Writings of Ali Dino Shar

Writings of Ali Dino Shar Preserving the timeless words of poet Ali Dino Shar.

01/01/2026

نئون سال
علي ڏنو شر

نوان سال توکي ڀليڪار دل سان،
نوان سال ڪيئي اميدون هن تو مان،
نوان سال تون شال،
منهنجي اباڻن جي ڌرتيءَ مٿان
خوشين جا خزانا ايندين کڻي،
جتي منهنجي مارن کان عيدون رُٺل هن،
جتي منهنجي مارن جون تسبيون ٽٽل هن،
جتي منهنجا مارو قبيلا بڻيل هن،
جتي منهنجي مارن جو سڀ ڪجه ڦريل آ،
جتي روز ٻاگهيون ڪهاڙيءَ ڪُسن ٿيون،
جتي منهنجا مارو اڃارا اڃارا،
جتي منهنجي مارن سڙي ويا ٻيجارا،
هو ڌرتي اباڻن جي بنجر بڻيل آ
نہ سالن کان ڌرتيءَ بهارون ڏٺيون ڪي،
نہ سالن کان ڌرتيءَ تي گل ڪو ٽڙيو آ،
پائي ڳل ڳراٽيون هو ڀونرا چون ٿا،
سدائين خزان جو رهيو راڄ آهي،
اڏامي ويا رنگ سڀ پوپٽن جا،
نوان سال توکي مان هي ڀي ٻڌايان،
اباڻن جي ڌرتيءَ تي ڇا ڇا نه آهي!
ڪاڇو، وچولو، سرو ڀي آ هتڙي،
ٿر، بر، جبل ۽ سمندر آ هتڙي،
ڌرتيءَ جو داتا درياء به هتڙي،
هيءَ ڌرتي سڄي سون هيرا جواهر
هن ڌرتي ۾ ڪي ئي لڪل هن خزانا،
مگر پوءِ به مارو ويچارا ويڳاڻا،
جتي انگ مارن جا آهن اگهاڙا،
ويهي ولھ تي هو ٿا ڪاٽين سيارا،
جتي ڏيل ڏٻرا اباڻن جا آهن،
بکن ۾ گذاري بکن کي ٿا کائين،
جتي منهنجا مارو بازار ۾،
ٻچن کي کپائڻ جا هوڪا ڏين ٿا،
جتي روز آتم هتيائون ٿين ٿيون
جُٺيون ۽ جفائون انهن ساڻ ٿين ٿيون،
جتي منهنجي مارن کي ٻوڏيون ٿيون ٻوڙين،
الهہ تلھ تن جون لهرون ٿيون لوڙهين،
مگر پوءِ به مارن جي سوچن مٿان،
وڏا ڪلف چائنا جا تالا لڳن هن،
مگر پوءِ به هڪ ٻئي جا ويري بڻيل هن،
مگر پوءِ به هڪ ٻئي جي رت جا پياسا،
مگر پوءِ به هڪ ٻئي جا گهر ٿا اجاڙين،
پر دشمن سڃاڻڻ کان عاري بڻيل هن،
دشمن....!
جي پاڻيءَ کي روڪڻ لئہ سوچين ويٺا،
جي مارن کي ٻوڙڻ لئہ سوچن ويٺا،
هنن جي تباهيءَ لئہ سوچن ويٺا،
نوان سال تون شال ايندين کڻي،
وڏا ڪي هٿوڙا .،
جن ساڻ مارن جي سوچن مٿان،
لڳل ڪلف تالا ٿيندا ڀورا ڀورا،
سڃاڻڻ هو لڳندا پنهنجا دوست دشمن،
مڙي پاڻ ۾ جڏهين مچي پو ٿيندا،
هٿن ۾ ڪهاڙي هو اوچي ڪندا،
وڏيرپ وڏيري پو سردار جي،
سلامت نه رهندي،
سلامت نه رهندي!

