15/04/2026
خيرپور/قيامت خيز منظر 😭😭
پنج ڏينهن اڳ ٽنڊو مستي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻٽو چانڊيو ۾ سڄي ڳوٺ جي سوين ماڻھن سامهون نوجوان نياڻي روبينا چانڊيو کي سندس مامي قيصر ۔ سليم ۽ ٻيڙو گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو• جڏنهن ته نياڻي سڀني کي قسم ڏئي پنهنجي پاڪ دامني جي ساک ڏيندي زندگي جي پناه گهرندي رهي پر بي رحم سوين ماڻهن مان مٿس ڪنهن کي رحم نه آيو• ٻڌايو وڃي ٿو ته قتل ٿيل نياڻي کي سندس عزيز صدام چانڊيو شادي جي بهاني تي وٺي ويو پر زور پوڻ تي شام جو ئي نياڻي کي صدام واپس ڪيو• جنهن بعد سڄي ڳوٺ جي ماڻهن سامهون نياڻي کي ٻانهن کان جهلي کيس گوليون هڻي قتل ڪيو ويو•پوليس 5 ڏينهن کانپوءِ سجاڳ ٿي سرڪار جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪري ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي•