Manthar Solangi Yadgar Academy

Manthar Solangi Yadgar Academy سنڌ جي نامياري ارڏي ۽ بيباڪ شاعر اديب منٺار سولنگي جي ش?

15/04/2026

منٺار سولنگيءَ جي ڪتاب آئون اڪيلو راهن ۾ مان کنيل غزل
گڏ هيا جي قافلا گم ٿي ويا - راھ ۾ سڀ راهنما گم ٿي ويا
Manthar Solangi Yadgar Academy

24/02/2026

تنهنجي يادن جا منظر سڀ ڌنڌلا مون کي ڀاسن ٿا (منٺار سولنگي جي شاعري جي ڪتاب آئون اڪيلو راهن ۾ مان ورتل شاعري) جان رائيٽس منٺار سولنگي اڪيڊمي جي طرفان پيش ڪري رهيو آهي

23/02/2026

ڏاڍو آ اڳتي پورب تنهنجو پنڌ - آئون ٿڪجي پيو هان (شاعري منٺار سولنگي) سليم رضا سولنگي جي آواز ۾
Manthar Solangi Yadgar Academy

23/02/2026

تنهنجي مک جو تر جانان - منهنجو آ دلبر جانان (شاعري: منٺار سولنگي) ڪاشف منٺار سولنگي جي آواز ۾
Manthar Solangi Yadgar Academy

*سنڌ جي ادبي دنيا جو وڏو نانءُ منٺار سولنگي*سنڌي ادب ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ ۽ شاخ نئون ديرو جي مسلسل جدوجهد ۽ اڻ کٽ تحريڪ ...
18/01/2026

*سنڌ جي ادبي دنيا جو وڏو نانءُ منٺار سولنگي*

سنڌي ادب ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ ۽ شاخ نئون ديرو جي مسلسل جدوجهد ۽ اڻ کٽ تحريڪ جو وڏو نانءُ سنڌ جي بهترين نامياري شاعر، اديب ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري منٺار سولنگي جي وڇوڙي کي 15 ورهيه گذري ويا. اڄ سندس 15 هين ورسي آهي ۽ اڄ جو ڏينهن زندگيءَ جي اهڙن ڪارن ڏينهن مان آهي جنهن ڏينهن اسان کان اسان جو رول ماڊل، استاد ۽ زندگيءَ جي هر موڙ تي ڀرجهلو ۽ حوصلا افزائي ڪندڙ ڇپر ۽ ڇانو کسي ورتو. سندس وڇوڙي واريون نه وسرندڙ گهڙيون جڏهن به ياد اينديون آهن ته اندر اجهامي پوندو آهي. منٺار سولنگي پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌي قوم جو درد، سنڌ ڌرتي، سونهن، سميت مختلف موضوعن کي پنهنجي شاعري ذريعي خوبصورت انداز ۾ بيان ڪيو آهي.

*هي ليڊر نام جا ليڊر ٿي تقرير نه ڏس ڪردار کي ڏس،*
*هي چاهين ٿا مدهوش رهون ۽ ڇوري بنگلو ڪار هجي،*
*تاريخ ته سچ کي سچ چوندي ۽ ڪوڙ کي چوندي ڪوڙ سدا،*
*تاريخ نه بخشو ڪنهن کي ڪڏهن ڀل جاني يا منٺار هجي.*

*دل ٿي چاهي سنڌ جو ماتم ڪيون ۽ سڀئي پنهنجون اکيون آگم ڪيون*

*پاڻ ۾ گڏجي هلئون سڀ ڇو نٿا، ٿورو ان تي مشورو باهم ڪيون*

*هن ته آدم ڀونءِ ئي ڀيلي ڇڏي، ڇو نه پيدا نئون وري آدم ڪيون*

*بيوفا تون اي پرين مُنڍ کان هئين، بيوفائيءَ جو سندءِ ڇا غم ڪيون*

*لوڪ هي حيران ٿي پو ٿو پڇي، ڪيئن اکيون منٺار هن پُرنَم ڪيون*.

