Audio Lab

Audio Lab Audio Lab
Music Composer, Singer
Irfan Samo ( CEO Audio Lab Karachi )

سنڌ جي محبوب شاعر، نثر نگار، استاد ۽ ادب جي سچي خدمتگار ڊاڪٽر ادل سومري صاحب کي جنم ڏينهن جون دل سان واڌايون. 🌹ادل سومرو...
14/08/2026

سنڌ جي محبوب شاعر، نثر نگار، استاد ۽ ادب جي سچي خدمتگار ڊاڪٽر ادل سومري صاحب کي جنم ڏينهن جون دل سان واڌايون. 🌹
ادل سومرو رڳو هڪ شاعر جو نالو ناهي، پر سنڌي ادب جي اُن روشن روايت جو نالو آهي، جنهن پنهنجي لفظن سان نسلن کي محبت، شعور ۽ سنڌ سان وابستگيءَ جو احساس ڏنو.
سندس شاعريءَ ۾ محبت جي نرمي، ڌرتيءَ جي خوشبو، انسان جي درد ۽ زندگيءَ جي سچائين جو حسين سنگم ملي ٿو. سنڌي ادب، ٻاراڻي ادب ۽ ادبي سنگت لاءِ سندس ڊگهي علمي ۽ ادبي خدمتون هميشه ياد رهنديون.
سائين ادل سومرو صاحب، اوهان جي لفظن جو سفر اڃا ڊگهو هجي،
اوهان جي قلم جي روشني نسلن تائين پهچندي رهي.
جنم ڏينهن جون لک لک واڌايون، سائين!
دعا آهي ته زندگي اوهان کي صحت، خوشيون ۽ وڌيڪ تخليقي سال عطا ڪري.

جشن آزادي مبارڪ 🇵🇰
14/08/2026

جشن آزادي مبارڪ 🇵🇰

13/08/2026

ادي بختاور منصور جي پهرئين گيت جي رڪارڊنگ بعد استاد منظور سخيراڻي سنندس داد سان گڏ دعا ڏيندي

ڀلوڙ شاعر منصور ميراڻي کي سندس نياڻي بختاور منصور جي آواز ۾ آڊيوليب پاران ڀيٽا طور خوبصورت گيت
"" مان وساريان ڪيئن"" آڊيوليب پاران رڪارڊ ڪيو ويو

13/08/2026

ڀلوڙ شاعر منصور ميراڻي کي سندس نياڻي بختاور منصور جي آواز ۾ آڊيوليب پاران ڀيٽا طور خوبصورت گيت
"" مان وساريان ڪيئن"" رڪارڊ ڪيو ويو

آڊيوليب پاران سنڌ جي قومي  شاعر منصور ميراڻي کي سندس نياڻي، ادي بختاور منصور جي آواز ۾ هڪ خوبصورت گيت رڪارڊ ڪري محبت ڀري...
13/08/2026

آڊيوليب پاران سنڌ جي قومي شاعر منصور ميراڻي کي سندس نياڻي، ادي بختاور منصور جي آواز ۾ هڪ خوبصورت گيت رڪارڊ ڪري محبت ڀري ڀيٽا خانصاحب عرفان سمون جي ميوزڪ ۾ پيش ڪئي وئي آهي.

بختاور منصور پاڻ به هڪ خوبصورت شاعره آهي، پر هن گيت کي ڳائڻ جو مقصد ڪنهن پروفيشنل سنگر طور پاڻ کي پيش ڪرڻ نه، پر پنهنجي والد جي محبت، ياد ۽ ادبي ورثي کي پنهنجي آواز وسيلي خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ آهي. بختاور منصور هن گيت کي انتهائي سادگي ۽ احساس سان ڳايو آهي، ان موقعي آواز جو جافوگر استاد منظور سخيراڻي به موجود هيو جنهن ادي بختاور منصور کي داد سان گڏ پڻ دعا ڏني

