Siyasat & Awam

Siyasat & Awam 📢 Siyasat & Awam – Trusted News for Sindh & Pakistan

Get the latest political, social, and current affairs updates with fact-based reporting.

Stay informed with real and reliable news!

Pakistan VS India
10/04/2025

Pakistan VS India

ھاري مزور جو حالھڪ ھاري سندس  سوا ايڪڙ جو ديرو ڪڍايوڪل 55 مڻ ڪل رقم 99000ڪيل خرچ هر-15000ٻج-12000ڊي اي پي ٻه ٻوريون-3000...
10/04/2025

ھاري مزور جو حال
ھڪ ھاري سندس سوا ايڪڙ جو ديرو ڪڍايو
ڪل 55 مڻ ڪل رقم 99000
ڪيل خرچ
هر-15000
ٻج-12000
ڊي اي پي ٻه ٻوريون-30000
ٻه اسپري-5000
ست ٻوريون يوريا-35000
ڪٽائي ريپر تي-3000
ديري جي مزدوري-4000
ٿريشر-12000
ٽرالي جو ڪرايو-2500
ٽوٽل خرچ 118500 اکريين هڪ لک ارڙهن هزار پنج سؤ مزور جي مزدوري کان علاوه

02/04/2025

آمري پل وٽ عيد جي ٻئي ڏينھن پاڻي جي صورتحال

20/03/2025

ڪينالن بابت تڪرار – ڇا چولستان ۾ نئون تاج محل ٺهي رهيو آهي؟
چولستان ۾ تيزيءَ سان ٿيندڙ ڪم تي مقامي ماڻهن سوال اٿاريا آهن، ته ڇا نوان ڪينال ٺهي رهيا آهن؟ جڏهن ته اختيارين انڪار ڪندي واضح موقف نه ڏنو آهي. عوامي سطح تي شڪ برقرار آهي ته هتي ڪنهن وڏي منصوبي جو بنياد پيو رکيو وڃي.

20/03/2025

درياءِ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ناياب بلائنڊ ڊولفن کي خطرا لاحق ٿي ويا۔ پاڻي جي گهٽتائي سبب ڊولفن جي خوراڪ به گهٽجڻ لڳي، جنهن سان ان جي حياتي کي وڌيڪ خطرو پيدا ٿي ويو آهي۔ ماهرن موجب، بلائنڊ ڊولفن گهاٽن ۽ گهري پاڻي وارن علائقن ۾ رهڻ وارو جانور آهي، جڏهن ته پاڻي جي کوٽ ان جي بقا لاءِ وڏي مشڪل پيدا ڪري سگهي ٿي۔ اگر صورتحال تي جلد ڪنٽرول نه ورتو ويو، ته هي ناياب مخلوق ختم ٿيڻ جي ڪناري تي پهچي سگهي ٿي۔

20/03/2025

لوڏي ڇڏيو ايوانن کي
قھري ڪوٽ زندانن کي

قيد ڪري نہ سگھبو آ
سيد جي مستانن کي

سنڌ تان گھوري ڇڏيان
ڳڀرو گھوٽ ڳانن کي

اسان جو خون عاجز
آباد ڪندو ويرانن کي

20/03/2025

The Indus Civilization, also known as the Indus Valley Civilization (3300–1300 BCE), was one of the world's earliest urban cultures, primarily located in present-day Pakistan and northwest India. It featured advanced city planning, drainage systems, and trade networks. Major sites include Harappa and Mohenjo-Daro. The civilization declined around 1300 BCE, possibly due to climate change, natural disasters, or shifting trade routes. Its script remains undeciphered.

