13/01/2026
ٽنڊو قيصر ۾ نوتن جي دڪان اڳيان روزانو جيڪو منظر ڏسڻ ۾ اچي ٿو، اهو دل کي ڇهندڙ به آهي ۽ سوچي ۾ وجھندڙ به 🐄🐃
ڳئون هجن يا مينهون ، بي زبان جانور روز اچي بسّا کڙ کائيندا رهن ٿا، ۽ نوتن مجال آهي جو ڪڏهن به انهن کي ڀڄائڻ جو سوچي به!
هي ڪا هڪ ڏينهن يا ٿوري وقت جي ڳالهه ناهي، پر سالن کان نوتن خاموشي سان انهن جو خيال رکندو اچي ٿو. نه ڪا شڪايت، نه ڪا ٿڪاوٽ، بس دل جي همدردي.
جيسي تائين ڌراڙ پاڻ نٿو اچي، نوتن جي دڪان انهن بي زبانن لاءِ ڄڻ هڪ پناهگاهه بڻيل رهي ٿي
اهڙي انسانيت، اهڙي رحم دلي، اڄ جي خودغرض دور ۾ واقعي ناياب آهي