13/12/2025

ڪهاڻي-
حويليون ۽ حویلیون

اڌ رات جو وقت، ڇڪ ڇڪ... ڇڪ ڇڪ ڇڪ ريل جو آواز.... مسافر ننڊاکڙا،
مٿي تي پٽڪو ٻڌل، اڇي ڏاڙهيءَ واري ڪراڙي اوٻاسي ڏيندي، ڀرسان ويٺل چاپئين ڏاڙهيءَ واري ڪرڙ وڍ کي چيو، "يارُو، زمانو ڪيڏو ته بدلجي ويو آ..!

"چاچا، ڪیئن ؟ " هن پڇیس ..
ڪراڙو ڏاڙهي کي کنھندي ٻڌائڻ لڳو،
"پاڻ واري زماني ۾ پیرن ۾ وڏو پردو هوندو هو.
پاڪن ( بيبين ) جا اڇا مٿا ٿي ويندا ھئا، پر مجال آ جو حاویلین کان ٻاهر پیر ڌرين، پکي به هنن جو پاڇو نہ ڏسي سگهندا هئا."
ايئن وري ڪيئن هوندو ...... حاويليون ڪي جیل خانا ھئا ڇا؟؟؟؟ یاروءَ سهمت نہ ٿیندي ڳاله اڌ ۾ ڪٽيس.

مونکي سائین جو سنهن شاہ جو سنهن، سچ ٿو چوان! ڪراڙو یارو کي یقین ڏيارڻ خاطر قسم کڻي ڳاله ڪرڻ لڳو، پاڪ تہ پاڪ پر ڪا امتیاڻي ڇوڪري به ڪنهن اهل بيت جي نکاح ۾ اچي ويندي هئي ته اها به پاڪ ( بيبي) بڻجي ويندي ھئي!

تو اهڙو ڪو قصو ٻڌو يا ڏٺو سهي ... ؟؟
یارو سوال ڪيس.

ها ابا " ڪراڙو ٻڌائڻ لڳو ، "ابو مرحیات ڳاله ڪندو ھو تہ ، اسان جو ڏاڏا پیر، سائین گرگھل شاه هڪڙي دفعي ڳوٺ ۾ دعا ڪرڻ آیو ، رھایوسونس چاچي ٽلڻ وارن جي گھر ۾، جتي سڀئي مرد مایون نیاڻیون سیاڻیون، سائین جي قدم بوسي لاء آيا. جن سان گڏ چاچي ٽلڻ جي جوان جماڻ ڌيءَ نوري به آئي، نوري جيئن ئي نوڙت ڪري سائين جو هٿ چميو، ته سائين جي نظر هن تي كپي وئي، هٿ کي زور ڏيندي پڇیائینس، ڪنهن جي ڌيءَ آن؟
شرمائيندي نوري وراڻيو، " ٽلڻ جي".
هون... ننڍڙي هوندي هئين، هاڻي ته جوان ٿي وئي آن ....همم سائینءَ جو هونءَ تہ ڳوٺ یہ پنج ڏينهن رھڻ جو ارادو هو پر نوري تي نظر پوڻ کان پوءِ ان شام جو ئي واپس ڳوٺ ھليو ويو. ٻئي ڏينهن سائین جو خلیفو توڏو فقیر چاچي ڏانهن نیاپو کڻي آیو تہ " تو کي سائین گھرایو آهي "

