Lal Muhammad Lal Intellectual's Forum

Lal Muhammad Lal Intellectual's Forum His poetry is also long-lasting and deep in terms of its message.

Lal Muhammad Lal Intellectual's Forum (LMLIF) was founded on January 1, 2023, to promote and disseminate the literary and intellectual works of LAL MUHAMMAD LAL (1923 - 1997) noted Sindhi Poet, Intellectual and legal expert from Shikarpur Sindh, Pakistan Lal Muhammad "Lal" is one of the unique poets among the few noted rhymesters of the conventional era of Sindhi poetry, who carries an impeccable

mien and a developed and pleasant poetic accent. He started adapting his literary services before partition and spread the aroma of his thoughts for more or less six decades.

May the crescent moon bring you peace, happiness, and blessings this Eid," and "Eid Mubarak to all, may your prayers be ...
20/03/2026

May the crescent moon bring you peace, happiness, and blessings this Eid," and "Eid Mubarak to all, may your prayers be answered and your hearts filled with joy.

- CHAND RAAT MUBARAK!
عيدالفطر ١٤٤٧ هجريءَ جي چنڊ رات جُون واڌايُون
عيدالفطر ١٤٤٧ ہجری کی چاند رات مبارک

جمعة الوداع مباركةJumma-tul-wida Mubarak. May Allah accept our fasts and prayers, and bless everyone with peace, prosper...
20/03/2026

جمعة الوداع مباركة
Jumma-tul-wida Mubarak. May Allah accept our fasts and prayers, and bless everyone with peace, prosperity and good health. 🤲

LAL MUHAMMAD LAL INTELLECTUAL's FORUM wishes youHAPPY NEW YEAR 2026 💕🌹🎁💕 نئين سال 2026ع جُون واڌايُون
31/12/2025

LAL MUHAMMAD LAL INTELLECTUAL's FORUM wishes you
HAPPY NEW YEAR 2026 💕🌹🎁💕 نئين سال 2026ع جُون واڌايُون

“I heard the bells on Christmas DayTheir old, familiar carols play,And wild and sweetThe words repeatOf peace on earth, ...
24/12/2025

“I heard the bells on Christmas Day
Their old, familiar carols play,
And wild and sweet
The words repeat
Of peace on earth, good-will to men!”
― Henry Wadsworth Longfellow

LAL MUHAMMAD LAL INTELLECTUAL's FORUM wishes you
MARRY CHIRSTMAS 💕🌹🎄🧑‍🎄🌹🌲⛪🎁💕 ڪرسمس جُو واڌايُون

سنڌ جي نامياري شاعر، قانوندان، استاد، ناشر ۽ ايڊيٽر، لعل محمّد ”لعل“ جي 28 هين ورسيءَ جي مناسبت سان، روزاني ”عوامي آواز“...
06/05/2025

سنڌ جي نامياري شاعر، قانوندان، استاد، ناشر ۽ ايڊيٽر، لعل محمّد ”لعل“ جي 28 هين ورسيءَ جي مناسبت سان، روزاني ”عوامي آواز“ ڪراچيءَ جي اڱاري، 6 مئي 2025ع، 8 ذوالقعد 1446 هجريءَ واري شماري جي ايڊيٽوريل صفحي شايع ٿيل ياسر قاضيءَ جو ليک، جيڪو سندس ريگيولر ڪالم ”ڊپارچر لائونج“ جي 40 ڪڙيءَ طور ڇپيو

Yasir Qazi's write-up about the life and works of LAL MUHAMMAD 'LAL', an eminent Sindhi poet, publisher, Educator and lawyer, published on the 28th death anniversary of Lal, on the editorial page of Daily "Awami Awaz" Karachi, on Tuesday, May 6, 2025, "featured in the 40th edition of his column 'DEPARTURE LOUNGE'

سنڌي ٻوليءَ جي ساهت جي جهان ۾ روايتي شاعريءَ جي دؤر جي ڪجهه نمائنده شاعرن ۾ لعل محمّد ”لعل“ جو نالو به نمايان طور شامل آهي، جنهنجو ڪلام پنهنجي ڀرپور فني پختگيءَ جي ڪ....

05/05/2025

Yasir Qazi’s 40th Sindhi column, 'DEPARTURE LOUNGE', published in the Daily 'Awami Awaz' Karachi on Tuesday, May 6, 2025 / Zil-Qa’ad 8, 1446 Hijri.
Honoring the legacy of Lal Muhammad 'Lal', a distinguished Sindhi poet, on his 28th death anniversary, this article shares a glimpse into his life and remarkable literary contributions.

روزاني ”عوامي آواز“ ڪراچيءَ جي ايڊيٽوريل صفحي تي اڱاري، 6 مئي 2025ع، 8 ذوالقعد 1446 هجريءَ تي ” روايتي سنڌي شاعريءَ جي دؤر جو هڪ لعل“ جي عنوان سان شايع ٿيل ياسر قاضيءَ جي ڪالم ”ڊپارچر لائونج“ جي 40هين ڪڙي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي برجستي شاعرَ، لعل محمّد ”لعل“ جي 28هين ورسيءَ جي مناسبت سان سندس جيون ۽ ادبي خدمتن جو مختصراً ذڪر ڪيو ويو آهي.

https://awamiawaz.pk/1285871

(ڊِپارچَر لائُونج)

روايتي سنڌي شاعريءَ جي دؤر جو هڪ لعل

ـــ ياسر قاضي ـــ

سنڌي ٻوليءَ جي ساهت جي جهان ۾ روايتي شاعريءَ جي دؤر جي ڪجهه نمائنده شاعرن ۾ لعل محمّد ”لعل“ جو نالو به نمايان طور شامل آهي، جنهنجو ڪلام پنهنجي ڀرپور فني پختگيءَ جي ڪري نه رڳو پڙهڻ ۾ لطف ڏيندڙ آهي، پر پنهنجي پيغام جي لحاظ کان به گهرو آهي. جنهن ڇهن ڏهاڪن تي پکڙيل پنهنجي سخن جي مشق ۽ قلمي پورهيي سان سنڌي شعر جي گلشن ۾ پنهنجو حصي جي سرهاڻ پکيڙي. ڪلهه کيس سنڌي ادب جي جهان کان وڇڙئي 28 ورهه پورا ٿيا.

ايڊووڪيٽ لعل محمّد ”لعل“ جي ولادت سنڌ جي تاريخي، ثقافتي، علمي ۽ ادبي حوالي سان مشهور شهر، ”سنڌ جي پيرس“ شڪارپور ۾، 21 جنوري 1923ع تي داد محمّد دايي جي گهر ۾ ٿي. لعل، پنهنجي ادبي ۽ ذاتي رفيق، همعصر شاعر شيخ اياز کان عمر ۾ رڳو هڪ مهينو وڏو هو. لعل محمّد دايي پنهنجي ابتدائي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪئي. هن ميٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان ۽ انٽرميڊيئيٽ ’سي اينڊ ايس ڪاليج‘ (سيٺ چيلاسنگھه، سيتل داس ڪاليج) شڪارپور مان پاس ڪئي. جنهن بعد، کيس بئراج کاتي ۾ ڪلارڪ جي نوڪري ملي. ڪجهه عرصو شڪارپور ۽ ان جي آسپاس جي علائقن ۾ ڊيوٽي انجام ڏيڻ کانپوءِ، سندس کاتي سندس بدلي ڪراچيءَ ڪري ڇڏي. انهن ڏينهن ۾، هن 1948ع ۾ بي اي (آنرز) جو امتحان پاس ڪري قانون جي پيشاورانه تعليم حاصل ڪئي ۽ 1952ع ۾ ايس. ايم. لا ڪاليج ڪراچيءَ مان ايل ايل بي جي ڊگري ماڻي. جنهن کانپوءِ هن سرڪاري نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏئي، ڪراچيءَ مان عملي وڪالت جي شروعات ڪئي. هو هڪ خانگي قانوني فرم سان جونيئر وڪيل جي حيثيت سان واڳجي ويو ۽ کيس پنهنجي صلاحيتن جي آڌار تي ڪراچيءَ جي ماهر قانوندانن جي حلقن ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪرڻ ۾ گهڻو وقت ڪونه لڳو.

لعل محمد ”لعل“ ٿوري وقت لاءِ پنهنجي وڪالت جي پيشي کي عارضي طور تي ڇڏي، 1954ع ۾ سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو ۽ پنهنجو پاڻ کي هن اهم تعليمي اداري جو مثالي استاد ثابت ڪيائين. پڙهائڻ سان گڏوگڏ هو ”سنڌمدرسي ڪرانيڪل“ نالي اسڪول ميگزين جو چيف ايڊيٽر به رهيو ۽ مخزن جي انگريزي ۽ سنڌي سيڪشن جي ادارت سان گڏ، هن ميگزين جي سونهن ۽ سنوار جو ڪم به بخوبي انجام ڏنائين. هن سنڌ مدرسي ۾ ملازمت جي پهرين سال جي پڄاڻيءَ تي، 1955ع ۾ ’بي ٽي‘ جو امتحان پڻ نمايان نمبرن سان پوزيشن هولڊر طور پاس ڪيو.

