چونڊ سنڌي شاعري Chond Sindhi Shairi

چونڊ سنڌي شاعري         Chond Sindhi Shairi احساسن جا لفظ، سنڌي شاعري جي دنيا.
روز نيون وڊيوز، غزل، بيت، وائي، صوفي شاعري ۽ خوبصورت آواز.
(1)

فاصلن  کي  نيٺ  ڦاھي  تو  ڏني!پنھنجي ئي حق  ۾ گواھي تو ڏني!سک جي  ساڻيھ  ۾  مون کي ڄڻي؛بـک  جھـــڙي   بادشاهي  تــو  ڏني...
06/09/2026

فاصلن کي نيٺ ڦاھي تو ڏني!
پنھنجي ئي حق ۾ گواھي تو ڏني!

سک جي ساڻيھ ۾ مون کي ڄڻي؛
بـک جھـــڙي بادشاهي تــو ڏني!

ننڊ منهنــجيءَ کي اٺون آڪاس، ۽
خواب منھنجي کي به کاھي تو ڏني!

اڌ سڙيل سگريٽ جھڙا ڇوڪرا؛
ساھ پنھنجي کي نه ساھي تو ڏني؟

ھاء منھنجي بيوسي جا بادشاه!
تخت پنھنجي کي تباھي تو ڏني!

ڏات جون ڏھ آڱـريون چمندي فواد!
شاعريءَ کي شھنشاھي تو ڏني!

غزل/فواد ڪلوڙ

ڪاڳرَ تي بس ليڪا پائي ڊاھي ويندين سنڌ؟ھوشَ ۾ ناھين ڇا او ڀائي! خيرُ تہ آھي نِي؟اَڪَ جي ماکِي سمجهي ٿئي ڇا، لاھي ويندين س...
05/09/2026

ڪاڳرَ تي بس ليڪا پائي ڊاھي ويندين سنڌ؟
ھوشَ ۾ ناھين ڇا او ڀائي! خيرُ تہ آھي نِي؟
اَڪَ جي ماکِي سمجهي ٿئي ڇا، لاھي ويندين سنڌ؟
ڪاڳرَ تي بس ليڪا پائي، ڊاھي ويندين سنڌ؟

سڀ کي تِيلا سمجهي مورک! ڳاھي ويندين سنڌ؟
تنھنجي لھجي ۾ ڀي توسان ڪو ڳالهائي نِي!
ڪاڳرَ تي بس ليڪا پائي ڊاھي ويندين سنڌ؟
ھوش ۾ ناھين ڇا او ڀائي! خيرُ تہ آھي ني؟

ترائيل: ڊاڪٽر خادم منگي۔

05/09/2026

منهنجي باري ۾ او سائين، ڇا ٿو ڀائين!
شاعري: استاد بخاري
سنگر: فقير نظير مستانو
پيشڪش: چونڊ سنڌي شاعري

زندگيءَ تان رٽائرمينٽمون اڌ ننڊ جھڙو نظم لکيوجنھن تي پھريون اعتراض تو ئي واريندي چيو ته: ”تنھنجي ننڊ ڦٽائڻ کان پوءِمون ه...
05/09/2026

زندگيءَ تان رٽائرمينٽ

مون اڌ ننڊ جھڙو نظم لکيو
جنھن تي پھريون اعتراض تو ئي واريندي چيو ته:
”تنھنجي ننڊ ڦٽائڻ کان پوءِ
مون هميشه
پوري ننڊ ڪئي آهي
ڪاش !
زندگي به
ڪنھن سرڪاري نوڪريءَ جيان ھجي ها
جنھن تان جڏھن به چاھجي ھا
رٽائرمينٽ وٺي سگھجي ھا

روشن شيخ

Photo credit: Shakeel Chajhro

ماڻهو موچارو، چپجي ويو سارو،ضرورت جي زد ۾.هڪ ئي گوڏ غريب کي، آرهڙ ۽ سيارو،ضرورت جي زد ۾.اڄ پڻ گھَرِ مسڪين جي، ڏرجي پيو ڏ...
04/09/2026

ماڻهو موچارو، چپجي ويو سارو،
ضرورت جي زد ۾.

هڪ ئي گوڏ غريب کي، آرهڙ ۽ سيارو،
ضرورت جي زد ۾.

اڄ پڻ گھَرِ مسڪين جي، ڏرجي پيو ڏارو،
ضرورت جي زد ۾.

ڳڻتين ڳاريو حافظو، ٿي پيو ويسارو،
ضرورت جي زد ۾.

ماٿيلي کان ميرپور، سيوهڻ، سامارو،
ضرورت جي زد ۾.

آيو خون ٻچي جو، وڪڻي ويچارو!
ضرورت جي زد ۾.

مرندي ڏسو ٿا پيا، راشد کي يارو!
ضرورت جي زد ۾.

راشد مورائي

ويجھڙو ويھُ، ڪجھ تلاوت ڪن،نيـــڻ  منھنجا   اڃا  عبادت ڪن.سنڌ  ناهي وکـــر،  اُنھن کي چئو،پاڻ  ٻي  ڪـا  وڃي  تجارت ڪن.کِ...
04/09/2026

ويجھڙو ويھُ، ڪجھ تلاوت ڪن،
نيـــڻ منھنجا اڃا عبادت ڪن.

سنڌ ناهي وکـــر، اُنھن کي چئو،
پاڻ ٻي ڪـا وڃي تجارت ڪن.

کِيـــرَ جو خيــــرُ آ وِڌَن پاڻي،
پيـــــار ۾ ڇو پيا ملاوت ڪن.

پيٽُ پنھنجـو مِٺـــو اُنھــن کي آ،
ڪيئن ڌرتي! اُٿي بغاوت ڪن.

