15/08/2026
اڄ ڳوٺ ڀالواہ ڀرسان پنهنجي واڙي ۾ پوکيل ڪپهه جي فصل کي تيار ٿيل ڏسي ۽ چوڌاري پکڙيل ساوڪ، ٿڌڙي هوا ۽ سرسبز ماحول کي ڏسي دل کي عجيب سڪون محسوس ٿيو.
برساتن کان پوءِ ٿر ڄڻ نئين زندگي ماڻي ورتي آهي؛ جتي نظر وڃي ٿي، اتي ساوڪ ئي ساوڪ، فصلن جي رونق ۽ قدرت جي حسين ڪاريگري نظر اچي ٿي.
هيءُ اهو ئي ٿر آهي، جنهن کي ماڻهو ريگستان چون ٿا، پر برساتن کان پوءِ جڏهن هي ڌرتي ساوڪ جي چادر اوڍي ٿي ته سچ پچ جنت جو مثال پيش ڪري ٿي.
مٽيءَ جي خوشبو، فصلن جي مهڪ، وڻن جي ڇانوَ ۽ چوڌاري پکڙيل سائي رنگ ۾ جيڪا خوشي ۽ سڪون ملي ٿو، اهو شايد شهرن جي وڏين عمارتن ۾ ڪٿي به نه ملي.
ٿر جي خوبصورتي ڏسڻي هجي ته برساتن کان پوءِ ڏسو؛ هيءُ ڌرتي دل کي موهي وٺندي!