16/03/2024
وسايو ڀٽو جي جماعت جو پاڻ ۾ مسجد شريف ۾ مسئلو ٿئي پيو جيڪو هڪ وڏي جڳهڙي جي صورت اختيار ڪرڻ وارو هيو۔ جنهن جو اڄ فيصلو نور مصطفي مسجد شريف رتوديرو ۾ رکيو ويو۔جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جي نيڪ مردن جماعت شرڪت ڪئي۔ڌرين جي ڳالهيون ٻڌڻ کان پوء مسجد شريف جي ڪاميٽي ٺاهي وئي۔ ٻنهي ڌرين کي پاڻ ۾ ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو۔فيصلي ۾ مولانه پير سيد محمود شاه جيلاني۔پیر سید مظفر علی شاہ رتودیرو ۔مولانا محمد حسن جلباڻي طاهري۔قاري واجد علي بروهي۔مولانا غلام نبي ڀٽو۔ديدار علي بوزدار۔مولانا معشوق علي ڀٽي۔۽ ٻين نيڪ مردن شرڪت ڪئي۔