17/03/2025

یہ خاص سندھ کی بھن بھائیوں کے لیے خاص پیغام
اگر آپ کو ایک پرسنٹ بھی لگتا ھے بلاول اور آصف علی زرداری سندھ کی پانی کی حق کے لیے کھڑیں ھیں تو آپ ایک دھوکی کا شکار ھیں۔
"یہ ویڈیو لازمی دیکھیں"
سندھيون خدا جو واسطو اٿو ڀٽي جي نالي تي ڳڙي خدا بخش نہ وڃون ھنن ظالمن سنڌ ۽ سنڌ جي پاڻي جو سودو پاڻ ڪيو آھي
ھي ماڻھن ڪنھن جا سڳا نہ آھي ڀٽو ڀٽو ڇڏيو ان نالي جي چڪر ۾ سنڌ سان ھٿ کڻي وينداھو سنڌھيون عقل سان ڪم وٺو ڀٽي جي پچر ڇڏيون ھاڻي پنھنجي ڌرتي ماء سنڌ جي مالڪي ڪيو.


22/02/2025

امر فیاض ٻرڙو جي ڳالهين مان اهم نڪتا:

1. سندهي ٻوليءَ جي حيثيت:
سندهي ٻولي ڪنهن به ملڪ جي قومي يا سرڪاري ٻولي ناهي.
سنڌ جي موجوده جاگرافي ۾ به ڪا به وڏي مارڪيٽ، انڊسٽري، يا دوا ڪمپني سندهي ٻوليءَ ۾ لکڻ جي روايت نه ٿي رکي.
سندهي ٻولي نه ته اسٽاڪ ايڪسچينج جي ٻولي آهي، نه ئي مارڪيٽنگ جي.

2. عالمي ادارن ۾ سندهي ٻولي جو مقام:
گوگل پنهنجي پهرين 102 چونڊيل ٻولين ۾ سندهي شامل ڪئي.
مائڪرو سافٽ به 78 اهم ٻولين ۾ سندهي کي جاءِ ڏني.

چيٽ جي پي ٽي ChatGPT جي 98 ٻولين ۾ سندهي شامل آهي، جنهن ۾ کوانٽم فزڪس جهڙا پيچيده موضوع به سندهيءَ ۾ دستياب آهن.

جيمنا جيئن ٻين اهم پليٽ فارمن ۾ به سندهي ٻولي شامل آهي.

3. سندهي ٻوليءَ لاءِ نوجوانن جو ڪردار:
امر فياض برڙو جو چوڻ آهي ته سندهي ٻولي تي قدرت جو خاص ڪرم آهي.
اعلى سوچ رکندڙ نوجوان سندهي ٻوليءَ کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ٻولي بڻائي رهيا آهن.

4. ترڪمانستاني شاعر سليمان اوليانوف جو مثال:
قافلي جا آخري اٺ هلڪي وزن سان هلن ٿا، پر سفر جي پڄاڻيءَ تي سڀ کان وڌيڪ وزن کڻي هلن ٿا.

سنڌ جا نوجوان به قومي قافلي جا "آخري اٺ" آهن، جيڪي قوم جي ڇڏي ويل خزاني کي سنڀالي رهيا آهن.
قوم جي ڇڏي ويل ورثي کي ٻيهر سنڀالڻ ۽ اڳتي وڌائڻ وڏي ڪاميابي آهي.

5. فخر جو اظهار:
سنڌ جي نوجوانن کي فخر ڪرڻ گهرجي ته هو قومي قافلي جا آخري اٺ آهن، جيڪي پنهنجو ڪردار بهترين طريقي سان نڀائي رهيا آهن.


سنڌ ۾ نقلي ۽ خطرناڪ دوائن بابت خبردارسنڌ جي پبلڪ هيلٿ شعبي عوام کي خبردار ڪندي چيو آهي ته ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري (DTL) سنڌ ...
20/02/2025

سنڌ ۾ نقلي ۽ خطرناڪ دوائن بابت خبردار

سنڌ جي پبلڪ هيلٿ شعبي عوام کي خبردار ڪندي چيو آهي ته ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري (DTL) سنڌ پاران بازار ۾ دستياب ڪيتريون ئي دوائون نقلي ۽ خطرناڪ قرار ڏنيون ويون آهن. اهي دوائون زهريلي اجزا رکن ٿيون، جيڪي صحت لاءِ سنگين خطرو بڻجي سگهن ٿيون.

