Sajjad Ali BoZdar

Sajjad Ali BoZdar Decoding Pakistan’s climate with science, precision & passion.
⚡ Storms | ☀️ Heat | 🌧 Rain | 🌬 Winds
By Sajjad Ali Bozdar

برساتن بابت هڪ اهم ۽ ذاتي اپڊيٽ ⛈️دوستو! گذريل ڪجهه سالن کان اسان جي علائقي ۾ موسم جو رخ ڪافي تبديل ٿيو آهي. مون ڪجهه پر...
29/03/2026

برساتن بابت هڪ اهم ۽ ذاتي اپڊيٽ ⛈️
دوستو! گذريل ڪجهه سالن کان اسان جي علائقي ۾ موسم جو رخ ڪافي تبديل ٿيو آهي. مون ڪجهه پراڻن رڪارڊن ۽ موجوده صورتحال جو جائزو ورتو آهي، جيڪو توهان سان شيئر ڪري رهيو آهيان:
ماضيءَ جون برساتون: انگريزن جي دور ۾ برساتن جو نمونو مختلف هو، تڏهن جولاءِ ۾ وڌيڪ برساتون پونديون هيون.
ايل نينو (El Niño) جو اثر: عام طور تي ايل نينو وارن سالن ۾ مانسون جي پهرين اڌ (جون ۽ جولاءِ) ۾ سٺي برسات ٿيندي هئي، پر هاڻي لڳي ٿو ته صورتحال بدلجي رهي آهي.
ايندڙ وقت جي اڳڪٿي: ايندڙ وقت ۾ اسان کي جولاءِ کان وٺي سيپٽمبر تائين هڪ جهڙيون برساتون ڏسڻ ۾ اچي سگهن ٿيون. خاص ڪري آگسٽ جو مهينو هميشه وانگر وڌيڪ برساتن (La Niña) جي اثر هيٺ رهندو.
خلاصو: مطلب ته هاڻي صرف جولاءِ تي ڀاڙڻ بجاءِ اسان کي آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ به زوردار برساتن لاءِ تيار رهڻو پوندو.

موسمي صورتحال تي ھڪ تجزيو⚡🌧️⚡(ھيٺ تصوير ۾ توھان نظر وجھو ته 120E کان 180 جي وچ واري حصي (وچولي ۽ الهندي بحرِ الڪاهل) ۾ ڳ...
22/03/2026

موسمي صورتحال تي ھڪ تجزيو⚡🌧️⚡

(ھيٺ تصوير ۾ توھان نظر وجھو ته 120E کان 180 جي وچ واري حصي (وچولي ۽ الهندي بحرِ الڪاهل) ۾ ڳاڙهو رنگ اڀري رهيو آهي، جيڪو مارچ جي پڇاڙيءَ ۽ اپريل جي شروعات تائين تمام گهڻو شديد ٿي رهيو آهي)

هي جيڪي الهندي کان ايندڙ هوائن جا زوردار جهوڪا آهن، اهي سمنڊ جي مٿاڇري تي موجود گرم پاڻيءَ کي تيزيءَ سان اوڀر طرف ڌڪيندا آهن. جڏهن اهو گرم پاڻي اوڀر طرف گڏ ٿيڻ لڳندو آهي، ته سمنڊ جي مٿاڇري جو گرمي پد (SST) غير معمولي حد تائين وڌي ويندو آهي..
‼️جڏھن به اھڙي صورتحال ٿيندي آهي ته ايل نينو جاڳي پوندو آهي ۽ اسانجي خطي جي سانوڻي تي وڄ بڻجي ڪرندو آھي تنھن ڪري سانوڻي جي برساتن ۾ ڪافي حد تائين گھٽتائي ۽ خشڪ سالي جو خطرو وڌي ويندو آھي ...✅
۽ اگر جي ائين ٿئي ٿو ته سامونڊي گرمي سان زميني گرمي به ڪافي حد تائين وڌي ويندي..

