Summan Unnar

Summan Unnar ڀلي ڪري آیا 🤍

18/04/2024

The new ordinance at Karachi Press Club.

05/11/2023
19/10/2023

ڪامریڊ نظیر عباسي جي ورسي ۾ شیخ آیاز جي شاعري سان نظیر کي ڀیٽا۔

19/10/2023

شاعر :مهر ڍٻائي

آواز : سمن انڙ

اٿي پئو پاڻ بدلايو
سمھي ڇو ٿا سج لاھيو
مري ھونئي بھي وڃڻو آ
قبر ۾ نيٺ پوڻو آ
ادا ڪردار اھڙو ڪر
فخر جنھن تي ڪرئي پونير
امڙ جو قرض لاھي وڃ
جا پيتئي ٿڃ ملھائي وڃ
جڏھن کان سمجھ ھي آئي
ڊٻائي ننڊ وئي جائي
تڏھن ٿم سنڌ کي ڳايو
اٿي پئو پاڻ بدلايو
سمھي ڇو ٿا سج لاھيو...!

19/10/2023

غزل / جھانگير ڏاهري

آواز : سمن انڙ

اُڀَ وانگي هٿَ پنھنجا کول تون،
هيلَ پاڻيءَ مان وَري گهر ڳول تون،

لااِله جو وردُ ڪَر تون، ڪَر ڀلي،
پر اُٿي ڪجهہ ظلمَ کي ڇاڇول تون،

بکَ تي سارا پکِي آهن سُتا،
ڏِس وڻن ۾ ڏُکَ جو ماحول تون،

مينھُن ايندو گَهرَ سڀئي گهايل ڪندو،
جَهڪَ آڏو جَهل ڀَلي پيو جهول تون،

شاعريءَ ۾ ديسَ جون ڳالهيون ڪري،
ڪيترو ٿِي ويو آهين انمول تون،

19/10/2023

لاچاري
امر پيرزادو

آواز : سمن انڙ

ڪيئي ماتم
گڏجي ويا هن
ڪهڙو ماتم
اڳ ۾ ڪجي
مال مرڻ جو
فصل ٻڏڻ جو
هڙ وڃڻ جو
گهر ڊھڻ جو
ڳوٺ ٻڏڻ جو
ڳوٺ ڇڏڻ جو
جيون تان
ارواهه کڄڻ جو
ڳوٺ سڄي جي
ساهه سڪڻ جو
لاچاري جي
زهر پيئڻ جو
ڪيئي ماتم
گڏجي ويا هن
ڪهڙو ماتم اڳ ۾ ڪجي
ڪهڙو ماتم اڳ ۾ ڪجي ????

امر پيرزادو

19/10/2023

منهنجو ديسُ اُڪاري ڏي تون..

شاعره : روبينه ابڙو
آواز : سمن انڙ

19/10/2023

(ايوب کوسو)

آواز : سمن انڙ

زبان پنهنجي اها ئي ساڳي،
متان تون سمجهين ٺري وئي آ ،

Address

Karachi, Pakistan Sindh
Karachi

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Summan Unnar posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Establishment

Send a message to Summan Unnar:

Share

Category