نقلي دوائن جي فهرست:
Eyosef 250mg Capsules (East Pharmaceuticals، لاهور)
Alcoxime Suspension (Alpine Laboratories، ڪراچي)
Milixime Suspension (Menakline Pharma، ڪراچي)
Mirzpan Suspension (Miraz Pharma، قصور)
Mirzolam Tablets (Miraz Pharma، قصور)
Lexopam Tablets (Porm Pharmaceuticals، پشاور)
Zionex Tablets (Multicare Pharmaceutical، ڪراچي)
Bromalex Tablets (Brom Pharmaceuticals، لاهور)

خطرا ۽ نقصان:

اهي دوائون حقيقي اجزا نٿيون رکن ۽ جعلي لائسنس سان وڪرو ڪيون پيون وڃن.
غلط پتي تي ٺهيل هجڻ سبب انهن جي غيرقانوني پيداوار جو امڪان آهي.
انهن جو استعمال بيماريون وڌائي سگهي ٿو، زهريلو اثر وجهي سگهي ٿو، يا جاني نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
خراب ماحول ۾ تيار ڪيل هجڻ سبب اهي صحت لاءِ انتهائي خطرناڪ آهن.

عوام لاءِ هدايتون:
اهي دوائون نه وٺو ۽ نه ئي استعمال ڪريو.
پنهنجي دوائن جي تصديق ڪريو ۽ شڪي دوا جي رپورٽ ويجهي اسپتال يا ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (DRAP) کي ڏيو.
دوائن جا وڪرو ڪندڙ دڪاندار اهي دوائون فوري طور ختم ڪن.

شڪايت لاءِ رابطو:
DRAP جي ويب سائيٽ: www.dra.gov.pk

دبئي۾ اماراتي سنڌي نيٽ ورڪ پاران 21 فيبروري تي سنڌي اباڻي ٻولي جو ڏينهن شاندار طريقي سان ملهايو ويندو. هن موقعي تي سنڌي ...
20/02/2025

دبئي۾ اماراتي سنڌي نيٽ ورڪ پاران 21 فيبروري تي سنڌي اباڻي ٻولي جو ڏينهن شاندار طريقي سان ملهايو ويندو. هن موقعي تي سنڌي ٻولي، ادب، علم ۽ آرٽ جي خدمت ڪندڙ عظيم شخصيتن ڊاڪٽر پرويز پیرزادو، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، ۽ ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي ويندي.

پروگرام ۾ سنڌي ٻولي جي حيثيت، ان جي ترقي، ۽ مستقبل بابت مختلف مقرريون ۽ تقريبون منعقد ڪيون وينديون. اماراتي سنڌي سماج جي ميزباني هيٺ ٿيندڙ هن تقريب جو مقصد سنڌي ٻولي جي عالمي سڃاڻپ کي اجاگر ڪرڻ ۽ نئين نسل کي پنهنجي مادري زبان سان جوڙڻ آهي.

رحيم يار خان ۾ BISP قسطن لاءِ ڪيمپس قائمرحيم يار خان ضلع ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP) جي قسطن جي ورڇ لاءِ 4 هنڌن ت...
20/02/2025

رحيم يار خان ۾ BISP قسطن لاءِ ڪيمپس قائم

رحيم يار خان ضلع ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP) جي قسطن جي ورڇ لاءِ 4 هنڌن تي ڪيمپس قائم ڪيا ويا آهن.

اهي ڪيمپس هيٺين جڳهين تي هوندا:

1. گورنمينٽ ماڊل هاءِ اسڪول، خانپور
2. گورنمينٽ پائلٽ سيڪنڊري اسڪول، رحيم يار خان
3. گورنمينٽ ايسوسيئيٽس ڪاليج، لياقت پور
4. گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول، احمد پور لمه

ضلعي انتظاميا، پوليس، ريسڪيو 1122، ميونسپل ڪميٽيون ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته BISP عملي سان سهڪار ڪن ته جيئن رقم جي ورڇ جو عمل آساني سان جاري رهي.

Address

Matiari
Sindh

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Siyasat & Awam posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Establishment

Send a message to Siyasat & Awam:

Share