" مرشد جو حڪم اکين تي چئي چاچو ٽلڻ سائین جي ڳوٺ روانو ٿي ويو، جتان ٻي ڏينھن تي واپس موٽي آیو پر ٿورو پریشان پئي نظر آیو، پيءُ ۽ ڀائرن احوال ورتس جن کي ٻڌايائين تہ، " سائین، نوري جو سڱ گھریو آهي. اهو ٻڌي سڀني کي ڍڪر وٺي ویا ، ڇاڪاڻ تہ نوري منهنجي ابي جي مڱ ھئي. ڪجھ دیر کان پوءِ ڏاڍي فيصلو ٻڌائيندي چیو " ابا ڳالهہ تہ ڏاڍي ڳوري آهي ، پر مرشد ٻنهي جھانن جا مالڪ آهن. جان، مال، ٻچن ، ننگن جا به وارث . سو انڪار ڪرڻ چڱي ڳاله نه آهي. ان ڪري مان نوري جو سڱ سائین کی ڏئي ڇڏيو.!
پوءِ 16 سالن جي نوري 70 سالن جي گرگھل شاھ سان لائون لڌيون.
أهون کنگھڪار ڪري ڪراڙي نڙي کي صاف ڪيو ۽ ڳاله کي اڳتي ڳنڍيندي چوڻ لڳو .

پوء اھي ڏينھن اھي شينهن، اها نوري جیڪا سڄو ڏينھن ڳوٺ ۾ وتندي هئي سوٽن ماساتن ۽ جيڏن سان کيچ کچڪا ڪندي سا سڄي ڄمار ڀائرن تہ ڇا پر پيءُ جي منھن بہ نہ پئي ڇوتہ ھوءَ ھاڻي پاڪ بڻجي وئي هئي.

پوءِ جي ڪڏهن ڳوٺ ايندي به هئي ستن پردن ۾ ويڙهجي سیڙھجي. سڀئي مرد گھر خالي ڪري ويندا هئا ، جتي فقط هوءَ، سائین گهرگھل شاھ سان گڏ اڌ منو ڪلاڪ صرف زائفن سان ڪچهري ڪري هلي ويندي هئي، ۽ هاڻي..... ڪراڙي دريءَ کان ٻاهر گھري اونداهي ڏانهن ڏسندي چيو ، " الا منهنجي زاري الائي ڪهڙو زمانو اچي ویو آ..... روز ٿا اخبارن ۾ بيبين جي امتين سان عشق جا قصا ڇاپجن ... توبھن. نڪ تی آڱر گسائيندي. " قیامت اچڻ واري آ ابا"

ڪراڙي ڳالھ جیئن ئي پوري ڪئي تہ یارو کلڻ لڳو.
تون منهنجي ڳالھ تي كلين ٿو؟... ڪراڙي ٿورو ڪاوڙجندي چيو.
مونکي کل تنھنجي سادگي تي ٿي اچي چاچا، ان پہ قیامت جي ڪهڙي ڳالھ آ... ؟ " یارو چوڻ لڳو سماجیات جو اصول آ ته، سماجي طاقت (Social Force) ثقافت (Culture) کي تبدیل ڪندي آهي. ان ڪري اها ثقافت جنهن ۾ تبدیل ٿيڻ جي لچڪ موجود هوندي آهي، صدين تائين زنده رهندي آهي. ان جي برعكس، هڪ جڳھ تي بيٺل ثقافت اڳتي هلي ختم ٿي ويندي آهي.

ان ڪري جن رسمن جو تو ذڪر پئي ڪیو، اھي فطري طور تي ختم ٿيڻيون هيون ۽ ختم ٿي ويون، هاڻي وري انهن جي جڳھ اهڙين نین رسمن والاري آهي جو چئي کڻي بس ڪر.

