Shanker Sagar Writes

Shanker Sagar Writes This page belongs to the collection of poet Shanker Sagar who belongs to Tharparkar Sindh.

14/09/2024

شنڪر ساگر
نئين غـزل جي مطلع اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿي.

ڪارونجهر ھي سرڳ سمان سھڻو ھڪ سنسار آ،
پوڄا لائق پٿـــــــــــــــرن جو ڪونه ڪبو واپار آ.

27/07/2024

بيت
شنڪر ساگر
(1)
وري ڪـــــــــــــنهن جي ياد، کڻي آيو مينهن،
ننڍپڻ وارو نينـــــــــــهن، پلڻ سان پلجي نٿو.
(2)
ڪارا ڪڪر بانورا، بيهجـــــــــــان ٿوري دير،
ڇمڪائيندي ڇير، ڄـــــــاڻ ته آئي سانوري.
(3)
اوھان بن برســـــــــــات ۾، ناھي ڪوئي مزو،
جيڪر ســاڻ ھجو ، مند مھڪي پئي پرين.
(4)
مينهن تنــــــــهنجي ھڪڙي ، ھوندي آ موسم،
سرتي جو آ قسم، چـــارئي مندون چاھ جون.
(5)
کلڻ تنهنجو او مٺيءَ، کنوڻن جــــــو ڄڻ کيل،
بدن اٿئي بانوري ، رٗتن جــــــــــــــو رابيل،
وسڪاري ۾ ھيل ، اچ ته ڀڄون ڀـــــــاڪرين.

03/07/2024

غزل
شنڪر ساگر

دل جي مند جـــــــــهڙالي آھي،
ھن جي اک جو آلـــــــــــي آھي.

ياد جا بادل برســــــــــــيــا آهن،
جام ھٿن ۾ خـــــــــــــــالي آھي.

تون ٿي سوچين تنهنجو ناھيان،
تنهنجي خام خـيالي آھي.

توسان گهاريل شامن جي بس،
ڳوڙھن ڪئي رکوالي آھي.

توکي ئي من چئي سـگهجي ٿي،
مون جا حـــــسرت پالي آهي.

ســـــــاگر توڙي سولو آ پر،
تنهنجي در جو ســـــــــوالي آھي.

مون سان توڙي منهنجي شاعري سان پيار ڪندڙ پيارن جي خواهش تي ھي نئون نظم لکيو اٿم ، اميد آھي ته اوھان جي آس کي نراس نه ڪندو
14/06/2024

مون سان توڙي منهنجي شاعري سان پيار ڪندڙ پيارن جي خواهش تي ھي نئون نظم لکيو اٿم ، اميد آھي ته اوھان جي آس کي نراس نه ڪندو

08/06/2024

غزل شنڪر ساگر مون کي ھاڻ وساري ڇڏجان، دل جا در تون واري ڇڏجان.

پاڻ ملئون جي ڪنهن موقعي تي.
ڌارين جيئن کيڪاري ڇڏجان.

گذرين جي تون منهنجي گهر کان، نفرت سان نيھاري ڇڏجان.

منهنجي ڳالھ ڪري جي ڪوئي، ڀر مان ڀل تون اۡٿاري ڇڏجان.

عيدن ۽ تهوارن تي دل، سارڻ چاھي ساري ڇڏجان.

عشق، محبت جون ڪي رمزون، ساگر کي سيکاري ڇڏجان.

27/05/2024

غزل شنڪر ساگر
تنهنجو پيار منهنجو سرمايو آ، مون جڳ ۾ خوب ڪمايو آ.

ھۡو تيئن تيئن آئي ياد گهڻي، مون جيئن جيئن ھۡن کي ڀلايو آ.

لٿي شام وڇوڙي جي دل تي، مون جام جام تي لڳايو آ.

منهنجو نانءۡ کنيو ڪنهن محفل ۾، تو ھڪدم ڇو گهٻرايو آ.

تنهنجي ياد جي ھر طوفان مٺي، مون کي ننڊ ڪچي مان اۡٿاريو آ.

ڇا اولھ کان سج آڀريو آ، اڄ ساگر کي تو سڏايو آ.

منهنجي شاعري جو ٻيو ڪتاب” جڏھن ساگر سُر ڇيڙيا“ سامروٽي پبليڪيشن پاران جلد مارڪيٽ ۾ اچڻ وارو آھي، جنهن جو مهاڳ سنڌي غزل ج...
04/05/2024

منهنجي شاعري جو ٻيو ڪتاب” جڏھن ساگر سُر ڇيڙيا“ سامروٽي پبليڪيشن پاران جلد مارڪيٽ ۾ اچڻ وارو آھي، جنهن جو مهاڳ سنڌي غزل جي خوبصورت شاعر اياز رضوي روح سان لکيو آھي، جڏھن ته بيڪ ٽائيٽل تي سنڌ جي شاھوڪار شاعر ايوب کوسي ۽ سنڌ جي سريلي راڳي رجب فقير مون تي پنهنجي محبتن مان بي مثال ۽ قيمتي رايا لکيا آھن.
مون کي اُميد آهي ته منهنجو هي قلمي پورهيو اوهان مانائتن پڙهندڙن وٽان ضرور محبتون ماڻيندو.

05/04/2024

غزل شنڪر ساگر

زندگي جا سڀ مزا ماڻي وٺو، شام ٿي آ جام ڪي ھاڻي وٺو.

ھردفعي معافيون تلافيون او مٺيءَ، موڪلائڻ جي نه ائين ٽاڻي وٺو.

درد جي ھي رات ڪيڏي سرد آ ،
ڪنهن جي يادن جي سوڙ تاڻي وٺو.

زور ڀربو ناھي ڪنهن کي مڌ جو، جيترو چاھيو اوھين پاڻھي وٺو.

حسن جي آ حڪمراني مختصر .
ڄاڻي وٺو، ڄاڻي وٺو, ڄاڻي وٺو!

رنگ محفل ۾ اگر ڀرڻو اٿئو ، پنهنجي ساگر کي ڪٿان آڻي وٺو.

Address

P. O Mithi
Mithi

Telephone

+923332513753

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Shanker Sagar Writes posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Establishment

Send a message to Shanker Sagar Writes:

Share

Category