15/05/2026
رب جو احڪام جو نہ ٿو مڃين
بي ايمان کي پوء انسان ڇو مڃين
عارضي آرائش جي ڌوڪي ۾ نہ اچ
موسي ٿي فرعون کي ڇو ٿو مڃين
تون انسان اشرف المخلوقات آهين
پاڻ کي سڃاڻ ڪردار کان ڇو ٿو وڃين
زندگي راند آ تماشو آ رب ٻڌائي ڇڏيو
اجائي ڳالھ ۾ نہ اچ شيطان جي ڇو ٿو مڃين.
فواد ساحل.