لعل محمد ”لعل“ جي شاعريءَ جي شوق جو آغاز شايد سندس ڄمڻ سان ئي ٿيو هو. هن علمِ عروض ۽ ٻيا ابتدائي فني اصول شڪارپور جي مشهور صوفي شاعر فقير غلام علي ”مسرور“ کان سکيا. ٻالڪپڻ کان ئي سندس شاعري ”سنڌو“ ۽ ”اديب سنڌي“ جهڙن ان دؤر جي نالي چڙهين رسالن ۾ شايع ٿيڻ لڳي هئي. سندس دوست ۽ سنڌ جو نامور شاعر شيخ اياز پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لعل بابت لکي ٿو:

”ان دؤر ۾ لعل محمّد ’لعل‘ ۽ نعيم صديقي منهنجا بهترين دوست هئا. لعل محمّد ’لعل‘ سنڌي غزل جي تراش خراش ۾ ماهر هو. طبيعت جي لحاظ کان سادو ۽ سچو انسان هو. لعل محمّد ’لعل‘ جي ادبي سرگرمين سان شڪارپور ۾ 1941ع ۾ ’سنڌي بزمِ ادب‘ جو بنياد پيو، ۽ سندس ئي ڪوششن سان ’مسلم سنڌي ادبي سوسائٽي‘ قائم ٿي، جنهن جو هو پاڻ سيڪريٽري جنرل به چونڊيو ويو. ان سوسائٽيءَ جا زوردار مشاعرا ’جماڻي هال‘ (موجوده ميونسپل آفيس) ۾ ٿيندا هئا. انهن مشاعرن جي ذريعي شڪارپور ۾ ادبي شعور وڌڻ لڳو. ان ۾ هڪ طرف بزرگ شاعر، جيئن لطف الله بدوي، فقير غلام علي مسرور ۽ فقير عبدالوهاب ’ناظم‘، پنهنجي شاعري عوام تائين پهچائيندا هئا، ته ٻئي طرف نؤجوانن ۾ به شاعريءَ جو شوق پيدا ٿيو، جن ۾ شيخ اياز، احسان احمد بدوي، نعيم صديقي ۽ رشيد احمد لاشاري شامل آهن. ان زماني ۾ رشيد احمد لاشاري شڪارپور ۾ رهائش پذير هو ۽ ’لعل‘ سان سندس گهري دوستي هئي. حقيقت ۾ رشيد احمد لاشاريءَ کي ادبي طور سرگرم ڪرڻ ۾ لعل محمّد صاحب جو وڏو هٿ هو.“

شيخ اياز لعل بابت هڪ ٻي جاءِ تي لکي ٿو:

”لعل محمد ’لعل‘ اردو جي روايتي انداز ۾ غزل چوندو هو، ۽ اردوءَ جي پراڻن استاد شاعرن جهڙوڪ: انشا، مومن، ناسخ وغيره سندس پسنديده شاعر هئا. هو تمام پختي شاعري ڪندو هو ۽ شعر ۾ بندش کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏيندو هو. اسان کي سندس نالي ’لعل‘ ۽ تخلص ’احمر‘ ۾ به بندش نظر ايندي هئي. حقيقت ۾، لعل محمّد تغزل ۾ روايتي معامله بنديءَ جو وڏو استاد هو. لاڙڪاڻي جا غزل گو شاعر، سندس مقابلي ۾ تُڪ بند محسوس ٿيندا هئا.“

اياز جا اهي لفظَ لعل جي شاعريءَ بابت وڏي سندَ آهن. اياز جي ان نثري ٽڪري مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته لعل محمّد پنهنجي شاعريءَ ۾ ’لعل‘ سان گڏ ’احمر‘ تخلص به استعمال ڪندو هو. جيتوڻيڪ ٻنهي جي معنيٰ ساڳئي آهي. جيڪا آهي: ”ڳاڙهو“

