09/05/2026
غزل
حاجي عاطف بوزدار
هجرجي رات روئاري ٿي نٿو سمجهين
اوهانجي تات روئاري ٿي نٿو سمجهين
وڏي ڪنهن بيوسي ۾ ٿو گُذاري هُو
الا حالات روئاري ٿي نٿو سمجهين
رڳوئي درد لهجو آ ڪَوِيتا ۾
غريبي ڏات روئاري ٿي نٿو سمجهين
زماني جا ستم سهبا محبت ۾
جدائي ذات روئاري نٿو سمجهين
ڀلا عاطف سوا تنهنجي جيئڻ ڪهڙو
تنهائي بات روئاري ٿي نٿو سمجهين