25/03/2024
*" دال جو عذاب"*
ھڪ ڪنجوس ماڻهو جي شادي ٿي ھر ڳالهه ۾ ڪنجوسي پر کاڌي پيتي ۾ تـ جام ڪنجوسي ڪندو ھو ھر روز دال ڪڏھن منڱ ڪڏهن چڻا ڪڏهن مٽر جي دال
زال چيو : ساـٔين ڪڏهن گوشت ڪڪڙ بيدا يا ٻي ڪا ڀاڄي بـ آڻيو نا تـ مڙس دال جا فاـٔدا ٻڌاـٔڻ شروع ٿي ويندو هو
زال اگر ضد ڪندي ھـٔي تـ دڙڪا ڏـٔي چپ ڪراـٔي ڇڏيندو ھو
ھڪ ڏينهن زال ماـٔٽن وـٔي سڀ گهر وارا ڪمزور ڏسي سبب پڇڻ لڳا زياده پڇڻ تي ٻڌاياـٔين تـ
مڙس ڪنجوس آهي روز دال ٿو کاراـٔي ۔
ڀاـٔرن چيو : رک الله تي ھي نشي جي گوري کاراـٔي اسان کي گھراـٔجان
زال رات جي ماني ۾ دال ۾ گوري ملاـٔي کاراـٔي ڇڏ جيـٔن مڙس سمھيو ڀاـٔرن کي گھرايو
ڀاـٔرن پھرين ان کي ڪفن پارايو پوء ڪمري ۾ اونداھي ڪـٔي مڙس جيـٔن ـٔي سجاڳ ٿيو اونداهي ۾ پاڻ کي ڪفن پاتل ڏسي سمجھيو تـ مري ويو آھيان
پاسي ۾ ڏٺاـٔين تـ سفيد جبي ۾ ٻـ ملاـٔڪ بيٺا آهن
پڇياـٔون تـ : تھنجو رب ڪير
چياـٔين : الله
دين: ڪھڙو چيو : اسلام
نبي ڪير چيو " محمد ﷺ "
پڇيو: دنيا ۾ ڇا کاـٔيندو ھـٔين
چيو : مون تـ دال کان علاوه ڪجهه نـ کاڌو۔"
ان تي ٻـ ڀاـٔر ڪٽيندا بـ ويا ۽ چياـٔون تـ الله جون ايتريون نعمتون ڇو نـ کاڌيون الله سڀ ڪجهه ڏنو تو ڪنجوسي ڪري ڪفر ڪيو سزا ملندي ان جي۔
ايتري مار ڏني جو بيھوش ٿي ويو واپس ڪپڙا پاراـٔي سندس بستري تي ليٽاـٔي ويا ھليا
جڏهن ھوش ۾ آيو تـ زال چيو
ڇو پيو رڙڙيون ڪرين
چياـٔين: آـٔون جيـٔرو آھيان
زال چيو: ھا ڇو
چياـٔين : اڄ کان سڄي ڪنجوسي ختم دال تـ ڪڏهن بـ نـ رڌجان
زال چيو : دال تـ توکي پسند آهي
چياـٔين : نـ دال جو وڏو عذاب آهي ھاڻي نـ کاـٔيندس 😀😀😀
عربي ڪھاڻي تان ورتل ترجمو