"اهي ڪهڙيون رسمون آهن ؟" ڪراڙي تجسس وچان پڇیس.
" اقتداري حویلین جون رسمون! جیڪي اڄڪلهه اسان جي سياستدانن نڪ جي وڏي پڪائي سان ٺاهي ڇڏيون آهن."
"ڇا جي نڪ جي پڪائي -- ڪهڙيون اقتداري حاويليون ...
مونکي ڳالھ سمجھ ۾ نہ آئي ابا".. ڪراڙي یارو ڏانھن ڏسندي چیو.
" چاچا، جیئن تو ٻڌايو تہ نوري جهڙي عام ڳوٺاڻي ڇوڪري جيڪا سڄو ڏينھن ڳوٺ ۾ مٽن مائٽن سان ملندي ۽ کجڪا ڪندي وتندي هئي. اها جڏهن پیراڻي حویلي ۾ پهتي ته پاڪ بڻجي وئي. هن جو عزیزن یا مٽن مائٽن سان ملڻ جلڻ همیشه لاء ختم ٿي ویو. بلڪل ساڳئي نموني سان پیرن جي حویلین جی جڳھ اڄڪلهه اقتداري حویلین والاري آهي. اهي سياستدان جيڪي اقتدار ملڻ کان اڳ ۾ وتندا هئا در در تي ماٹھن کي ووٽ لاء ایلاز ڪندا، ۽ جڏهن ماٹھن جي ووٽ سان چونڊجي اقتداري حویلي ۾ پھچن ٿا ته پوءِ ماٹھن سان ملڻ جلڻ کان پاڪ بڻجي وڃن ٿا ۔ ڪلھ ڪالهوڪو ڏينھن آهي جو پاڻ وارو صدر صاحب جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوء ٽرڪ تي چڙھي سڄي ملڪ جي شهرن ۾ عام ماٹھن سان پئي ملیو ۽ سڀني کي پئي سلام ڪيائين، پر جڏهن کان ماٹھن کيس ووٽ ڏئي سڀ کان وڏي پير (اقتدار) سان شادی ڪرائي آهي تڏهن کان ماٹھو ساڻس ملڻ لاء وتن ٿا سڪندا، پر هو ھنن سان ملڻ جلڻ کان پاڪ ٿي چڪو آهي، پر کیس ڪير سمجھائي ته ان حويلي جي عمر ٿوري آهي، ۽ وري مائٽن (عوام) ڏانھن موٽڻو اٿس، جنهن ڪري موٽڻ وارو رستو سلامت رکڻ گھرجيس"۔

"ها اها ڳالھ جائي ٿو ڪرین؟ ڪراڙو چوڻ لڳو، ۽ یارو پنھنجي ڳالھ جاري رکي ، " ایئن ئي ھو پاڻ واري ڳوٺ جو وڏيرو آھي نہ، 'نذرو'، الیڪشن کان اڳ ۾ ڪيئن وتیو پئي غریب غربي جي در تي منٿون ڪندو ۽ شھیدن جي خون جا واسطا وجھندو ته مونکي ووٽ ڏيو مان شھیدن جا اوھان لاء لڌل خواب ضرور پورا ڪندس، مون واري ڀاءُ تہ راتین جون راتيون ننڊون ڦٽائي هن جي ورڪ ڪئي! ۽ هو کٽي ان اقتداري حویلي تائین پھتو آھي. ڪالھ مون وارو ڀاءُ ڏانهس نوڪري وٺڻ لاء وڏي مشڪل سان ویو ، جتي هن سڃاڻڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيس، جنهن تي هن چيس ته، ياد ڪر اسان توکي شهيدن جي ڪري چونڊرايو آهي.
جنهن تي هو تپي باه ٿي ويو ۽ هن کي ڌڪو ڏيندي چيائين، "وڃ وڃ، مان شهيدن جي صدقي نه پر پنهنجي طاقت تي چونڊيو آهيان، تو مهانڊي مونکي چونڊرايو آ!"

ھاڻي ڏسون گھٹي ٿي هليس اها طاقت، وري اسان وٽ نہ ایندو ڄڻ، اهڙو ته بيعزتو ڪري ڪڍنداسونس جو ڏيهن کي ڏس ڏيندو. احسان فراموش ..... ڪنو ڪنهن جاءِ جو" یارو جذباتي ٿي گاریون ڪڍڻ لڳو ته ڪراڙي کڻي وات تي هٿ رکيس ، " بس ابا بس ماٹھو ٿا ٻڌن، اھي ڇا چوندا "

پوء جيئن ئي وات تان هٿ لاٿائینس ته يارو جي واتان انتهائي توائي مان بیساخته هي نڪري ويو.
"واهه ڙي...، تنھنجي طاقت .. هون، ڍڪڻي ۾ ڍڪ پاڻي جو بہ ڪو نہ ھیئي ، جو ٻڏي مرین ها ..."

