24/06/2026
دوستو هن وڊيو کي کي ڏسو ته هن پيرسن کي ڀوتار ڪيئن ماري رهيو آهي، هن ڀوتار کي نه وڏي عمر جو نه اڇي مٿي ۽ اڇي ڏاڙهي جو لحاظ اٿس. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڇا قانوني ادارا انهي ڀوتار تي ڪاروائي ڪندا ڇا هن ڪُراڙي کي انصاف ملندو. هونئن ته ضلعي ٺٽي ۾ صاحب اقتدار پيپلز پارٽي آهي جنهن جي دعويٰ آهي ته اها پارٽي مظلوم ماڻهن جي آهي اگر اها ڳالهه حقيقي آهي ته پوءِ هن چاچي سان به انصاف ٿيڻ گھرجي هن ڀوتار کي قانون جي دائري ۾ آڻي ان کان پُڇا ڪئي وڃي ته آخر اهو ظلم ڇو ڪيو ويو اگر چاچو ڪنهن قسم جو ڏوهاري آهي ته ان لاءِ به قانون آهي پر ٻئي ڪنهن کي اجازت ناهي ته اهو ڪنهن انسان جي ايئن تذليل ڪري ۽ سرعام انکي ڪُتيندو رهي