ڪراچيءَ ۾ پنهنجي رهائش دؤران، لعل محمّد کي شيخ عبدالحليم ”جوش“، سرشار عقيليءَ، نياز همايونيءَ، ڊاڪٽر اياز حسين قادريءَ، شيخ عبدالله ”عبد“، شيخ مراد علي ”ڪاظم“ ۽ ان جهڙن ان دؤر جي ٻين معروف شاعرن جي ادبي قربت ملي، جن سان گڏ رهڻ سبب سندس طبيعت ۾ ادبي تحرڪ وڌيو. اها لعل جي خوشقسمتي هئي جو کيس علامه آءِ آءِ قاضيءَ ۽ شمس العلماء علامه عمر بن محمّد دائودپوٽي جي صحبت جو شرف پڻ حاصل ٿيو. بلڪه اهي ٻئي سندس شعر جي انفراديت سان گڏ، ادبي طور سرگرم رهڻ جا پڻ معترف هئا. لعل محمّد 1951ع ۾ علامه دائودپوٽي ۽ شيخ عبدالحليم ”جوش“ جي صلاح تي ئي ڪراچيءَ مان ”آفتاب“ نالي هڪ ماهوار ادبي رسالو جاري ڪيو، جيڪو معياري ادبي مواد ڇاپڻ ڪري ٿوري ئي عرصي ۾ سنڌ جي ادبي حلقن ۾ بيحد مقبول ٿي ويو. پر مالي مسئلن سبب هي معياري رسالو وڌيڪ عرصو شايع ٿي نه سگھيو. لعل محمّد ان دؤران ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿيندڙ مشاعرن ۽ ٻين علمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ پڻ گھڻو متحرڪ ۽ سرگرم نظر آيو. ڪراچيءَ وارو دؤر لعل جي ادبي تحرڪ جي حوالي سان اهم زمانو هو، جنهن کيس ساهت جي دنيا ۾ صحيح معنيٰ ۾ سُڃاڻ ڏني.

واپس شڪارپور اچڻ کانپوءِ هن پنهنجي فرزند جي نالي سان ”اعجاز پبليڪيشن“ جو پايو وڌو ۽ ان پاران مختلف ڪتاب شايع ڪيا. جن ۾ لعل جو پنهنجو پهريون (۽ هن وقت تائين شايع ٿيل آخري) شعري مجموعو ”گُونجَ“ به شامل آهي، جنهن ۾ سندس غزلَ، نظمَ ۽ ڪجھه قطعا شامل آهن. هي ڪتاب 1993ع ۾ پڌرو ٿيو. ان کانسواءِ هن پنهنجو لکيل ٻيو ننڍڙو انگريزي ڪتابڙو ”سَم سجيشنس ابائوٽ شڪارپور“ جي نالي سان به شايع ڪيو، جنهن ۾ شڪارپور جي انفراسٽرڪچر جي بهتريءَ لاءِ اقتدار جي صاحبن کي مفيد مشورا ڏنل هئا، جنهن جون ڪاپيون هن ان زماني جي ”وس وارن“ کي موڪليون به هيون. هو ’شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ‘ جو ڊگھي عرصي تائين صدر به رهيو. وڪيلن جي سياست جي ميدان ۾ هو ’ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن شڪارپور‘ جو متعدد ڀيرا صدر پڻ چونڊيو ويو. 1990ع ۾ سندس ئي طويل ڪوششن سان شڪارپور ۾ ’حاجي مولا بخش سومرو لا ڪاليج‘ قائم ٿيو ته لعل محمّد ان جو پهريون پرنسپل مقرر ٿيو، جتي هن ڪجھه سال قانون جي شاگردن کي پاڪستان جو آئين ۽ قانون پاڙهيو. جتان هو 1994ع ۾ رٽائر ٿيو.

1997ع ۾ لعل محمّد ”لعل“ جي صحت وڏي غدود جي بيماريءَ سبب متاثر ٿي. کيس علاج لاءِ ڪراچيءَ جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي سندس غدود جا ٻه آپريشن ٿيا، پر ٻئين آپريشن کانپوءِ هو صحتياب نه ٿي سگهيو ۽ 5 مئي 1997ع تي، 74 سالن جي ڄمار ۾ هي فاني جهان ڇڏي ويو. کيس ڪراچيءَ جي گلشنِ اقبال بلاڪ 3 جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

پنهنجي بيان جي انداز ۽ لهجي جي لحاظ کان لعل جي ڪلام تي ڀلي اقبال، غالب ۽ اردوءَ جي ٻين استاد شاعرن جو اثر رهيو هجي، سندس بحرن جي چونڊ توڙي ’ڊڪشن‘ ۾ ڀلي اسانکي اردوءَ ۽ فارسيءَ جي خوشبو ايندي هجي ۽ سندس ڪلام اياز سان ذاتي دوستيءَ ۽ ويجھڙائيءَ باوجود ڀلي پنهنجي سڳنڌ ۾ بنهه الڳ هجي ۽ جديد شاعريءَ جي رستي جو راهي نه ٿي سگھيو هجي، پر پوءِ به سنڌي روايتي غزل ۽ نظم جو ذڪر ڪندي، سنڌي ادب جو مؤرخ، لعل محمّد لعل جي قلمي پورهيي کي نظر انداز ڪونه ٿو ڪري سگھي. بقول رئيس فروغ جي:

