Poet Tanaha Motyani

Poet Tanaha Motyani من مالھي خوشبوء کان خالي
حالي ھا جي آھيان!........خالي
ت،م
(ڊاڪٽرياڻي)
(1)

 #نظم مالھڻور جي پٽن تي ھِن،آڙنگ جيان اکيون کُتل..!!اک منهنجي حسرت مان،ڏسي ٿي ڏُور منظر،آنچل جي آڌار تي آئون،ڪٽيا پيو سُ...
11/08/2026

#نظم


مالھڻور جي پٽن تي ھِن،
آڙنگ جيان اکيون کُتل..!!

اک منهنجي حسرت مان،
ڏسي ٿي ڏُور منظر،
آنچل جي آڌار تي آئون،
ڪٽيا پيو سُور اندر،
آنچل منهنجي اکين ۾ ،
سُرمئي جيان آ سُموئيل،
ڀاونائون ڀونر وانگيان،
اُڏامن ٿيون مالھڻور ۾،
من منھنجو مختصر،
مُسافر آ مالھڻور ۾،
گھرن کان دُور آھي،
ڏوھر ۾ کُوھ ھڪڙو،
سرتين سان ھو سراسر،
اُڏائي ھوا ۾ آنچليو..!
اچي ٿِي پاڻ آنچل،
مالھڻور جي مَڙھي ۾،
سجُھي ٿِي سيم ھڪڙي ،
بيٺل آ وڻ وڍي تي ڊگھو ،
تِن جي ڇانوَ ھيٺيان،
کلياسين خُوب ٻئي ڄڻا،
ميڙي ٺِڪريون دِلنَ جيون،
رَمي سين دري راند آنچل،
چيو تو ھو ساري عمر
رھندو پنھنجو ساٿ آنچل،
وقت جي تراٽ تي پيار جا،
اُڏامي ويا اندر جا پنڇي،
خوف مان ڳوٺ ڇڏي،
ويٺس شھر ۾ سائين!!
سراسر سنگنل چاھت جا ،
مُڪمل موضوع رھيا مون ۾،
ڦري وقت ويو آ ھاڻي،
ساڻ تون به وئين ڦِري،
سچي منهنجي ڪھاڻي،
سگھي ڪونه محبت ماڻي،
آخر اچي فنڪشن ۾ سماڻي،
آسرن جا ڪڪر اُڀ تي،
ڏني گواھي اِھا ھئي آنچل،
سواءِ توبن سانوڻ سَويلو،
ڪَري ڳوڙو ڪونه ايندو ،
آڪاش شفاف ٿي ويو آ،
ٻڌُي دانھن منهنجي آنچل،
مالھڻور ۾ دل مُنهنجي،
مچي ڪونه مانھد ھئي،
ڏٺو جنھن ڏينھن کان توکي،
سراسر ويو آ چين فٽي،
سدائين اُلڪو رھيو تنھنجو ،
نشو الڪوحل جيان ذھن ۾،
ڄمي وئي جيءُ ۾ برف مثل،
جڙي بناوت وئي اندر ۾ تون،
مُحبت جو ٽينٽ لڳايو تو،
دل جي واڌي تي آنچل،
قسم ڪي کنيائين، توکان..
دُور منهنجي دنيا ناھي،
ازل ۽ ابد توساڻ آئون،
تو ۾ ڪائنات منهنجي،
ڪھڪشائن کان وَڌ،
ڏنيون تو آٿتون مُون کي،
وسارڻ تو کي جانان..!
مرڻ سريکو آئون ڀانيان،
مُحبت تنھنجي ۾ پاڳل،
آنچل آئون ئي آھيان..!!
سواءِ توبن سڃو مٺي ۾،
آنچل آئون ئي آھيان...!!

 #نظم  دل ٿِي چاھي گڊي تي وڃان،ڇاڇري ڏي ٿوري نظر ڏيان،۽ پوءِ ڀل آئون مريو وڃان،ويجھن کان ڏاڍو ڏور ھجان،ٿورو کلان ۽  گھڻو...
18/07/2026

#نظم


دل ٿِي چاھي گڊي تي وڃان،
ڇاڇري ڏي ٿوري نظر ڏيان،
۽ پوءِ ڀل آئون مريو وڃان،

ويجھن کان ڏاڍو ڏور ھجان،
ٿورو کلان ۽ گھڻو روئان،
ء شيوليہ مندر ۾ وڃان،
گھنٽي وڄائي دعا گھران،
۽ ھڪڙي آرتي بس ٻڌُان،
خواب ۾ محبوب ڏسان،
صبح جو سوجھرو بس،
۽ ٻيو ننڍڙو ڀاءُ..... ڏسان،
ڇاڇري ڏي ٿوري نظر ڏيان،
۽ پوءِ ڀل آئون مريو وڃان،

ھفتو کن دوستن سان،
رابطي ۾ بس رھان،
دل ٿي چاهي ڳوٺ ۾،
چڪر ھڪڙو ھڻي اچان،
ماءُ کان موڪلائي، ۽
بابا سان کليو اچان،
ڀيڻ کي ٻڌائي سڀڪجهه،
آئون ھميشه لئه ٿو وڃان،
الوداع چئي سڀن کي،
اکين مان لڙڪ آڻيان،
ڳوٺ مان بس پير ڊاھيان،
دور وڃي دفعو ٻيهر،
گھر کي نھاري بس وٺان،
ڇاڇري ڏي ٿوري نظر ڏيان
۽ پوءِ ڀل آئون مريو وڃان،

