Social media Pakistan

Social media Pakistan ♥️پاکستان 🇵🇰💝🇵🇰کا مطلب کیا♥️
🌹♥️لاالہ الااللہ محمد رسول ❤️🌹
💐💝صلی اللہ علیہ وآلہ وسلم💝💐
🇵🇰🇵🇰پاکستان♥️ زندھ آباد 🇵🇰🇵🇰

پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سکر ڊويزن جو اجلاس جي پرنٽ ميڊيا ڪوريج
01/09/2026

پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سکر ڊويزن جو اجلاس جي پرنٽ ميڊيا ڪوريج






01/09/2026

سکر جي سياسي ميدان ۾ وڏي وقفي کانپوء فنڪشنل ليگ جي انٽري ، فنڪشنل ليگ جي صوبائي اڳواڻ سيد شفقت علي شاھ جي رھائشگاھ تي سکر ڊويزن جي عهديدارن جو اجلاس .
سنڌ جي ورھاڱي جي ھر فورم تي مخالفت ڪرڻ جو اعلان ، سکر ڊويزن سميت پوري سنڌ ۾ تنظيم سازي ۽ ميمبرشپ جي شروعات ، تمام جلد ڊويزنل سطح تي جلسه ڪرڻ جو اعلان .

01/09/2026

سکر جي سياسي ميدان ۾ وڏي وقفي کانپوء فنڪشنل ليگ جي انٽري ، فنڪشنل ليگ جي صوبائي اڳواڻ سيد شفقت علي شاھ جي رھائشگاھ تي سکر ڊويزن جي عهديدارن جو اجلاس .
سنڌ جي ورھاڱي جي ھر فورم تي مخالفت ڪرڻ جو اعلان ، سکر ڊويزن سميت پوري سنڌ ۾ تنظيم سازي ۽ ميمبرشپ جي شروعات ، تمام جلد ڊويزنل سطح تي جلسه ڪرڻ جو اعلان .


01/09/2026
30/08/2026
سکر پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سکر ڊويزن جي مانيٽرنگ آرگنائيزر سيد شفقت شاهه، ڪامريڊ نثار ابڙو ۽ انجنيئر عبدالڪريم شر جي صد...
30/08/2026

سکر
پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سکر ڊويزن جي مانيٽرنگ آرگنائيزر سيد شفقت شاهه، ڪامريڊ نثار ابڙو ۽ انجنيئر عبدالڪريم شر جي صدارت هيٺ سکر ڊويزن جي ضلع خيرپور، سکر ۽ گھوٽڪي جي ضلعي توڙي تعلقا تنظيمن جي صدرن ۽ جنرل سيڪريٽرين جو اهم تنظيمي اجلاس سيد شفقت شاهه جي رهائشگاهه سکر ۾ منعقد ٿيو

اجلاس دوران پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي تنظيمي معاملن، يونٽس جي تنظيم سازي ۽ پارٽي کي وڌيڪ منظم ۽ فعال بڻائڻ بابت تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سکر ڊويزن جي سمورن ضلعن ۽ تعلقن ۾ تنظيم سازي جو عمل جلد کان جلد مڪمل ڪري 15 سيپٽمبر تائين تنظيمي عهديدارن جون لکت ۾ مڪمل لسٽون صوبائي قيادت کي جمع ڪرايون وينديون

اجلاس ۾ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ضلع خيرپور جي جنرل سيڪريٽري شاهِدالرسول چيما، سينيئر نائب صدر رئيس شهباز خان راڄپر، ضلع سکر جي صدر فقير عنايت الله ٻرڙو، جنرل سيڪريٽري مير اعجاز احمد ٽالپر، ضلع گھوٽڪي جي جنرل سيڪريٽري فقير اربيلو منگريو، ايم ايس ايف ايف جي صوبائي نائب صدر ارباب احمد عباسي، مسلم ليگ فنڪشنل ليبر ونگ ضلع خيرپور جي صدر علي شير خاصخيلي، ليڊيز ونگ ضلع خيرپور جي اڳواڻن آدي فريدا تمراڻي،آدي وسندي خاتون چنا ۽ ليڊيز ونگ صدر تعلقه صوڀوديرو جي شبانا ناز شيخ شرڪت ڪئي

