Geo News headlines

Geo News headlines Geo News headlines ko follow karo please �

سنڌ سرڪار فوتي ڪوٽا بابت نوٽیفڪیشن جاری ڪري ڇڏیو
01/05/2026

سنڌ سرڪار فوتي ڪوٽا بابت نوٽیفڪیشن جاری ڪري ڇڏیو

30/04/2026

شيخ ڀرڪيو، مقامي مستري زوار انور قمبراڻي جو ڪارنامو، بجلي کانسواءِ پاڻمرادو چارج ٿيندڙ جديد اسڪوٽي تيار
شيخ ڀرڪيو جي رهواسي ۽ ذهين مستري زوار انور قمبراڻي بجلي تي هلندڙ اسڪوٽي ۾ شاندار جدت آڻي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. زوار انور هڪ اهڙو نظام تيار ڪيو آهي، جنهن جي مدد سان هاڻي هي اسڪوٽي بجلي تي چارج ٿيڻ بدران پنهنجي ئي سسٽم ذريعي پاڻ کي پاڻ چارج ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. هن جديد تجربي علائقي واسين ۾ وڏي دلچسپي پيدا ڪري ڇڏي آهي ۽ مقامي ماڻهو وڏي انگ ۾ ان اسڪوٽي کي ڏسڻ لاءِ پهچي رهيا آهن. ماهرن پاران هن ڪامياب تجربي کي مقامي سطح تي هڪ وڏي ڪاميابي ۽ توانائي جي بچت لاءِ هڪ اهم قدم قرار ڏنو پيو وڃي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي زوار انور قمبراڻي چيو ته، "اسان جي ڪوشش هئي ته اهڙي ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪجي جيڪا مستقبل ۾ عام ماڻهن لاءِ سستي ۽ آسان سواري ثابت ٿئي، ڇاڪاڻ ته بجلي جي وڌندڙ قيمتن سبب عام ماڻهو پريشان آهي." هن وڌيڪ ٻڌايو ته هن سسٽم سان اسڪوٽي هلڻ دوران ئي پنهنجي بيٽرين کي چارج ڪري ٿي، جنهن سان ٻاهرين چارجنگ جي ضرورت ختم ٿي وڃي ٿي. شيخ ڀرڪيو جي شهرين حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته زوار انور جهڙن باصلاحيت ماڻهن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي ۽ کين سرڪاري سطح تي فنڊز فراهم ڪيا وڃن ته جيئن اهڙا پراجيڪٽ ملڪي سطح تي متعارف ڪرائي سگهجن.

Address

Thikratho
Sukkur
SEENGHAR

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Geo News headlines posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category