تَخيُلِ برادي

تَخيُلِ برادي ھن پيج تي اتر سنڌ جي ناليواري شاعر برادي منگي جي شاعري اپلوڊ ڪئي ويندي آھي.

.                                     سارا ٿڪَ لَھِي ويا، منھنجي نيڻن جا،                دوستو!!! منھنجو شاعريءَ جو پھري...
10/08/2026

.
سارا ٿڪَ لَھِي ويا، منھنجي نيڻن جا،

دوستو!!! منھنجو شاعريءَ جو پھريون ڪتاب "يارِ وستيءَ ۾" چانڊوڪي پبليڪيشن پاران ڇپجي رستي ۾ منھنجي طرف روان-دوان آھي. اميد تہ انقريب منھنجي ھٿڙن ۾ ھوندو.

.               ڪالھ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺڪراٺو پاران (سنڌ منھنجي امان): جي سِري ھيٺ احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻي جي ٺڪراٺو صحاف...
10/08/2026

.
ڪالھ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺڪراٺو پاران (سنڌ منھنجي امان): جي سِري ھيٺ احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻي جي ٺڪراٺو صحافتي سٿ جي دوستن جي مهربانين سان پريس ميڊيا جي پليٽ فارم تان.

10/08/2026

سنڌي ادبي سنگت ضلعي سکر جي رابطا سيڪريٽري ارشاد پيرزادو جي گرفتاري جي مذمت ڪجي ٿي.

پاران: س ا س شاخ ٺڪراٺو

.                يارن جي يار، باصلاحيت ۽ باڪردار دوست محمد جادل منگي کي جنم ڏينهن تي نيڪ تمنائن سان مبارڪون ڏيندي دعاڳو ...
09/08/2026

.
يارن جي يار، باصلاحيت ۽ باڪردار دوست محمد جادل منگي کي جنم ڏينهن تي نيڪ تمنائن سان مبارڪون ڏيندي دعاڳو آهيون تہ رب پاڪ اوھانکي صحتمند زندگيء سان وڏي ڄمار عطا فرمائي شال.

.                                           ((((( سنڌ منھنجي امان)))))            سنڌ جي وحدت تي وار خلاف ٺڪراٺو ۾ احتجا...
09/08/2026

.
((((( سنڌ منھنجي امان)))))
سنڌ جي وحدت تي وار خلاف ٺڪراٺو ۾ احتجاجي مظاهرو ۽ ريليءَ جا عڪس

09/08/2026

.
مُلڪ سڄو ماٺار ۾ ويڙھيو پيو آھي،
ھا پر! سنڌي ادبي سنگت جاڳي ٿي.
راشد مورائي

سنڌي ادبي سنگت سنڌ (مرڪز) جي سڏ تي سنڌ جي وحدت تي ٿيندڙ وارَ ۽ نوان صوبا ٺاهڻ واري امڪاني سازشن خلاف سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺڪراٺو پاران "سنڌ منھنجي امان" جي سِري ھيٺ ٺڪراٺو شھر ۾ احتجاجي ڌرڻو، مظاهرو ۽ ريلي ڪڊي وئي. احتجاجي مظاھري ۾ شاعرن، استادن، صحافين ۽ شھرين شرڪت ڪئي. جن ۾ عابد جاني ملڪ، اصغر علي سمون، واجد سومرو، عطا سھتو، نظام الدين قاضي، الاھي بخش بگٽي، ارسلان منگي، مُشتاق احمد مھر، تنوير احمد مھتم، شاھد حسين مھتم، فقير ڪرم علي مھتم، برڪت علي مھتم ۽ ٻين شرڪت ڪري چيو تہ سنڌ ڌرتي ازل کان سنڌين جي ڌرتي ۽ مادرِ وطن رھيو آھي. سنڌ اُھا ڌرتي آھي جيڪا پوري ملڪ کي کارائي ۽ ھلائي ٿي تہ وري سازشون بہ ھن ئي ڌرتيءَ سان ڪڏھن ڪارونجھر جي ڪور، ڪڏھن ٻيٽن جي والار تہ ڪڏھن سنڌو درياءَ تي نوان ڊيم ۽ ڪئنالن جا منصوبا تہ ڪڏھن وري ھن عظيم ڌرتيءَ جي سيني ۾ خنجر کوڙي، ٽڪڙا ٽڪڙا ڪري نوان صوبا ٺاهڻ جا ناپاڪ ارادا!!!! ھنن چيو تہ اھڙن ناپاڪ ارادا رکندڙن کي ٻڌايون ٿا تہ سنڌ ھميشہ ھڪ وطن رھيو آھي ۽ ھميشہ ھڪ ئي رھندي. سنڌ، اٺ ڪروڙ سنڌين جي ماءُ آھي جنھنکي سنڌي جوڌا ڪڏھن بہ ڳڀا ڳڀا ڪرڻ ڪونہ ڏيندا.

09/08/2026

.
يادگيري لاءِ
سنڌ جي وحدت خلاف ٿيندڙ سازشن، نون صوبن جي امڪاني رٿا خلاف اڄ ٺڪراٺو ۾ آچر تي ڏهين وڳي مُک چونڪ کان ريلي ڪڍي ويندي، شاعرن، شهرين، ساڃهوندن ۽ سياسي سماجي دوستن کي شرڪت لاء گذارش.

.                                   ھجن توکي سؤ سؤ جنم ڏڻ مبارڪ                    بھترين شخصيت جو مالڪ، پاڪستان پيپلز پ...
08/08/2026

.
ھجن توکي سؤ سؤ جنم ڏڻ مبارڪ

بھترين شخصيت جو مالڪ، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو جيالو ۽ اسان جو قابل احترام دوست حاجي عبداللّٰه خان جھلڻ صاحب کي جنم ڏينهن جي موقعي تي نيڪ تمنائن ۽ خوش آئند خواھشن سان وڏي ڄمار لاءِ دعاڳو آهيون تہ رب ڪريم اوھانکي ھمت و حوصلو سان زندگيءَ جا ھڙئي سال خوش و خرم گذرن شال.

07/08/2026

لاڙ پٽ جي خوبصورت، مزاحمتي ۽ ارڏي شاعر مسافر ھاليپوٽو جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي ساڻس ڏک ۾ برابر جا شريڪ آھيون.

Address

Sukkur

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when تَخيُلِ برادي posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category