Shabrani umeed

Shabrani umeed سوشل ورڪر

01/05/2024
22/04/2023

درگاه حسين آباد قمبر شريف

22/04/2023
22/08/2022

ڳوٺ غلام علي شابراڻي ۾ برسات تباهي ڪري ڇڏي ڪافي ماڻهون لڏا کڻي ويا باقي مالوند ماڻهوَن اتي فاٿل آھين ھئنر تائين ڪنهن ب واھر ن ڪئي اسان اپيل ٿا ڪيون ڊي سي قمبر شھدادڪوٽ مختيارڪار قمبر۽ غيبي نواب سردارخان چانڊيو صاحب کي ت مھرباني ڪري باقي رھيل غريبن جي مدد ڪن گھر مڪمل تباه ٿي ويا آھين ساريالو فصل ختم ٿي ويو مھرباني ڪري اسان جي باقي رھيل ماڻھن جي مدد ڪيو

سونهن نوري هئي  ذات  ڇا  نام ،ڇا،عشق ڪينجهر هيو ڄام ڇا ڄار  ڇا..
14/01/2022

سونهن نوري هئي ذات ڇا نام ،ڇا،

عشق ڪينجهر هيو ڄام ڇا ڄار ڇا..

جڏهن هو مُسڪرائي مون ڏانهن ڏسندو آهي،غم جو قصِو اُتي هي ختم ٿي ويندو آهي❤❤
14/01/2022

جڏهن هو مُسڪرائي مون ڏانهن ڏسندو آهي،
غم جو قصِو اُتي هي ختم ٿي ويندو آهي❤❤

me
15/08/2019

me

Me
23/12/2018

Me

02/10/2018

Copied..
شاعريءَ کان وانجھيل نظم

ميراحمد مير

”مانيءَ“

روز صبح جو،
ھڪڙي ڪولھڻ،
ڳوٺ سڄي مان ڇيڻا ميڙي،
پنھنجي گھر جي،
چُلھ دُکائي،
ٻچڙن جي لئہ چانھ ڪري ٿي،
ٻچڙا چُلھ جي ٻاھريان ويھي،
ڌرتيءَ تي ڪي ليڪا پائي،
مانيءَ ماني راند رھن ٿا!
منھنجي مانيءَ،
تنھنجي مانيءَ،
مانيءَ رب جي،
مانيءَ سڀ جي،
مانيءَ جي آ رب جي پوءِ،
ماني جي آ سڀ جي پوءِ،
پاڻ بکيا ڇو آھيون جڳ ۾؟
لِيڪن لِيڪن ۾ ھو پنھنجي،
ڳوٺ سڄي جو نقشو ٺاھي،
مانيءَ جو ٿا پير کڻن !
اوڀر طرف وڏيري جو گھر،
اتر کان ھڪ مندر آھي،
اولھ کان آ جامع مسجد،
مرشد جي درگاھ ڏکڻ کان،
روز ھلي ٿو لنگر جاٿي،
پاڻ پليت جُڳن کان آھيون،
مرشد جا ھي خاص خليفا،
لنگر بدران لٺيون ڏيندا،
ساڳئي دڳ سان اڳتي وڌندي،
مسجد جي در وٽ پڄن ٿا،
مسجد اندر ويٺل مُلان،
ڏسندي ھڪڙي رڙ ڪري ٿو،
ڪون ڏسو ٿا ڪافر ڇورا !
مسجد آھي گھر خدا جو !
توھان ست پيڙھياتا ڪافر،
مشرڪ آھيو منڪر آھيو !
جلدي پنھنجو پيرو ڊاھيو،
بڇ خطابين کي نہ ڏيان مان،
ٻارن اُڀ ڏي ڏسندي سوچيو،
يا رب !
ڇا ھي تنھنجو گھر آ،
يا مُلان جو..؟
ساڳيو پير کڻي ھو پھتا،
مندر جي دروازي تي،
مندر ۾ پرساد ھلي پيو،
اندران ھڪڙو ٻائو آيو،
در تي بيھي کين چوي ٿو،
ڇو ڙي ڇورا روز اچو ٿا؟
نيچ، ڪمينا، چور، او ٺڳلا،
اندر مورتين کي پاتل سونا زيور آھن،
سي چورائڻ آيا آھيو !
ھاڻ ڀڄو ٿا؟
يا ٿاڻي تي مان فون ڪيان،
ساڳيون پير کڻي ھو پھتا،
عاليشان وڏيري جي گھر،
گھر جي در تي بيٺل واٺا،
دڙڪا ڏيئي موٽائن ٿا،
ڇڙٻون سھندي ٻارن سوچيو !
مانيءَ پاڻ کي ملڻي ناھي،
ھا پر ھڪ طريقو آھي،
وڙھندي مانيءَ وٺڻي پوندي،
پاڻ تہ آھيون ھيڻا ماڻھو،
ويڙھ وڙھڻ لئہ،
آ ست ضروري،
ست جي لئہ آ،
ڀت ضروري،
ٻارن جون سڀ ڳالھيون ٻڌندي،
جيجل لِيڪن کي ڊاھيندي،
ٻارن کي ڳل لائي ٿي،
مانيءَ جي ھن راند سڄي ۾،
مانيءَ آخر ھارائي ٿي ۽،
بُک ٻچن کي کائي ٿي..!!

good marning
02/10/2018

good marning

Address

Qambar

Telephone

+923063400999

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Shabrani umeed posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Category