08/09/2026
8 سيپٽمبر جو هي بابرڪت ڏينهن تمام مؤمنن، محبين ۽ عاشقانِ اهلبيتؑ کي دل جي گهراين سان لکين مبارڪون هجن.
اڄ جو هي سهڻو ۽ بابرڪت ڏينهن اسان سڀني لاءِ خوشيءَ جو ڏينهن آهي. هن مبارڪ موقعي تي حضرت آيت الله سيد علي خامنه اي جي فرزند حضرت سيد مجتبيٰ خامنه اي جي ولادتِ باسعادت جون تمام مؤمنن ۽ محبين کي دل سان مبارڪون پيش ڪريون ٿا.
دل سان دعا آهي ته الله پاڪ حضرت سيد مجتبيٰ خامنه اي کي صحت، سلامتي، همت ۽ حوصلو عطا فرمائي، ۽ دين، اهلبيتؑ جي محبت ۽ حق جي راهه ۾ خدمت ڪرڻ جون توفيقات عطا فرمائي.
مولا عليؑ جي طاقت، امام حسينؑ جي استقامت ۽ اهلبيتؑ جي محبت هميشه اسان لاءِ مشعلِ راهه هجي.
يا الله هر مؤمن جي دعا قبول فرماءِ، سڀني مؤمنن کي پنهنجي حفظ و امان ۾ رک، ايران ۽ ان جي عوام کي امن، سلامتي ۽ استحڪام عطا فرماءِ.
حضرت سيد مجتبيٰ خامنه اي کي پنهنجي حفاظت ۽ امان ۾ رک، پنجتن پاڪؑ جي ڇانوَ، اهلبيتؑ جي گهر جي ڇانوَ ۽ مولا امام رضاؑ جي سايي ۾ سلامت رک.
8 سيپٽمبر جون لکين مبارڪون!
تمام مؤمنن، محبين ۽ عاشقانِ اهلبيتؑ کي دل جي گهراين سان مبارڪون هجن.
غيرت، محبت ۽ عشقِ اهلبيتؑ سان سڀني کي هي بابرڪت ڏينهن مبارڪ هجي.