حُسن کو حسن بنانے میں مرا ہاتھ بھی ہے
آپ مجھ کو نظر انداز نہیں کر سکتے

سنڌ جي نامياري شاعر، قانوندان، استاد، ناشر ۽ ايڊيٽر، لعل محمّد ”لعل“ جي 28 هين ورسيءَ جي مناسبت سان، روزاني ”عوامي آواز“...
05/05/2025

سنڌ جي نامياري شاعر، قانوندان، استاد، ناشر ۽ ايڊيٽر، لعل محمّد ”لعل“ جي 28 هين ورسيءَ جي مناسبت سان، روزاني ”عوامي آواز“ ڪراچيءَ جي اڱاري، 6 مئي 2025ع، 8 ذوالقعد 1446 هجريءَ واري شماري جي ايڊيٽوريل صفحي شايع ٿيل ياسر قاضيءَ جو ليک، جيڪو سندس ريگيولر ڪالم ”ڊپارچر لائونج“ جي 40 ڪڙيءَ طور ڇپيو

Yasir Qazi's write-up about the life and works of LAL MUHAMMAD 'LAL', an eminent Sindhi poet, publisher, Educator and lawyer, published on the 28th death anniversary of Lal, on the editorial page of Daily "Awami Awaz" Karachi, on Tuesday, May 6, 2025, "featured in the 40th edition of his column 'DEPARTURE LOUNGE'

https://awamiawaz.pk/1285871

(روايتي سنڌي شاعريءَ جي دؤر جو هڪ لعل)

ـــ ياسر قاضي ـــ

سنڌي ٻوليءَ جي ساهت جي جهان ۾ روايتي شاعريءَ جي دؤر جي ڪجهه نمائنده شاعرن ۾ لعل محمّد ”لعل“ جو نالو به نمايان طور شامل آهي، جنهنجو ڪلام پنهنجي ڀرپور فني پختگيءَ جي ڪري نه رڳو پڙهڻ ۾ لطف ڏيندڙ آهي، پر پنهنجي پيغام جي لحاظ کان به گهرو آهي. جنهن ڇهن ڏهاڪن تي پکڙيل پنهنجي سخن جي مشق ۽ قلمي پورهيي سان سنڌي شعر جي گلشن ۾ پنهنجو حصي جي سرهاڻ پکيڙي. ڪلهه کيس سنڌي ادب جي جهان کان وڇڙئي 28 ورهه پورا ٿيا.

ايڊووڪيٽ لعل محمّد ”لعل“ جي ولادت سنڌ جي تاريخي، ثقافتي، علمي ۽ ادبي حوالي سان مشهور شهر، ”سنڌ جي پيرس“ شڪارپور ۾، 21 جنوري 1923ع تي داد محمّد دايي جي گهر ۾ ٿي. لعل، پنهنجي ادبي ۽ ذاتي رفيق، همعصر شاعر شيخ اياز کان عمر ۾ رڳو هڪ مهينو وڏو هو. لعل محمّد دايي پنهنجي ابتدائي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪئي. هن ميٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان ۽ انٽرميڊيئيٽ ’سي اينڊ ايس ڪاليج‘ (سيٺ چيلاسنگھه، سيتل داس ڪاليج) شڪارپور مان پاس ڪئي. جنهن بعد، کيس بئراج کاتي ۾ ڪلارڪ جي نوڪري ملي. ڪجهه عرصو شڪارپور ۽ ان جي آسپاس جي علائقن ۾ ڊيوٽي انجام ڏيڻ کانپوءِ، سندس کاتي سندس بدلي ڪراچيءَ ڪري ڇڏي. انهن ڏينهن ۾، هن 1948ع ۾ بي اي (آنرز) جو امتحان پاس ڪري قانون جي پيشاورانه تعليم حاصل ڪئي ۽ 1952ع ۾ ايس. ايم. لا ڪاليج ڪراچيءَ مان ايل ايل بي جي ڊگري ماڻي. جنهن کانپوءِ هن سرڪاري نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏئي، ڪراچيءَ مان عملي وڪالت جي شروعات ڪئي. هو هڪ خانگي قانوني فرم سان جونيئر وڪيل جي حيثيت سان واڳجي ويو ۽ کيس پنهنجي صلاحيتن جي آڌار تي ڪراچيءَ جي ماهر قانوندانن جي حلقن ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪرڻ ۾ گهڻو وقت ڪونه لڳو.

