟"
چيائين:
"هن ۾ پاڻي ته جام پوندو، مگر هاڻ ايترو کوڙ اٿس."
مون شرارتي انداز ۾ چيو:
"ڇا هاڻ سڄي رات هلي ويندو؟"
چيائين:
"هلي ويندو، جي نه هليو ته وري پاڻي وجهي وٺنداسين."
مون چيو:
"اوترو ڪنهن ۾ ست بچندو صحيح؟"
چيائين:
"من هڪڙي بالٽي کڻڻ جيتري همت بچي پوي."
مون چيو:
"مشڪل بچڻي."
چيائين:
"ڇا جاويد، سچي؟"
مون چيو:
"همممم، سچي."
مشڪري انداز ۾ انيلا چيو:
"واه سائين واه، ايڏو پاڻ تي باور اٿئي؟"
مون چيو:
"پاڻ تي نه، مگر پنهنجي کاڌل کاڌن تي ڀروسو ضرور اٿم، ته هڪ شهري ڇوڪري کي ٿي سگهي ٿڪائي ڇڏيان."
"چلو ڏسون ٿا ته ڪير ٿو ٿڪجي."
وري ٻه خوبصورت شيشي وارا گلاس کڻي آئي.
انيلا کان پڇيم:
"هي گلاس ڇو؟"
چيائين:
"انهن ۾ به ڪم آهي."
"مگر ڪهڙو؟"
"اها ٻڌايان ٿي توکي، تون ترس ته سهي. سيٽنگ ڪرڻ ته ڏي.
توکي پنهنجي کاڌن تي باور آهي نه؟"
مون چيو:
"بلڪل."
ٿوري دير گذري ته دروازو وڳو. مان عام ڳوٺاڻو ماڻهو، منهنجو ته ڄڻ ساھ نڪري ويو. جھٽڪو ڏئي اٿيس، ڪٿان کڙڪي تلاش ڪرڻ لڳس ته هاڻ بس، بل ھڻان کڙڪي مان.
انيلا کي چيم:
"او اتي، هاڻ مري وياسين."
انيلا چيو:
"ڪجھ ڪونهي، هي اهو گيٽ ڪيپر آهي، مون سامان گهرايو، اهو ڏيڻ لاءِ آيو آهي. هتي ڪير ڪونه ايندو، تون بي فڪر ٿي وڃ."
انيلا دروازو کوليو، شاپر هٿ ۾ ڪري آئي، جنهن ۾ ڪجھ فروٽ ۽ سامان ڏسڻ ۾ پيو آيو.
آڻي، ٽيبل تي رکيايائين. جڏهن کوليايائين ته عجيب قسم جون ٻه بوتلون هيون، جيڪي مون زندگي ۾ اڄ ڏٺيون هيون.
هڪ عام پيپسي بوتل هئي.
هڪ سگريٽن جو پيڪٽ هو، جنهن ۾ بينسن جا سگريٽ هئا، جيڪي سگريٽ به مون پنهنجي زندگي ۾ پهرين چڪر ڏٺا هئا.
انيلا کي چيم:
"هي سڀ ڪجھ ڇا آهي؟"
چيائين:
"هي سڀ ڪجھ ڪم جون شيون آهن، پر تون ترس ٿورو."
مان بيڊ تي ليٽيو T.v ڏسي رھيو ھس.
انيلا سڄي سيٽنگ ڪري رھي ھئي نيٺ سيٽنگ ڪري مونکي سڏ ڪيو."
ان سگريٽ جي پيڪيٽ مان ٻ سگريٽ ڪڍيا ۽ انھن مان ھڪڙي بوتل کولي جنهن مان ھڪ عجيب خوشبو محسوس ٿيڻ لڳو" ته مون چيو:
يار ھي ته مونکي وسڪي يا ڪو شراب ٿو لڳي ؟
انيلا کلي چيو نه ڙي چريا ھي ولائتي بوتل آھي ڪڏهن پيتي اٿئي ؟
مون چيو: نه يار پيئڻ ته پنهنجي جاء تي مگر مان ھي ڏسان به پھريون چڪر پيو.
انيلا سگريٽ دکايو پوء وڃي ڀڳڙن جي برني کڻي آئي ..
وري ان ولائتي بوتل مان ڪجھ گلاس ۾ ڪڍيو ۽ پيپسي بوتل مڪس ڪري ھڪ گلاس ڀريو وري ٻيو گلاس ڀريو ھاڻ سگريٽ جا ڪش ھڻي پئي" ان گلاس مان ڍڪ ڀري پئي" ۽ مان عجيب ڪيفيت مان انيلا کي ڏسي رھيو آھيان يار ھي ته ڄڻ ڪا وڏي موالي آھي ..
مونکي چيائين تون به پي نه ؟
مون به گلاس کنيو ڍڪ ڀريو ته ڪڙو زھر محسوس ٿيڻ لڳو مون چيو ھي ولائتي بوتل آھي ؟
چيائين: ھي ولائتي بوتل نه بيئر آھي ڪڏهن پيتو اٿئي ؟
مون چيو: نه يار ڪڏهن ڪون پيتو پر توهان ڇوڪريون ھي سڀ ڪجھ ؟
چيائين ان ڳالھ کي ڇڏي ڏي تون ماٺڙي ڪري پي .
ھاڻ سگريٽ جا ڪش ھڻندي ٻئي اھا بوتل به پي رھيا آھيون.
ٿوري دير کان پوء مون محسوس ڪيو ته ڄڻ ھاڻ منهنجي جسم ۾ وڏي جان اچڻ لڳي جيڪو خؤف ڀئو ھيو سڀ ختم ٿي ويا ..
انيلا کلندي چيو:
ھاڻ؟
مون چيو:
ھاڻ جيئن چوين.؟
چيائين ھاڻ ھل بيڊ تي ته تنهنجي کاڌن جي خبر پوي تنهنجا کاڌا زور آھن يا منهنجا ؟
مون چيو ھل."
هلندڙ