28/05/2020
ڌرتي جيڏو ٻک رکين ٿي ــ
آريسر جي اک رکين ٿي
ھر ڪنھن موتي ماڻڪ ميڙيا
پر تون خالي کک رکين ٿي
تنھنجي پوتي ڳاڙھو جھنڊو
آزادي جي پڪ رکين ٿي
سن جي مٽي سڏ ڪيو ڇا
تڪڙو ڪيڏو وک رکين ٿي
مون ۾ منھنجو ڪجھــ ب ناھي
بيشڪ مونتي حق رکين ٿي