05/06/2020
۽ #اَڏيندڙ_به_آهي!
رسول بخش پليجو
ڏک رڳو ڊاهيندڙ ۽ ناس ڪندڙ نه پر ڪيترين حالتن ۾ اَڏيندڙ ۽ تخليق ڪندڙ به آهي. هر عظيم ۽ پياري شيءِ ۽ ڳالهه، مسئلن ۽ مونجهارن، ڏکن ۽ پيڙائن سان مقابلي ۽ ويڙهه مان پيدا ٿي آهي. ڏک انسانيت جا گهڻا اعليٰ ترين گُڻ پيدا ڪن ٿا. انسان ۽ انسان جي وچ ۾ ويجهي ۾ ويجها ناتا، گڏيل ڏک، گڏيل پيڙائون پيدا ڪن ٿيون. ماڻهوءَ جي آزمائش سُکن ۾ نه، ڏکن ۾ ٿئي ٿي. ڏک ۽ پيڙائون ئي انسانن کي صحيح معنيٰ ۾ انسان بڻائين ٿا.
دُنِيا جا پياري ۾ پيارا، املهه ۾ املهه ماڻهو ڏکن ۽ پيڙائن جي اوڙاهن جهاڳڻ وارا ماڻهو ٿيا آهن. الجزائر، ويٽنام، روس، چين، فلسطين جي آزاديءَ جي پروانن ۾ زمان، مڪان ۽ مرتبي جي هر فرق جي باوجود، هڪ ڳالهه ساڳي آهي. انهن سمورن سُکن سان سڱ ڇڏي، ڏکن سان پاند اڙايو هو ۽ انهن سان مقابلو ڪيو هو.
سورن سانڍياس پورن پالي آهيان،
جُڪس آءٌ هياس، ڪا گري گوندر ول جي.
(لطيف)