24/10/2025

نظم
علي ڏنو شر
-اڻ لڀ اٽو
چيو جنهن پئي،
ڏيندس اوهانکي
اگهاڙي بدن جي ڍڪڻ لاءِ لٽو،
ڪڏهن ڀي نه مارو،
بکئي پيٽ مرندا،
نه ئي ٻار ڪوئي (امان ماني) چئي،
ڪڍي پار روئي
بکايل ئي سمهندو،
نه ئي منهنجا سانگي،
سياري جي وِلھ ۾،
يا آرهڙ جي اُس ۾
ٺرندا يا سڙندا-
مگر ماڻهپي جي ويري کَپُرَ،
اچانڪ هڻي جهڙپ
بند آ ڪيو
هُو آواز جيڪو صدين جي صدا هو،
ڪنھن ٻوسٽ جي ماحول ۾ ڄڻ هوا هو،
۽ هاڻي هو آهون ۽ دانھون ٻڌو،
بدن هو اگهاڙا،
ڏسو هو بکيا پيٽ،
جن لاءِ هتي
مھانگو ۽ اڻ لڀ ٿيو آ اٽو،
مهانگو ۽ اڻ لڀ ٿيو آ اٽو!!

شاھ لطيف جي شاعري ۾ مزاحمت نگاريء جو عنصر      علي ڏنو شر - مزاحمت انهيءَ ويڙه جو نالو آهي جيڪا انسان پنهنجي وجود جي بقا...
14/10/2025