ڪولھين سان گڏ ڪارونجهر تي،
راسوڙي تي راند ڪُڏيان،
ڀلين سان گڏ ڀوڏيسر ۾،
ڀجن ٻه ٽه ڳائي اچان،
ميگهواڙن جي محنت جو،
محبت ۾ مليو سا تحفو ،
ٽوپي آئون پايو ڇڏيان
ڪجلاسر جي ڪپ مٿي،
يادگيري جي سڀ لمحا،
لکي ڊائريءَ ۾ ڇڏيان،
ڇاڇري ڏي ٿوري نظر ڏيان
۽ پوءِ ڀل آئون مريو وڃان،

ٿر جي واريءَ تي ويهي،
پنهنجا پيرا ڳڻي اچان،
ٻالڪپڻ جون سڀ ڳالهيون،
دل جي دفتر ۾ ورجايان،
سج لٿي جي سانت ۾،
ٿڌڙي هير سان گڏ هلان،
سگريٽ کي جلائي بس،
درد جو پرس کوليان،
ڊگھو کڻي ساھ پوءِ،
ماضي تي ٿورو سوچيان،
پوءِ آئون رويو پوان
ڇاڇري ڏي ٿوري نظر ڏيان،
۽ پوءِ ڀل آئون هليو وڃان.

مٺي ۾ محبوب آ،
بئنڪن جي ڀرسان گھر تن جو،
تن کي آئون ڏسي اچان،
گل تي چمي ڏئي، ۽
ھوٽل تي گڏ چانھ پيئان،
خط ھٿ ۾ ڏئي، ٻيو
نشاني تن کان وٺان،
ھُن جي اکين ۾ هڪ نظر،
عمر ڀر لاءِ بس رکان،
ڪجهه نه چوان، ڪجهه نه گهران،
دل جون دعائون ڏئي وڃان،
مُرڪي ھُن کان موڪلايان،
ڇاڇري ڏي ٿوري نظر ڏيان،
۽ پوءِ ڀل آئون هليو وڃان.

 #غزل   دستور تنھنجو ظالماڻو رد پورو ٿو ڪيان،عمل تي لکـي لانتـــاڻو رد پورو ٿو ڪيان،سالن کان ئي قول ساڳيو بيشرم آ تنھنجو...
30/05/2026

#غزل


دستور تنھنجو ظالماڻو رد پورو ٿو ڪيان،
عمل تي لکـي لانتـــاڻو رد پورو ٿو ڪيان،

سالن کان ئي قول ساڳيو بيشرم آ تنھنجو،
پٽڪي جو ور پارتـــاڻو رد پورو ٿو ڪيان،

ٻول تنھنجا ٻاراڻا ھاڻي سمجھون پيا سڄا،
دوکــو دغــا چــار ٽــاڻو رد پورو ٿو ڪيان،

ڄاڻ کان تو اڻڄاڻ رکيو، قلم ۽ ڪاغذ کان،
ووٽ تي ڏي نلڪو ناڻو رد پورو ٿو ڪيان،

وقت سارو سياڻپ ۾ سورن سندوآ گذاريو،
حق ڦٻائي ٿئين سياڻو، رد پورو ٿو ڪيان،

تنھاموتياڻي ڏسان ٿو آئون اچي ٿو ڪيئن،
لڳائي نعرو وزير ڪـاڻو، رد پورو ٿو ڪيان،

21/05/2026

اکيــن ۾ آگ رکـي چنڊ ڏسان ٿو،
دل اندر درد رکي چنڊ ڏسان ٿو،

21/05/2026

تو کي ڪئين سمجھان ڌار،
من منھنجو مڃي ئي نٿو،

شنڪر ساگر

 #نظم کڻي تون گُل گلي مان، گُذري ٿِي بي وقت جانان!ڀَرِي بازار منجھان، وري وري ٿِي بي وقت جانان!جلائڻ لاءِ تون ڏيئو اندر،...
17/05/2026

#نظم


کڻي تون گُل گلي مان، گُذري ٿِي بي وقت جانان!
ڀَرِي بازار منجھان، وري وري ٿِي بي وقت جانان!

جلائڻ لاءِ تون ڏيئو اندر، وَڃين ٿِي ھر روز مندر،
روئين ٿِي پٿـر سامھون ۽ گُھري ٿِي جيون سُندر،
رَکين ٿـي ورِت وَر لئہ، وَڃين ٿِي بي وقت جانان!
کڻي تون گُل گـلي مان گُذري ٿِي بي وقت جانان!

اُٿي ٿي لــھر انـدر ۾، جوڀن آ جنـگ مُحبت جي،
ھُري ٿي ڳاله اندر ۾ ،وَڄي ٿِي چنگ محبت جي،
پائي پازيب پيـرن ۾، وڃـين ٿِي بي وقت جانان!
کڻي تون گُل گلي مان گُذري ٿِي بي وقت جانان!

اُڏائـي ننڊ نيڻن مان ،اوري ٿـِي احـوال اَســر جا،
ٻڌُين ٿي ٻول ڪوئل جـا، ڳائي ٿي گيت اَسر جا،
ڄاڳائي اڌ پاڙي کـي ، وڃين ٿِي بي وقت جانان!
کڻي تون گُل گلي مان، گُذري ٿِي بي وقت جانان!

نيڻن ۾ نينھن نـرِوار آ ، ننـگو ھي عشق نَچي پيو،
پرين شھر تنھنجـي ۾ تو لاءِ ڪـو پاڳل پَچي پيو،
اُڇلي وچ واٽ نشاني، وڃين ٿِي بي وقت جانان!
کڻي تون گُل گلي مان، گذري ٿِي بي وقت جانان!

********

Address

Mithi
ISLAMKOT

Telephone

+923448399922

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Poet Tanaha Motyani posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category