01/01/2026
نئون سال
علي ڏنو شر
نوان سال توکي ڀليڪار دل سان،
نوان سال ڪيئي اميدون هن تو مان،
نوان سال تون شال،
منهنجي اباڻن جي ڌرتيءَ مٿان
خوشين جا خزانا ايندين کڻي،
جتي منهنجي مارن کان عيدون رُٺل هن،
جتي منهنجي مارن جون تسبيون ٽٽل هن،
جتي منهنجا مارو قبيلا بڻيل هن،
جتي منهنجي مارن جو سڀ ڪجه ڦريل آ،
جتي روز ٻاگهيون ڪهاڙيءَ ڪُسن ٿيون،
جتي منهنجا مارو اڃارا اڃارا،
جتي منهنجي مارن سڙي ويا ٻيجارا،
هو ڌرتي اباڻن جي بنجر بڻيل آ
نہ سالن کان ڌرتيءَ بهارون ڏٺيون ڪي،
نہ سالن کان ڌرتيءَ تي گل ڪو ٽڙيو آ،
پائي ڳل ڳراٽيون هو ڀونرا چون ٿا،
سدائين خزان جو رهيو راڄ آهي،
اڏامي ويا رنگ سڀ پوپٽن جا،
نوان سال توکي مان هي ڀي ٻڌايان،
اباڻن جي ڌرتيءَ تي ڇا ڇا نه آهي!
ڪاڇو، وچولو، سرو ڀي آ هتڙي،
ٿر، بر، جبل ۽ سمندر آ هتڙي،
ڌرتيءَ جو داتا درياء به هتڙي،
هيءَ ڌرتي سڄي سون هيرا جواهر
هن ڌرتي ۾ ڪي ئي لڪل هن خزانا،
مگر پوءِ به مارو ويچارا ويڳاڻا،
جتي انگ مارن جا آهن اگهاڙا،
ويهي ولھ تي هو ٿا ڪاٽين سيارا،
جتي ڏيل ڏٻرا اباڻن جا آهن،
بکن ۾ گذاري بکن کي ٿا کائين،
جتي منهنجا مارو بازار ۾،
ٻچن کي کپائڻ جا هوڪا ڏين ٿا،
جتي روز آتم هتيائون ٿين ٿيون
جُٺيون ۽ جفائون انهن ساڻ ٿين ٿيون،
جتي منهنجي مارن کي ٻوڏيون ٿيون ٻوڙين،
الهہ تلھ تن جون لهرون ٿيون لوڙهين،
مگر پوءِ به مارن جي سوچن مٿان،
وڏا ڪلف چائنا جا تالا لڳن هن،
مگر پوءِ به هڪ ٻئي جا ويري بڻيل هن،
مگر پوءِ به هڪ ٻئي جي رت جا پياسا،
مگر پوءِ به هڪ ٻئي جا گهر ٿا اجاڙين،
پر دشمن سڃاڻڻ کان عاري بڻيل هن،
دشمن....!
جي پاڻيءَ کي روڪڻ لئہ سوچين ويٺا،
جي مارن کي ٻوڙڻ لئہ سوچن ويٺا،
هنن جي تباهيءَ لئہ سوچن ويٺا،
نوان سال تون شال ايندين کڻي،
وڏا ڪي هٿوڙا .،
جن ساڻ مارن جي سوچن مٿان،
لڳل ڪلف تالا ٿيندا ڀورا ڀورا،
سڃاڻڻ هو لڳندا پنهنجا دوست دشمن،
مڙي پاڻ ۾ جڏهين مچي پو ٿيندا،
هٿن ۾ ڪهاڙي هو اوچي ڪندا،
وڏيرپ وڏيري پو سردار جي،
سلامت نه رهندي،
سلامت نه رهندي!