لعل محمد ”لعل“ ٿوري وقت لاءِ پنهنجي وڪالت جي پيشي کي عارضي طور تي ڇڏي، 1954ع ۾ سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو ۽ پنهنجو پاڻ کي هن اهم تعليمي اداري جو مثالي استاد ثابت ڪيائين. پڙهائڻ سان گڏوگڏ هو ”سنڌمدرسي ڪرانيڪل“ نالي اسڪول ميگزين جو چيف ايڊيٽر به رهيو ۽ مخزن جي انگريزي ۽ سنڌي سيڪشن جي ادارت سان گڏ، هن ميگزين جي سونهن ۽ سنوار جو ڪم به بخوبي انجام ڏنائين. هن سنڌ مدرسي ۾ ملازمت جي پهرين سال جي پڄاڻيءَ تي، 1955ع ۾ ’بي ٽي‘ جو امتحان پڻ نمايان نمبرن سان پوزيشن هولڊر طور پاس ڪيو.

لعل محمد ”لعل“ جي شاعريءَ جي شوق جو آغاز شايد سندس ڄمڻ سان ئي ٿيو هو. هن علمِ عروض ۽ ٻيا ابتدائي فني اصول شڪارپور جي مشهور صوفي شاعر فقير غلام علي ”مسرور“ کان سکيا. ٻالڪپڻ کان ئي سندس شاعري ”سنڌو“ ۽ ”اديب سنڌي“ جهڙن ان دؤر جي نالي چڙهين رسالن ۾ شايع ٿيڻ لڳي هئي. سندس دوست ۽ سنڌ جو نامور شاعر شيخ اياز پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لعل بابت لکي ٿو:

”ان دؤر ۾ لعل محمّد ’لعل‘ ۽ نعيم صديقي منهنجا بهترين دوست هئا. لعل محمّد ’لعل‘ سنڌي غزل جي تراش خراش ۾ ماهر هو. طبيعت جي لحاظ کان سادو ۽ سچو انسان هو. لعل محمّد ’لعل‘ جي ادبي سرگرمين سان شڪارپور ۾ 1941ع ۾ ’سنڌي بزمِ ادب‘ جو بنياد پيو، ۽ سندس ئي ڪوششن سان ’مسلم سنڌي ادبي سوسائٽي‘ قائم ٿي، جنهن جو هو پاڻ سيڪريٽري جنرل به چونڊيو ويو. ان سوسائٽيءَ جا زوردار مشاعرا ’جماڻي هال‘ (موجوده ميونسپل آفيس) ۾ ٿيندا هئا. انهن مشاعرن جي ذريعي شڪارپور ۾ ادبي شعور وڌڻ لڳو. ان ۾ هڪ طرف بزرگ شاعر، جيئن لطف الله بدوي، فقير غلام علي مسرور ۽ فقير عبدالوهاب ’ناظم‘، پنهنجي شاعري عوام تائين پهچائيندا هئا، ته ٻئي طرف نؤجوانن ۾ به شاعريءَ جو شوق پيدا ٿيو، جن ۾ شيخ اياز، احسان احمد بدوي، نعيم صديقي ۽ رشيد احمد لاشاري شامل آهن. ان زماني ۾ رشيد احمد لاشاري شڪارپور ۾ رهائش پذير هو ۽ ’لعل‘ سان سندس گهري دوستي هئي. حقيقت ۾ رشيد احمد لاشاريءَ کي ادبي طور سرگرم ڪرڻ ۾ لعل محمّد صاحب جو وڏو هٿ هو.“

شيخ اياز لعل بابت هڪ ٻي جاءِ تي لکي ٿو:

”لعل محمد ’لعل‘ اردو جي روايتي انداز ۾ غزل چوندو هو، ۽ اردوءَ جي پراڻن استاد شاعرن جهڙوڪ: انشا، مومن، ناسخ وغيره سندس پسنديده شاعر هئا. هو تمام پختي شاعري ڪندو هو ۽ شعر ۾ بندش کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏيندو هو. اسان کي سندس نالي ’لعل‘ ۽ تخلص ’احمر‘ ۾ به بندش نظر ايندي هئي. حقيقت ۾، لعل محمّد تغزل ۾ روايتي معامله بنديءَ جو وڏو استاد هو. لاڙڪاڻي جا غزل گو شاعر، سندس مقابلي ۾ تُڪ بند محسوس ٿيندا هئا.“

