05/03/2026
آمريڪا ۽ ايران جي جنگ جو ذڪر اڄ سڄي دنيا ۾ بحث جو موضوع بڻيل آهي. هي رڳو ٻن ملڪن جي تڪرار جو معاملو ناهي، پر هن سان سڄي دنيا جي امن ۽ استحڪام جو سوال پڻ جڙيل آهي. جڏهن به طاقتور ملڪن جي وچ ۾ جنگ جا بادل ڇانئجن ٿا ته سڀ کان وڏو نقصان بيگناهه انسانن کي ٿيندو آهي.
ايران هڪ اهڙو ملڪ آهي جيڪو پنهنجي خودمختياري، عزت ۽ اصولن تي هميشه قائم رهيو آهي. ڪيترن ئي دٻاءَ، پابندين ۽ خطرن جي باوجود به ايران پنهنجي موقف تان پوئتي نه هٽيو آهي. تاريخ گواه آهي ته جيڪي قومون حوصلو، اتحاد ۽ ايمان سان بيهنديون آهن، انهن کي ڪو به طاقت آساني سان شڪست نٿو ڏئي سگهي.
جنگ ڪڏهن به مسئلن جو حقيقي حل نه هوندي آهي، پر جڏهن ڪنهن قوم تي ظلم يا دٻاءُ وڌو وڃي ته پوءِ اها قوم پنهنجي حقن جي حفاظت لاءِ بيهڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ بهادري، صبر ۽ اتحاد قومن کي مضبوط بڻائين ٿا.
دعا آهي ته الله پاڪ ايران جي مظلومن جي مدد فرمائي ۽ اسرائيل ۽ آمريڪا جي هر ظلم کي ختم ڪري ۽ ايران ملڪ کي سوڀارو ڪري. آمين.