شاھ لطيف جي شاعري ۾ مزاحمت نگاريء جو عنصر
علي ڏنو شر -
مزاحمت انهيءَ ويڙه جو نالو آهي جيڪا انسان پنهنجي وجود جي بقاء لاءِ مختلف محاذن تي وڙهيو آهي. ڪڏھن هو فطرت جي بي رحم قوتن خلاف برسرپيڪار نظر آيو آهي جيڪي هن جي هستيءَ خلاف رهيون آهن ته ڪڏھن اڻ برابري تي ٻڌل سماج خلاف وڙهيو آهي. هن جي ان ويڙهاند جو هڪڙو محاذ "من جي بغاوت" پڻ رهيو آهي ۽ ان بغاوت کي ڪچلڻ لاءِ هو "منجهان ئي منجھ وڙهيو آهي" ۽ سندس پير پڌر تي ئي رهيو اٿس.
تاريخ انسان جي ان ڳاله جي ساکي آهي ته جن قومن مزاحمت ڪئي آهي، انهن جي جي اندر ۾ وڙهڻ جو جذبو موجود رهيو آهي ۽ انهن ئي دنيا جي اڳواڻي ڪئي آهي. ڪمزور ۽ غير صالح قومون فنا ٿي ويون آهن، ڇاڪاڻ ته اهو فطرت جو اصول آهي ته مالهيءَ کي ڪمزور سِلا ڪڍي ڦٽو ڪرڻا پوندا آهن، ٻئي صورت ۾ اهي ٻين کي ڪمزور ڪندا.
شاه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جو نمائنده شاعر آهي، جنهن جي شاعري جي خوشبو سڄِي ولايت واسي ڇڏي آهي، هن جي فڪر جو پڙاڏو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، هن جي شاعريءَ جا ڪيترا ئي رخ آهن، پر هر رخ ۾ انسانيت ۽ ماڻهپي جو اولڙو ۽ عڪس نظر اچي ٿو. هُو انسان ذات جو داعي آهي ۽ ان کي بلنديءَ جي معراج تي ڏسڻ چاهي ٿو ۽ اهي سڀ دڳ ۽ پيچرا ٻڌائي ٿو جيڪي انسان جي عظمت طرف وڃن ٿا. هن وٽ ذات پات، رنگ نسل ۽ مذهبي ڀيد ڀاءُ ڪونهي پر جيڪو اچي سو ئي اگهامي ٿو، جيڪو وهي سو ئي لهي ٿو. شاه سائين انهيءَ قوت جي هَتي ڪري ٿو جيڪا انسان ذات جي پرماريت ڪري ٿي، انساني حقن جي انڪاري آهي، مهانگائي لاءِ ميڙي ٿي ۽ ڏڪار جي تمنائي آهي. شاه سائين پنهنجي شاعريءَ ذريعي جهيڙيو آهي ۽ جهيڙڻ جو ڏس ڏنو آهي انهن قوتن خلاف جيڪي آزاديءَ جون دشمن آهن، محبت جون مخالف آهن، امن جون ويري آهن. شاه سائين اعليٰ آدرشي انسان آهي جنهن جو آدش "ڌرتيءَ تي جنت" جو قيام آهي ۽ ان جي تڪميل لاءِ ويڙھ کانسواءِ ٻئي ڪا به واه نه آهي.
شاه سائين جو سڄو ڪلام مزاحمت سان ڀرپور آهي، هو سنڌ جي پاڪ ڌرتي تي فطرت جي حسين تخليق عورت جي مرضيءَ خلاف سندس قسمت جو فيصلو مرد طرفان ٿيندو ڏسي سهڻيءَ جي روپ ۾ مزاحمت ڪري ٿو، هوءَ کيس ٿاڦيل مڙس وٽ ناپاڪ ٿيندي نظر اچي ٿي.
ساهڙ ڌاران سهڻي نسوري ناپاڪ،
نجاست ناه ڪري، انهن جي اوطاق
هوءَ جي کير پياڪ پاسي تنين پاڪ ٿئي.
شاه سائين عورت کي ان جي آئيڊيل وٽ ڏسڻ چاهي ٿو، جيڪو هن جو بنيادي حق آهي، ۽ ان حق جي حاصلات لاءِ ان جي رهبري ڪري ٿو، ۽ کيس مزاحمت لاءِ اٿي کڙو ٿيڻ جا جتن ڪري ٿو. ۽ کيس چوي ٿو ته اها بغاوت ڏينهن ڏٺي جو ڪرڻ لاءِ ڪمر ٻڌ ۽ اعلانيه نڪري پئو انهيءَ راھ تي.
سدا پچ م سهڻي، اونداهي اڌ رات
پريان ڏي پرڀات، وانءُ ڏيٺاري ڏيھ کي.
۽ انهيءَ حق جي راه تي هلندي سر جو سانگهو لاهي ڇڏڻو آهي، درياهه جي دهشت ۽ ڪُنن جي ڪڙڪاٽ کان ڊڄي پوئتي ناهي هٽڻو. پر مئي متي مهراڻ ۾ ٽپو ڏيئي ڪاهي پئجي، تر تڪي تار ۾ گهڙت ڪاڻيارين جو ڪم هوندو آهي ۽ ڪپر ڪوڙيون پڇنديون آهن.
شاه سائين پنهنجي دور جي مروج مذهبي قدرن خلاف مذاحمت ڪئي آهي ۽ مزاحمت جو سبق ڏنو آهي. اهي قدر جن ۾ اسلام جهڙي مذهب کي سوڙهو ڪري گهُٽ ۽ ٻوسٽ وارو ماحول پيدا ڪيو ويو هيو، ڇو جو هندو لفظ "رسو" چوڻ کان ڪيٻائيندا هئا ته متان "ل" ملائي رسو کي رسول ڪري مسلمان ٿيڻ جي فتوا نه صادر ڪئي وڃي ۽ ڪنهن جهول ۾ نه ڦاسي پئجي. يا وري ٻين مذهبن اندر منافقت خلاف جهيڙيو آهي لطيف،
اِن پر نه ايمان ، جيئن ڪلمي گو ڪوٺائين ؛
دغا تنهنجي دل ۾ شِرڪ ۽ شيطان ؛
منهن ۾ مسلمان ، اندر ۾ آذر آھيين .
يا
ڪُوڙو تون ڪُفرَ سين، ڪافرُ مَ ڪوٺاءِ،
هندو هڏ نه آهئيين، جَڻيو تو نه جُڳاءِ،
تِلِڪُ تني کي لاءِ، سچا جي شِرڪ سين۔

شاه سائيم جو مجاهد پنهنجي نصب العين جي تڪميل لاءِ مسلسل ويڙهاند ۾ مصروف عمل آهي، هو ورچي ويهڻ جو قائل ناهي، هو سماج جي انهن مانگرمڇن سان اڪيلي سر وڙهڻ لاءِ تيار آهي جيڪي عوام جو رت ست پي رهيا آهن، سنڌ جي سڄي ڪمائي هڙپ ڪري مچي ويا آهن ۽ غريب سنڌي بک، بيروزگاري ۽ افلاس سبب پنهنجو پاڻ ۾ الجهيا پيا آهن ۽ استحصالي مڇ انهن جي مال تي ٽوپي نراڙ تي رکي هنبوڇيون ؛هڻي رهيا آهن، انهن کي للڪاريندي چوي ٿو،
متو آهين مڇ، ٿلها ٿو ٿونا هڻين
تو جو ڀائين اڇ، تنهن سر پنا ڏينهنڙا.
انهيءَ حق جي ويڙه ۾ هو ڪنهن به ڪمپرومائيز جو قائل ناهي، هُو غاضب قوت سامھون وڙهڻ جو حامي آهي ۽ ڀالا هڻي ڀاڪرين وڙهڻ ٿو چاهي، ايسيتائين جو ڍال جي به نفي ڪري ٿو.
”سورهيه مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار ،
هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال م ڍار،
مٿـــــان تـــيخ تــــرار، مــار تــه متارو ٿئين.“

لطيف کي پنهنجي سورهيه جو سامهون وڙهڻ ۽ کيس منهن ۾ گهاوَ ڏاڍا سهڻا ۽ سيبائيندڙ ٿا لڳن ۽ انهيءَ حق جي معرڪي مان ڀڄڻ يا پٺ ڏيڻ کيس لڄائين ٿا.
" ڀڄي آئين ڀڄڻا! لڄايُئي مون سيڻ"
لطيف جو مجاهد انساني عظمت ۽ آجپي جي اها ويڙه وڙهندي گرفتار ٿي ٿو وڃي ته اتي به ڀرپور مزاحمت ٿو ڪري ۽ آڻ نٿو مڃي! رياستي جبر آڏو آڻ نه مڃڻ پڻ مزاحمت آهي، انهيءَ لاءِ سارتر چيو هيو ته،
" اسان ايترو ڪڏهن به آزاد نه هياسين، جيترو جرمني جي قيد دوران هياسين- اسان جي مٿان ظلم ڪندڙ اسان مان اها اميد ڪري ويٺا هئا ته اسان انهن جي ڏاڍ ۽ ظلم کي هڪ اڻ ٽر حقيقت مڃي مقدر جو فيصلو سمجهون! پر ايئن نه هيو، اهو ئي سبب آهي ته اسان ان حالت ۾ آزاد هياسين."
ائين ئي لطيف جو قيدي مجاهد چوي ٿو،
" سُکر سي ئي ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾ ،
وسايم وڏ ڦڙو ، مٿي ماڙين مينهن ،
وانجھاءي وصل کي ٿيس تھوارن تين
نيئر منهنجي نينهن، اجاري اڇو ڪيو."
هن جي گرفتاري کان پوءِ هڪ پاسي رياستي پاور آهي ته ٻئي پاسي هُو اڪيلو، بي وس، پر اعليٰ آدرش رکندڙ پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ ڌڻين سان عشق ڪندڙ! جنھن مٿان طرحين طرحين سختيون ڪيون ٿيون وڃن، قيد و بند جون صعوبتون ڏنيون ٿيون وڃن، هٿين هٿ ڪڙول ته ڳچيءَ ڳانا لوه جا پارايا ٿا وڃن-
ڳِچِيءَ ڳانا لوھَ جا، زيريُون ۽ زنجيِرَ؛
پَيڪَڙا پَيرنِ ۾، ڪوٺِيُن اَندَرُ ڪِيرَ؛
چارِي چؤگانَنِ ۾، واهِيَتَ ڪَنِ وَزِيرَ؛

