31/07/2025
ھن وقت تائين ڪافي اھڙا ماڻهو به آهن جن کي اڃا تائين خبر ناھي پئجي سگهي آھي ته اتر سنڌ ۾ ڪھڙا علائقا ٿا اچن ڏکڻ وچولي سنڌ ۾ ڪھڙا علائقا اچن ٿا؟ ھن چارٽ جنهن مان اوھان با آساني سان سمجهي سگھندا ته اتر اولھ ڏکڻ وچولي سنڌ ۾ ڪھڙا علائقا اچن ٿا.
◼سڀ کان پھرين ڳالهه ڪيون ٿا اتر سنڌ جي ته اتر سنڌ ۾ سکر، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، گھوٽڪي، ميرپور ماٿيلو، اٻاڙو، ڪشمور، پنوعاقل، شھدادڪوٽ، ڏھرڪي، خيرپور، راڻي پور، گمبٽ، ڪنڊيارو، ڪنڌڪوٽ، ٺل، شڪارپور، يارو لنڊ، رتي ديرو، نئوديرو، قمبر، ڪوٽ ڏجي ۽ ڪجهه ٻيا شھر اتر سنڌ ۾ شامل آھن.
◼ ھاڻ ڳالهه ڪجي اولھ سنڌ جي ته اولھ سنڌ ۾ دادو، جوھي، مورو، نوشھروفيروز, خيرپورناٿن شاھ، ڀان، قاصبو، ٽنڊو رحيم، قاضي احمد، سيھوڻ، جھانگارا، دولت پور شامل آھن
◼ جڏهن ته وچولي سنڌ ۾ نوابشاھ، نوھدوڙ، سڪرنڊ، ھالا، نيو سعيد آباد، سن، ٽنڊو آدم، شھدادپور، سانگھڙ، جھول، شاھپور چاڪر، نوا آباد، ڄام نواز علي، ڀٽ شاھ، مٽياري مانجھند، ڄامشورو، ڄام صاحب، کپرو سميت ڪجهه ٻيا علائقا وچولي سنڌ ۾ اچن ٿا.
◼ ڏکڻ سنڌ ۾ ڪراچي، حيدرآباد، نوري آباد، ٽنڊوالھيار، ٽنڊو غلام علي، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊوڄام، شيخ ڀرڪيو، چمبڙ، مسوبوزدار، جھڊو، ڊگھڙي، ھوسڙي، بلڙي شاھ، ماتلي، ڪڙيو گھنور، دڙو، ميرپوربٺھرو، جھمپير، تلھار، عمرڪوٽ، مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر بدين، ٽنڊوباگو، گولاڙچي، سجاول، جاتي، جھوڪ شريف، ٺٽو، جھرڪ، مڪلي، ميرپور ساکرو، ڪيٽي بندر، چوھڙ جمالي، ڪينجھر، گھارو، دھابيجي، جنگ شاھي جڏهن ته ان کان علاوھ ڪجهه شھر ڏکڻ سنڌ ۾ اچن ٿا. ھڪ سنڌ ھڪ سنڌي قوم
ذوالفقارعلي / گھارو