منٺار سولنگيءَ جو شاگردي دور کان وٺي ادل سومرو جي لکڻين سان وڏو چاهه هوندو هو جنهن ڪري هن ادل تي تمام گهڻو پڙهيو ۽ تحقيق ڪئي. منٺار سولنگي پنهنجي ايم اي سنڌيءَ ۾ ادل سومرو تي مونو گراف لکيو جيڪو گذريل سال پڌرو ڪيو ويو. سندس وڇوڙي بعد منٺار سولنگي اڪيڊمي جو قيام رکيو ويو جنهن پاران سندس وڇوڙي بعد شعري مجموعو ”آئون اڪيلو راهن ۾“ ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو. اڪيڊمي سندس رهيل ڪتابن کي پڌرو ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. منٺار سولنگيءَ پاران پنهنجي حياتيءَ ۾ قائم ڪيل لائبريري جيڪا اڄ به قائم ۽ دائم آهي. ان لائبريري ۾ ڪتابن سان گڏ آڊيو، وڊيو ڪيسيٽس ۽ پراڻي دور جا آڊيو رڪارڊز پڻ لائبريري ۾ محفوظ آهن. منٺار سولنگي پنهنجي لائبريري ۾ جن دوستن سان خط و ڪتابت ڪندو هو انهن کي به سهيڙي محفوظ ڪري رکندو هو. منٺار سولنگي جا پنهنجي حياتيءَ ۾ ٻاراڻي شاعريءَ تي مشتمل ڪتاب ”آئون به جيڪر پڙهڻ وڃان ها“ ۽ نئون ديرو جي تاريخ بابت نئون ديرو هسٽاريڪل سوسائٽي پاران ”نئون ديرو نوان ۽ پراڻا پرق“ به اڳ ئي مارڪيٽ ۾ موجود آهن. منٺار سولنگي پنهنجي شاعريءَ ۾ نثر، غزل، بيت، وائي ۽ ٻين صنفن تي زبردست ڪم ڪيو جيڪو سندس ڪتاب ۽ لکڻين مان ظاهر آهي. هن ادبي دنيا ۾ ننڍپڻ يعني پنهنجي شاگردي واري دور کان ئي ڀرپور نموني حصو ورتو. سندس شاگردي واري دور ۾ گل ڦل ۽ ٻين ٻاراڻن ڪتابن ۾ لکڻيون ڇپيل آهن جنهن تي کيس ڀرپور پذيرائي پڻ ملي. شاگردي دور کان سندس دوستي علمي، ادبي ماڻهن سان رهي جن سنڌي ادب جا ڪيترائي وڏا نالا شامل آهن. منٺار سولنگي آثم ادبي سنگت جو بنياد رکيو جنهن کي اڳتي هلي سنڌي ادبي سنگت شاخ نئون ديرو ۾ تبديل ڪيو، ايئن هو سنڌي ادبي سنگت شاخ نئون ديرو جو باني پڻ هو. هن ٻارن جي دنيا ادبي سنگت، سگا ۽ سنڌي ادبي سنگت مرڪز ۾ پڻ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. منٺار سولنگي سنڌي ادبي سنگت شاخ نئون ديرو جي پليٽ فارم تان نئون ديرو شهر ۾ وڏا تاريخي پروگرام ڪرايا جنهن ۾ ساڃاهه ۽ سرت ڀري سانجهه يادگار طور ليکيو ويندو آهي جنهن ۾ هن سنڌ جي شاعرن، اديبن ۽ وڏن اسڪالرن کي نئون ديرو ۾ گڏ ڪيو ۽ رسول بخش پليجو جو ليڪچر ڪرائڻ سان گڏ سنڌ جي مختلف وڏن شاعرن، اديبن سان رهاڻيون پڻ رچايون جيڪا هڪ تاريخ آهي. منٺار سولنگيءَ جي علمي، ادبي پورهئي کي عوام آڏو آڻڻ لاءِ منٺار سولنگي اڪيڊمي پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪم ڪري رهي آهي. منٺار سولنگيءَ 15 جون 1967ع تي نئون ديرو جي ذرخيز مٽيءَ ۾ غلام مرتضيٰ سولنگيءَ جي گهر ۾ اک کولي، هن شروعاتي تعليم نئون ديرو شهر جي پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪئي ۽ هن وقت جي گورنمينٽ بوائز هاير سيڪندري اسڪول نئون ديرو ۾ هن ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. منٺار سولنگي پيشي جي لحاظ کان روينيو کاتي ۾ تپيدار رهيو. ان دوران هن زندگيءَ جا وڏا لاها چاڙها ڏٺا جنهن ۾ ڌاڙيل کيس رتوديرو - نئون ديرو روڊ تان اغوا ڪري ويا ۽ 4 مهينن کان وڌيڪ ڊگهو عرصو هو ڌاڙيلن جي چنبي ۾ اذيتون ڀوڳيندو رهيو جنهن سفر ۾ ايم آر ڊي تحريڪ جو ڪنوينر ڪامريڊ حسين بخش ناريجو پڻ ساڻس گڏ هيو. منٺار سولنگي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو جوائنٽ سيڪريٽري طور خدمتون سرانجام ڏنيون ان دوران سيڪريٽري جنرل ادل سومرو سان گڏجي هن ادبي سنگت جي واڌاري ۽ ترقي لاءِ تمام وڏو ڪم ڪيو جيڪو ادبي سنگت جي تاريخ ۾ سونهري دور پڻ ليکيو ويندو آهي. منٺار سولنگي 18 جنوري 2011ع تي هو اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو ۽ اڄ سندس 15 هين ورسي جو ڏينهن آهي. اڄوڪي ڏهاڙي تي سندس خدمتن کيس خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. منٺار سولنگي پنهنجي نالي جيان من ٺار هو. هن جي شخصيت کان تمام گهڻا ماڻهو متاثر هوندا هئا ۽ سندس مهمانوازي جو مثال اڄ به ادبي حلقن ۾ ڏنو ويندو آهي. منٺار سولنگي جي اوطاق اڄ به آباد آهي جتي اڄ به علمي، ادبي حلقن جا وڏا ميڙ گڏ ٿيندا آهن ۽ وڏيون ويهڪون ٿينديون آهن. ان اوطاق تي شاعر، اديب، دانشور، شعور وند ماڻهو اڄ به ائين ئي گڏ ٿيندا آهن جيئن سندس زندگيءَ ۾ گڏ ٿيندا هئا.

سنڌي ادبي سنگت جو ناميارو شاعر اديب منٺار سولنگي يوسف سنڌي، غلام نبي ناشاد، روشن جوڻيجو ۽ ٻئي سنگت سان گڏ پروگرام ۾ شريڪ...
19/10/2025

سنڌي ادبي سنگت جو ناميارو شاعر اديب منٺار سولنگي يوسف سنڌي، غلام نبي ناشاد، روشن جوڻيجو ۽ ٻئي سنگت سان گڏ پروگرام ۾ شريڪ آهن

رکيل مورائي ۽ محمد علي ماجد پاران سنڌ جي نامياري شاعر منٺار سولنگي جي نئين مارڪيٽ ۾ آيل ڪتاب جديد سنڌي شاعريءَ ۾ ادل سوم...
16/03/2025

رکيل مورائي ۽ محمد علي ماجد پاران سنڌ جي نامياري شاعر منٺار سولنگي جي نئين مارڪيٽ ۾ آيل ڪتاب جديد سنڌي شاعريءَ ۾ ادل سومري جو حصو ۽ ادبي منٺار جي محمد علي ماجد کي لکيل خط بابت لکيل تفصيلي مضمون

Address

Naudero

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Manthar Solangi Yadgar Academy posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Category