25/08/2025
سنڌ گورنمينٽ طرفان ملازمن جي پينشن ۽ ڊي آر اي (DRA) تي ڌاڙي خلاف اڄ سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ ملازمن مڪمل طور تي احتجاج ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ گورنمينٽ ھائير سيڪندرري اسڪول مقصودو رند پڻ مڪمل طور بند رهيو. ملازمن جو چوڻ آهي ته پينشن ۽ الائونس تي ڪٽوتي سندن حقن تي حملو آهي، ۽ هو پنهنجن حقن لاءِ جدوجهد جاري رکندا.