‼️‼️‼️‼️‼️‼️‼️‼️‼️‼️‼️
فلحال اسانجي نظر ايندڙ ...اولھ واري سسٽم تي آھي جيڪو تمام طاقتور ۽ وڏي ھلچل پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ڏيکاري پيو ...
ڇو ته جڏھن به ايل نينو ۾ مضبوط ٿيندو آھي ته اھو وقتي طور تي سسٽم کي طاقتور ڪري ڇڏيندو آهي...پر اڳتي ھلي سانوڻي جي برساتن کي گھٽائي ڇڏيندو آهي ✅

‼️(ان جو مطلب صاف آهي ته ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ اسان کي غير معمولي ۽ شايد طاقتور موسمي سسٽم ڏسڻ لاءِ ملي سگهن ٿا، جيڪي عام مارچ يا اپريل جي موسم کان مختلف هوندا)✅

⚡چنڊ گرھڻ (Lunar Eclipse)⚡سال 2026 ۾ ھن ڀيري ٻه دفعا چنڊ کي گرھڻ لڳندو...ھڪ 3 مارچ 2026 تي جيڪو مڪمل گرھڻ ٿيندو...پاڪستا...
28/02/2026

⚡چنڊ گرھڻ (Lunar Eclipse)⚡
سال 2026 ۾ ھن ڀيري ٻه دفعا چنڊ کي گرھڻ لڳندو...
ھڪ 3 مارچ 2026 تي جيڪو مڪمل گرھڻ ٿيندو...
پاڪستان ۾ چنڊ لھڻ وقت ڪجھ حصن تي ڏسڻ وٽان ملي سگھي ٿو.......
۽
ٻيو چنڊ کي گرھڻ 28 آگسٽ 2026 تي لڳندو...
اھو به مڪمل گرھڻ ٿيندو....۽ پاڪستان ۾بھترين نموني ڏٺو به ويندو...
مھرباني✅

13/11/2025
13/11/2025

I got over 110 reactions on one of my posts last week! Thanks everyone for your support! 🎉

یہ بہی کیا دن تھے یار۔
08/11/2025

یہ بہی کیا دن تھے یار۔

تقريبن ڊپريشن جي مرحلي جي قريب 🔥
07/10/2025

تقريبن ڊپريشن جي مرحلي جي قريب 🔥

بحيره عرب ۾ موجوده طوفان ھاڻي پنھنجي شدت گھٽائي رھيو آھي🔥اميد ته ھاڻي سڀاڻي صبح تائين ڊپريشن جي شدت تائين اچي ويندو✅
06/10/2025

بحيره عرب ۾ موجوده طوفان ھاڻي پنھنجي شدت گھٽائي رھيو آھي🔥
اميد ته ھاڻي سڀاڻي صبح تائين ڊپريشن جي شدت تائين اچي ويندو✅

⚡زلزلي،بابت،اپڊيٽ⚡چمن ۽ ڪوئٽه جي ويجھو، 5 آڪٽوبر 2025، شام 6:29 وڳي زلزلي جو لوڏو محسوس ڪيو ويو،شدت (Magnitude):4.60 ريڪ...
05/10/2025

⚡زلزلي،بابت،اپڊيٽ⚡

چمن ۽ ڪوئٽه جي ويجھو، 5 آڪٽوبر 2025، شام 6:29 وڳي زلزلي جو لوڏو محسوس ڪيو ويو،
شدت (Magnitude):4.60 ريڪٽر اسڪيل
گہرائي (Depth):35.0 ڪلوميٽر

وضاحت✅
4.6 شدت وارو زلزلو ھلڪو کان وچٿرو ھوندو آھي، ان مان گهڻي تباهيءَ جو امڪان گهٽ هوندو آھي، پر عمارتن اندر ھلڪي لرزش محسوس ٿيندي .✅

05/10/2025

ٿر ڪول بلاڪ ٽو ۾ برسات

Address

Tmk
Tando Muhammad Khan

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sajjad Ali BoZdar posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share