اياز جا اهي لفظَ لعل جي شاعريءَ بابت وڏي سندَ آهن. اياز جي ان نثري ٽڪري مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته لعل محمّد پنهنجي شاعريءَ ۾ ’لعل‘ سان گڏ ’احمر‘ تخلص به استعمال ڪندو هو. جيتوڻيڪ ٻنهي جي معنيٰ ساڳئي آهي. جيڪا آهي: ”ڳاڙهو“

ڪراچيءَ ۾ پنهنجي رهائش دؤران، لعل محمّد کي شيخ عبدالحليم ”جوش“، سرشار عقيليءَ، نياز همايونيءَ، ڊاڪٽر اياز حسين قادريءَ، شيخ عبدالله ”عبد“، شيخ مراد علي ”ڪاظم“ ۽ ان جهڙن ان دؤر جي ٻين معروف شاعرن جي ادبي قربت ملي، جن سان گڏ رهڻ سبب سندس طبيعت ۾ ادبي تحرڪ وڌيو. اها لعل جي خوشقسمتي هئي جو کيس علامه آءِ آءِ قاضيءَ ۽ شمس العلماء علامه عمر بن محمّد دائودپوٽي جي صحبت جو شرف پڻ حاصل ٿيو. بلڪه اهي ٻئي سندس شعر جي انفراديت سان گڏ، ادبي طور سرگرم رهڻ جا پڻ معترف هئا. لعل محمّد 1951ع ۾ علامه دائودپوٽي ۽ شيخ عبدالحليم ”جوش“ جي صلاح تي ئي ڪراچيءَ مان ”آفتاب“ نالي هڪ ماهوار ادبي رسالو جاري ڪيو، جيڪو معياري ادبي مواد ڇاپڻ ڪري ٿوري ئي عرصي ۾ سنڌ جي ادبي حلقن ۾ بيحد مقبول ٿي ويو. پر مالي مسئلن سبب هي معياري رسالو وڌيڪ عرصو شايع ٿي نه سگھيو. لعل محمّد ان دؤران ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿيندڙ مشاعرن ۽ ٻين علمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ پڻ گھڻو متحرڪ ۽ سرگرم نظر آيو. ڪراچيءَ وارو دؤر لعل جي ادبي تحرڪ جي حوالي سان اهم زمانو هو، جنهن کيس ساهت جي دنيا ۾ صحيح معنيٰ ۾ سُڃاڻ ڏني.

واپس شڪارپور اچڻ کانپوءِ هن پنهنجي فرزند جي نالي سان ”اعجاز پبليڪيشن“ جو پايو وڌو ۽ ان پاران مختلف ڪتاب شايع ڪيا. جن ۾ لعل جو پنهنجو پهريون (۽ هن وقت تائين شايع ٿيل آخري) شعري مجموعو ”گُونجَ“ به شامل آهي، جنهن ۾ سندس غزلَ، نظمَ ۽ ڪجھه قطعا شامل آهن. هي ڪتاب 1993ع ۾ پڌرو ٿيو. ان کانسواءِ هن پنهنجو لکيل ٻيو ننڍڙو انگريزي ڪتابڙو ”سَم سجيشنس ابائوٽ شڪارپور“ جي نالي سان به شايع ڪيو، جنهن ۾ شڪارپور جي انفراسٽرڪچر جي بهتريءَ لاءِ اقتدار جي صاحبن کي مفيد مشورا ڏنل هئا، جنهن جون ڪاپيون هن ان زماني جي ”وس وارن“ کي موڪليون به هيون. هو ’شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ‘ جو ڊگھي عرصي تائين صدر به رهيو. وڪيلن جي سياست جي ميدان ۾ هو ’ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن شڪارپور‘ جو متعدد ڀيرا صدر پڻ چونڊيو ويو. 1990ع ۾ سندس ئي طويل ڪوششن سان شڪارپور ۾ ’حاجي مولا بخش سومرو لا ڪاليج‘ قائم ٿيو ته لعل محمّد ان جو پهريون پرنسپل مقرر ٿيو، جتي هن ڪجھه سال قانون جي شاگردن کي پاڪستان جو آئين ۽ قانون پاڙهيو. جتان هو 1994ع ۾ رٽائر ٿيو.