نه ئي وري قسمين قسمين لالچون ڏنيون ٿيون وڃن، پر هي آهي جو ڪنهن به قيمت پنهنجي مقصد کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، اهڙي طرح مرڻ کي حيات تي ترجيح ٿي ڏئي ۽ ان ۾ ئي امرتا ٿو ڀائين-

مرڻا اڳي جي مئا سي مري ٿيان نه مات،
هوندا سي حيات جيئڻا اڳي سي جيئا

11/10/2025

طويل خاموشيءَ کانپوءِ هُن جي ڪهاڻين کي پنهنجي آواز ذريعي نئون جيوَن ڏيڻ ٿي چاهيم، سندس ڪهاڻين جي سلسلي جي هيءَ پهرين ڪَڙي آهي. جيڪا اوهان آڏو پيش ڪجي ٿي.

As a child, when he saw other children going to school, he begged his family to let him study too. He was his father’s d...
09/10/2025

As a child, when he saw other children going to school, he begged his family to let him study too. He was his father’s dearest son shy and gentle. His father was afraid that if a teacher scolded him, he might not be able to control his emotions. After much insistence, his father finally agreed and enrolled him in school.

From the very first day, he fell in love with knowledge. His teachers were amazed by his understanding and praised him often. He always scored higher than others and passed his early classes with distinction. Later, he joined Municipal School Larkana, where he continued his studies with great dedication and successfully passed his matriculation.

After that, his father took him to Syed Sabit Ali Shah, a spiritual guide and successor of Hakim Ali Shah Patawaro, and requested him to make Ali Dino his disciple but also allow him to continue his education. Sabit Shah was a man of deep knowledge, well-versed in the poetry of Shah Abdul Latif Bhittai, Sachal Sarmast, and other great Sufi poets.

Under his guidance, Ali learned the path of faqeeri a life of humility, devotion, and truth. He travelled barefoot with other devotees on the journey to Lahoot, where he was given the name شوق علي as a mark of spiritual awakening.

When he returned, he continued his education, passing Intermediate and B.A. exams, and later became a Government Secondary Teacher. Because of his deep love for Sindhi literature, he passed the Public Service Commission exam and joined the Government Degree College as a Sindhi Lecturer.

He was a hardworking and devoted teacher, loved by his students for his kindness and sincerity.
Along with teaching, he also served as a union leader of SAPLA (Sindh Professors and Lecturers Association), where he worked tirelessly for the rights of teachers and the welfare of college students.
He believed education was not only about books, but about awakening minds and building character.

In 2012, he was selected for M.Phil at Sindh University. But within just two months, his journey was cut short. In a tribal conflict, this kind, gentle, and innocent man was shot dead.

His only fault was that he was different, educated, peaceful, and wise in a place that didn’t understand him. He loved books more than battles, and poetry more than pride. He believed in words, not weapons.

They silenced his body, but not his voice. His words still live. His silence still hums in verses. And his soul still teaches, still loves, still speaks through poetry.

Address

Larkana

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Writings of Ali Dino Shar posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Category