13/12/2025
صليب جاڳ اسان جي مسيح خواب مليا
اکيون اکيون نه رهيون ايترا عذاب مليا
چميون ته گل ٿي ٽڙن ها بدن جي ٽارين تي
شرم ٻوٽيءَ کي هڙئي هئا مگر حجاب مليا
نه ملياسين ته رڳو پاڻ پاڻ ساڻ پرين
اتي ئي آس پاس خلق کي خدا به مليا
ڏسڻ جو ڏيهه ۾ انڌو ڏڪار پئجي ويو
اوهان جي حسن کي پر روز آب تاب مليا
هي دل جي سرڪشي مظهر سوال بڻجي وئي
حساب ٻيا به زماني ۾ بي حساب مليا
مظهر لغاري