1997ع ۾ لعل محمّد ”لعل“ جي صحت وڏي غدود جي بيماريءَ سبب متاثر ٿي. کيس علاج لاءِ ڪراچيءَ جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي سندس غدود جا ٻه آپريشن ٿيا، پر ٻئين آپريشن کانپوءِ هو صحتياب نه ٿي سگهيو ۽ 5 مئي 1997ع تي، 74 سالن جي ڄمار ۾ هي فاني جهان ڇڏي ويو. کيس ڪراچيءَ جي گلشنِ اقبال بلاڪ 3 جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

پنهنجي بيان جي انداز ۽ لهجي جي لحاظ کان لعل جي ڪلام تي ڀلي اقبال، غالب ۽ اردوءَ جي ٻين استاد شاعرن جو اثر رهيو هجي، سندس بحرن جي چونڊ توڙي ’ڊڪشن‘ ۾ ڀلي اسانکي اردوءَ ۽ فارسيءَ جي خوشبو ايندي هجي ۽ سندس ڪلام اياز سان ذاتي دوستيءَ ۽ ويجھڙائيءَ باوجود ڀلي پنهنجي سڳنڌ ۾ بنهه الڳ هجي ۽ جديد شاعريءَ جي رستي جو راهي نه ٿي سگھيو هجي، پر پوءِ به سنڌي روايتي غزل ۽ نظم جو ذڪر ڪندي، سنڌي ادب جو مؤرخ، لعل محمّد لعل جي قلمي پورهيي کي نظر انداز ڪونه ٿو ڪري سگھي. بقول رئيس فروغ جي:

حُسن کو حسن بنانے میں مرا ہاتھ بھی ہے
آپ مجھ کو نظر انداز نہیں کر سکتے

منفرد لهجي واري نامياري سنڌي شاعر لعل محمّد لعل کي سندس 28هين ورسيءَ جي موقعي تي خراج ِ عقيدتToday, we pay tribute to LA...
05/05/2025

منفرد لهجي واري نامياري سنڌي شاعر لعل محمّد لعل کي سندس 28هين ورسيءَ جي موقعي تي خراج ِ عقيدت

Today, we pay tribute to LAL MUHAMMAD LAL (1923-1997), a renowned Sindhi poet, educator, editor, and legal expert, on his 28th death anniversary.
His contributions to Sindhi literature and education will always be remembered.

MAQSOOD GUL ACADEMY SINDH, pays a heartfelt tribute to the legendary LAL MUHAMMAD "LAL" (AHMER) [1923-1997] on his 28th ...
05/05/2025

MAQSOOD GUL ACADEMY SINDH, pays a heartfelt tribute to the legendary LAL MUHAMMAD "LAL" (AHMER) [1923-1997] on his 28th death anniversary.
'Lal Muhammad Lal Intellectual's Forum' (LMLIF) is honored by this gesture, celebrating his legacy as a renowned Sindhi poet, educator, editor, and legal expert. ❤💐🎉🌹

مان هُيُس ۽ خيالِ يار هُيو
هم نفس خُلد درڪنار هُيو

حُسن جيسين ستم شُعار هُيو،
عشق جو شانُ برقرار هُيو

منظرِ اشڪِ بيڪسي، توبهه!
هڪ اَلم خيز آبشار هُيو

الله الله! تصوّراتِ شباب
چؤ طرف ڇا عجب بهار هُيو

بارِ خاطر ٿو اڄ لڳَي غم دوست!
يا ته اڳ باعثِ قرار هُيو

هاءِ! هُو وقت، هُو سَمو، اي ”لعلَ!“
دل هُئِي، دل تي اختيار هُيو

(لعل محمّد ”لعل“)

Homage to LAL MUHAMMAD "LAL" (AHMER) [1923-1997] (Eminent Sindhi Poet, Educator, Editor and Legal Expert) on his 28th death anniversary on Monday, May 5, 2025

MAQSOOD GUL ACADEMY SINDH, pays a heartfelt tribute to the legendary LAL MUHAMMAD "LAL" (AHMER) [1923-1997] on his 28th ...
05/05/2025

MAQSOOD GUL ACADEMY SINDH, pays a heartfelt tribute to the legendary LAL MUHAMMAD "LAL" (AHMER) [1923-1997] on his 28th death anniversary.
'Lal Muhammad Lal Intellectual's Forum' (LMLIF) is honored by this gesture, celebrating his legacy as a renowned Sindhi poet, educator, editor, and legal expert. ❤💐🎉🌹

Address

Block 2, PECHS, Sindh
Karachi
75400

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Lal Muhammad Lal Intellectual's Forum posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Establishment

Send a message to Lal Muhammad Lal Intellectual's Forum:

Share

Category