دوستَ دشمن ته ڪونه آهن جو،
روز ويٺا اسان سان رعايت ڪن.

نيڻ اڀ ڏانھــــــــــن لاش جا آهن
ڪھڙي رب سان پيا شڪايت ڪن

پنھنجي ڌرتي ته مــاءُ آهي نه،
ماءُ جي ڪيئن ٿا ورھاست ڪن.

غزل / وفا عبـاسي

رُوحُ  ڀي آ  رنجيده،  دل  به  ڏاڍي ٻاڙِي آ،ھاءِ!  مَنَ جي مُومل جي اڄُ اُداس ماڙِي آ. هَڏ ڀَڳل ڪھاڻيءَ کي ڪيئن لکان وري ...
03/09/2026

رُوحُ ڀي آ رنجيده، دل به ڏاڍي ٻاڙِي آ،
ھاءِ! مَنَ جي مُومل جي اڄُ اُداس ماڙِي آ.

هَڏ ڀَڳل ڪھاڻيءَ کي ڪيئن لکان وري ٻيھر،
ڪيرُ مون کي ميڙيندو؟ ڪيرُ هت ڪَٻاڙِي آ.

سڀُ ڊھي ويا ڪَتبا ڪيئن سُڃاڻجن قبرون؟
وقت بي وڙو آهي ۽ زمانُ ڀاڙِي آ.

اَڌ گرھ جي عيوض ۾ هئي سڄي ٻني گِروي،
پيٽَ کي پَٽيون ڏيئي، بُکَ مون چٻاڙِي آ.

منھنجي رُوحَ جو راڳِي ٿو پيو جَبلَ جهاڳي،
ڌُن به آهي ڪوهياري راڳ ڀي پھاڙِي آ.

هر زبان اَٽڪي ٿي ڪُجھ نه ٿو ٻُڌي ڪوئي،
ڇو چَپن تي چُپِ آهي ڇو ڪَنن تي تاڙِي آ.

مقتلن جي راهن جا مُرڪندڙ سڀئي رَمتا،
سِنڌُ! توسان نسبت ۾ ڪنڌَ تي ڪُھاڙِي آ.

آئون پنھنجي لھجي ۾ اجنبي ڪٿي آھيان!
عشقُ منھنجو اُترادي دردُ منھنجو لاڙي آ.

روبينا ابڙو

وڏا وڙ سنگت Big shout out to my newest top fans! 💎 Sadam Ali Jamali, Ad Mahar, Ali Raza, Syed Ghullam Hussain Shah, Ahma...
02/09/2026

وڏا وڙ سنگت

Big shout out to my newest top fans! 💎 Sadam Ali Jamali, Ad Mahar, Ali Raza, Syed Ghullam Hussain Shah, Ahmad Keerio, Gulzar Hussain, Dost Ali Ahemdani, Aitbar Sindhi, Nirwar Machi, Indira Poonawala II, Gul Munir Sahito, Drbhagwan Das, Asghar Asghar, Syed Ali Raza, M Aslam Shahi, Altaf Ahmed, Adab Hussain, Asad Jan Baloch, Faqeer Zawar Hussain Bux, Shan Sandano, Abhagat Eshwar, Pahar Din Golo, Gul Hassan Vighio, Ubauro Ghotki, Nisar Sangi, DrSamina Wahid, Rana Abulkhair Bhambhra, Muneer Ahmed Loond, Mazhar Ali Mashori, Maqsood Ahmed Chandio, Ashraf Mallah, Abdul Haque Khoso, Khaleequezaman Depar, Shafqat Hussain Soomro, Shaikh Farazi

Drop a comment to welcome them to our community, fans

جڏهن شام پاڇن کي ويڙهي ڇڏي!!جڏھن شام پاڇن کی ویڙھی ڇڏی، جڏھن درد یادون سھیڙی ڇڏی،تڏھن چنڊ کی تون نیاپو ڪجان،اڃان حسرتن ج...
02/09/2026

جڏهن شام پاڇن کي ويڙهي ڇڏي!!

جڏھن شام پاڇن کی ویڙھی ڇڏی،
جڏھن درد یادون سھیڙی ڇڏی،
تڏھن چنڊ کی تون نیاپو ڪجان،
اڃان حسرتن جا ڏیئا ٿا ٻرن،
اندر کی آسرا، اڃان ٿا رھن،
اسان وقت جی چیچ ناھي ڇڏي،
ھلی آ زندگي، ایڏی ناھی وڏي!!
ھلی آ زندگي، ایڏی ناھی وڏي!!

نظم
شیخ ایاز

روز ڏسان ٿي راھ     ايندين الائي ڪڏھن تون ساجن تنھنجي سڪ ۾سڏڪا ڀري ساھ     ايندين الائي ڪڏھن تون اکين منجھان ٿا وھن  لڙڪ...
02/09/2026

روز ڏسان ٿي راھ
ايندين الائي ڪڏھن تون

ساجن تنھنجي سڪ ۾
سڏڪا ڀري ساھ
ايندين الائي ڪڏھن تون

اکين منجھان ٿا وھن
لڙڪن جا درياھ
ايندين الائي ڪڏھن تون

گذريا تنھنجي تات ۾
ڪيئي مٺڙا ماھ
ايندين الائي ڪڏھن تون

توسان ھن شميم جا
ساڳا آھن چاھ
ايندين الائي ڪڏھن تون

وائي: شميم سومرو

Address

Shahdadkot
77300

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when چونڊ سنڌي شاعري Chond Sindhi Shairi posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Establishment

Send a message to چونڊ سنڌي شاعري Chond Sindhi Shairi:

Shortcuts

Share

Category