هن گيت کي خانصاحب عرفان سمون فوڪ ۽ جديد موسيقيءَ جي خوبصورت سنگم سان ترتيب ڏنو آهي، جنهن گيت جي جذبن ۽ شاعريءَ کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي ڇڏيو آهي.
جڏهن ته هن گيت جي چونڊ ياسر عرفات ۽ زاهد راڄپر ڪئي آهي، جن منصور ميراڻي جي شاعري ۽ سندس فني عظمت کي نئين انداز سان سامعين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
هي رڳو هڪ گيت ناهي، پر هڪ نياڻيءَ طرفان پنهنجي والد کي محبت، عقيدت سان ڀريل ڀيٽا آهي

نوٽ
دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته جڳ مشهور گيت
" جنڊ جڙي , مال ڇڙي , رات کٽي ٿي , الا باک ڦٽي ٿي"
شاعر منصور ميراڻي جو آهي

09/08/2026

باڪمال شاعر علي صفدر جو چاليھو ۽ ريفرنس ۾
استاد منظور سخيراڻي جهونگاريندي

سنڌ جي مانائتي شخصيت، بهترين شاعره ادي بختاور منصور آڊيو ليب ۾ قرب جا قدم ڀري آئي، جنهن لاءِ اسين سندس دل جي گهراين سان ...
06/08/2026

سنڌ جي مانائتي شخصيت، بهترين شاعره ادي بختاور منصور آڊيو ليب ۾ قرب جا قدم ڀري آئي، جنهن لاءِ اسين سندس دل جي گهراين سان ٿورائتا آهيون.

ادي بختاور منصور پنهنجي والد، ڀلوڙ شاعر منصور ميراڻي جو ڪتاب پڻ تحفي طور پيش ڪيو. ان ڪتاب مان هڪ خوبصورت گيت چونڊيو ويو آهي، جيڪو ادي بختاور منصور جي آواز ۾ رڪارڊ ڪري، مرحوم منصور ميراڻي کي ڀيٽا طور پيش ڪيو ويندو.
جيتوڻيڪ ادي بختاور منصور پيشاور فنڪاره ناهي، پر پنهنجي والد جي لکيل گيت کي پنهنجي آواز ۾ ڳائڻ سندس دلي خواهش آهي ۽ اها عقيدت والد سان بي لوث محبتن جو حسين اظهار آهي , ان موقعي تي خانصاحب عرفان سمون , ياسرعرفات ۽ استاد خادم سمون پڻ موجود هيا

ان شاءَ الله، هن هفتي ان گيت جي رڪارڊنگ ڪئي ويندي. اميد آهي ته هي ادبي ۽ موسيقيءَ جي سنگم سان جڙيل ڀيٽا، ادب دوستن جي دلين ۾ پنهنجي الڳ جاءِ ٺاهيندي.

05/08/2026

سڄي سنڌ ٿيندي پڪارون ✋
قومي راڳي اسلم تنيو
شاعر ڪرشن راهي

سنڌ جي خوبصورت شاعره ڊاڪٽر ثمينا واحد  سان ايندڙ ٻن گيتن  بابت گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ هڪ قومي گيت ۽ ٻيو خوبصورت غزل فائنل ڪيو ...
19/07/2026

سنڌ جي خوبصورت شاعره ڊاڪٽر ثمينا واحد سان ايندڙ ٻن گيتن بابت گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ هڪ قومي گيت ۽ ٻيو خوبصورت غزل فائنل ڪيو ويو
انشاءالله جلد ڪمپوز ڪري آڊيوليب پاران رڪارڊ ڪيا ويندا

قومي راڳي سڄڻ سنڌي کي جنم ڏينهن مبارڪ 🎂🌹
17/07/2026

قومي راڳي سڄڻ سنڌي کي جنم ڏينهن مبارڪ 🎂🌹

Address

Trade Tower Abdullah Haroon Road Sadar Karachi
Karachi
75520

Opening Hours

Monday 12:00 - 00:00
Tuesday 12:00 - 00:00
Wednesday 12:00 - 00:00
Thursday 12:00 - 00:00
Friday 12:00 - 00:00
Saturday 12:00 - 00:00
Sunday 12:30 - 00:45

Telephone

+923312575071

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Audio Lab posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Establishment

Send a message to Audio Lab:

Shortcuts

Share