ان کان علاوه تعلقا ٺري ميرواهه جي صدر امير طارق حسين ڪٻر ۽ جنرل سيڪريٽري محمد بخش دستي، تعلقا خيرپور جي صدر حاجي عبدالغني ڦلپوٽو ۽ جنرل سيڪريٽري عبدالجبار ٽڳڙ، تعلقا گمبٽ جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ نادر حسين ناريجو، تعلقا سوڀوديرو جي صدر وڏيرو علي ڏنو منگي ۽ جنرل سيڪريٽري سيد وقار علي شاهه، تعلقا ڪنگري جي صدر مير ممتاز ٽالپر ۽ جنرل سيڪريٽري سردار نديم حيدر چنا، تعلقا ڪوٽڏيجي جي صدر حاجي عزيز الله گوپانگ ۽ تعلقا نارو جي آرگنائيزر منور علي سهتو پڻ اجلاس ۾ موجود هئا

اجلاس ۾ شمس الدين شر، صابر حسين مهيسر، محمد اقبال موريجو، الاهي بخش چنا، راشد علي راڄڙ، حاجي منڱڻهار حر، عزيز سهتو ۽ فقير ڪاشف پهوڙ سميت سکر ڊويزن جي مختلف ضلعن ۽ تعلقن جي صدرن، جنرل سيڪريٽرين ۽ ٻين تنظيمي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

اجلاس جي آخر ۾ اڳواڻن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي تنظيم کي هيٺين سطح تائين وڌيڪ مضبوط، فعال ۽ منظم بڻائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون تيز ڪيون وينديون ۽ صوبائي قيادت جي هدايتن موجب تنظيم سازي جو عمل مقرر وقت اندر مڪمل ڪيو ويندو

اسلام آباد (رپورٽ: خلجي) حرجماعت جي روحاني پيشوا، مسلم ليگ فنڪشنل ۽ جي ڊي اي جي سربراھ پير سائين پاڳاري جي صاحبزادي سيد ...
09/04/2026

اسلام آباد (رپورٽ: خلجي) حرجماعت جي روحاني پيشوا، مسلم ليگ فنڪشنل ۽ جي ڊي اي جي سربراھ پير سائين پاڳاري جي صاحبزادي سيد محمد راشد شاھ اسلام آباد پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان جي ڏاڏي ۽ موجوده پير سائين پاڳاري جو اندازِ سياست مختلف آهي، پر مقصد هميشه قوم ۽ ملڪ جي خدمت رهيو آهي. هن سورهيه بادشاهه جي قربانين کي ياد ڪندي چيو ته هو آزاديءَ جا شهيد هئا، انگريزن کان اها پڇاڻا ڪئي وڃي ته سندن جسدِ خاڪي ڪٿي دفن ڪيو ويو آهي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ان ڳالهه جو مطالبو ڪري. سيد محمد راشد شاه چيو ته جڏهن به مسلمانن تي ڪو ڏکيو وقت آيو آهي، پاڳارا خاندان هميشه مسلمانن جي حقن لاءِ وڙهندو رهيو آهي. موجوده صورتحال تي ڳالهائيندي هن چيو ته پير پاڳاري صاحب وقت جي يزيد جي مذمت ڪندي ايران جي حمايت ڪئي آهي، جيڪو اسان جو اصولي موقف آهي. سنڌ جي صورتحال تي سخت خدشن جو اظهار ڪندي هن چيو ته اڄ سنڌ ۾ ڪنهن جي به زمين محفوظ ناهي. هن الزام هنيو ته ايوانِ صدر ڪراچي ۾ پلاٽن تي قبضا ڪري رهيو آهي ۽ سڄو سسٽم پئسن جي بنياد تي هلي رهيو آهي، رشوت کان سواءِ ڪو به ڪم نٿو ٿئي. پنهنجي مستقبل جي سياسي حڪمت عملي بابت راشد شاه راشدي اعلان ڪيو ته پاڳاري جو اولاد هاڻ صرف سنڌ تائين محدود نه رهندو، بلڪه پنجاب جي مظلوم عوام جو ڪيس پڻ وڙهندو. هن چيو ته پنجاب ۾ به جلد پارٽي جون آفيسون ۽ مدرسا قائم ڪيا ويندا. آخر ۾ هن عزم ظاهر ڪيو ته اسين حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيندا رهنداسين ۽ ڪنهن به دٻاءُ هيٺ نه اينداسين.

08/04/2026

پاکستان مسلم لیگ فنکشنل سندھ کے سیکریٹری جنرل سردار عبد الرحیم نے کہا ہے کہ پاکستان مسلم لیگ فنکشنل کے رہنما سید محمد راشد شاہ کی سیاسی سرگرمیاں خوش آئند ہیں کی کی جی ڈی اے اور فنکشنل لیگ ایک دوسرے کا حصہ ہیں جہاں تمام فیصلے پیر صاحب پگارا مشاورت سے کیے جاتے ہیں
#

Address

Pano Aqil

Telephone

+923029417468

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Social media Pakistan posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category