سنڌ ادبي روح رھاڻ

سنڌ ادبي روح رھاڻ Sindh Adbi Rooh Rihan

نسرين سيد...................واهه زندگيتنهنجا رنگ به عجيب آهنڪٿي رت جا رشتا ئي رت جا دشمن بڻجي وڃن ٿاته ڪٿي پنهنجا ئي ماڻ...
22/05/2026

نسرين سيد...................واهه زندگي
تنهنجا رنگ به عجيب آهن
ڪٿي رت جا رشتا ئي رت جا دشمن بڻجي وڃن ٿا
ته ڪٿي پنهنجا ئي ماڻهو
دلين کي قبرستان بڻائي ڇڏين ٿا
پيءُ کي ڏٺو
جو پنهنجي ئي پٽ کي ٽڪر ٽڪر ڪندو رهيو
لفظن سان روين سان نفرتن سان
هڪ پڙهيل لکيل ڊاڪٽر عورت کي ڏٺو
جنهن جي هٿن ۾ شفا هئڻ گهرجي ها
پر هن محبت کي ئي
موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو
اتر سنڌ جي گهٽين ۾
هڪ ماءُ تي الزام لڳا
۽ پوءِ ساڳيا الزام
ڌيءَ جي نصيب تي لکي ڇڏيا ويا
هي سماج به ڪيڏو بي رحم آهي
هتي عورت جو ڪردار
ماڻهن جي زبانن ۾ قيد هوندو آهي
هڪ زال کي ڏٺو
جنهن ويهه سال پنهنجي مڙس لاءِ
دعائن جا ڏيئا ٻاريا
پر موٽ ۾ کيس
تهمتن جا پٿر مليا
هڪ ڀاءُ جي جنازي پٺيان
دهل وڄندي ڏٺا
۽ سمجهي ويس
ته هاڻي ماڻهن وٽ
غم به رسمون بڻجي ويا آهن
هڪ نياڻي کي ڏٺو
جنهن جو پيءُ زندهه هو
پر پوءِ به هوءَ
يتيم سڏرائي وئي
ڇو ته رڳو جيئرو هجڻ
پيءُ هجڻ ناهي هوندو
هڪ مرد کي ڏٺو
جيڪو محبت جي نالي تي
ڪنهن جي روح کي بليڪ ميل ڪندو رهيو
۽ پوءِ به سماج کيس
مرد سڏيندو رهيو
اي خدا
هاڻي ته رشتن کان به ڊپ لڳي ٿو
هاڻي ته پنهنجا لفظ به
زهر جهڙا محسوس ٿين ٿا
هي ڪهڙي دنيا آهي؟
جتي سچ اڪيلو بيهي روئي ٿو
۽ ڪوڙ
ميڙن ۾ تاڙيون وڄائي ٿو
رشتن جي هن ويساهه گهاتي واري راند ۾
هاڻي ماڻهو نه ٿا مرن فقط
روحون به روز دفن ٿين ٿيون

لفظن جي روشنيءَ ۾ جيئندڙ هڪ انمول هيري جيان وجود۔   پروفيسر نسرين سيد۔تحرير: حڪيم پريم چاندواڻيانساني سماج جي تاريخ ۾ ڪج...
11/04/2026

لفظن جي روشنيءَ ۾ جيئندڙ هڪ انمول هيري جيان وجود۔
پروفيسر نسرين سيد۔

تحرير: حڪيم پريم چاندواڻي

انساني سماج جي تاريخ ۾ ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جيڪي صرف پنهنجي زندگي نٿا گذارين، پر پنهنجي فڪر، علم ۽ قلم سان ڪيترن ئي ذهنن ۾ روشني جا ڏيئا به ٻاريندا رهن ٿا۔ اهڙا ماڻهو وقت جي وهڪري ۾ رڳو هڪ فرد طور نه، پر هڪ فڪر، هڪ احساس ۽ هڪ تحريڪ جي صورت اختيار ڪري وٺندا آهن۔ سندن وجود هڪ اهڙو آئينو بڻجي ويندو آهي، جنهن ۾ سماج جا خواب، درد، سوال ۽ اميدون سڀئي عڪس بڻجي ظاهر ٿيندا آهن۔
سنڌ جي علمي ۽ ادبي فضا ۾ به ڪي اهڙا نالا آهن، جن جو سفر رڳو ذاتي ڪاميابي جو قصو ناهي، پر هڪ وڏي سماجي ۽ فڪري وابستگيء جو اظهار آهي۔ اهڙن نالن ۾ هڪ اهم نالو نسرين سيد جو به آهي، جنهن پنهنجي زندگيءَ کي علم، ادب ۽ شعور جي روشني سان سينگاريو آهي۔
سنڌ جي مٽيءَ ۾ هڪ خاص خاصيت آهي۔ اها پنهنجي اندر مان اهڙا انسان پيدا ڪندي رهي ٿي، جيڪي علم جي پياس سان ڀرپور هوندا آهن۔ جڏهن ڪو ماڻهو ننڍڙي شهر يا ڳوٺ مان اٿي پنهنجي محنت ۽ همت سان علم جي واٽن تي اڳتي وڌي ٿو ته اهو سفر رڳو ذاتي ترقيءَ جو سفر نٿو رهي، پر اهو ڪيترن ئي ٻين لاءِ اميد جو پيغام بڻجي ويندو آهي۔ نسرين سيد جو سفر به اهڙي ئي ارادي ۽ عزم جو داستان آهي۔
تعليم انسان جي اندر جي دنيا کي وسيع ڪري ٿي۔ جڏهن علم سان گڏ حساس دل ۽ تخليقي ذهن به شامل ٿي وڃي، ته پوءِ اهو انسان رڳو پڙهندڙ يا استاد نٿو رهي، پر سماج جو فڪري راهبر بڻجي وڃي ٿو۔ درس و تدريس جو پيشو اصل ۾ رڳو ڪتابي ڄاڻ منتقل ڪرڻ جو نالو ناهي، بلڪه اهو ذهنن کي جاڳائڻ، سوچ کي سنوارڻ ۽ شخصيتن کي تعمير ڪرڻ جو عمل آهي۔ اهو ئي سبب آهي جو ڪجهه استاد پنهنجن شاگردن لاءِ رڳو استاد نه پر الهام بڻجي ويندا آهن۔
نسرين سيد جي زندگيءَ جو اهم پهلو به اهو آهي ته هن تعليم جي ميدان ۾ پنهنجو پاڻ کي صرف هڪ ذميواري طور نه پر هڪ مشن طور ڏٺو۔ شاگردن جي ذهنن ۾ سوال پيدا ڪرڻ، انهن جي اندر ادبي ذوق پيدا ڪرڻ ۽ انهن کي فڪري آزاديءَ جي طرف وٺي وڃڻ اهڙو ڪم آهي، جيڪو هر استاد جي وس ۾ ناهي هوندو۔ اهو ڪم صرف اهي ماڻهو ڪري سگهندا آهن، جن جي اندر علم سان گڏ احساس جي گرمي به موجود هوندي آهي۔
نسرين سيد جو سفر رڳو درس و تدريس تائين محدود نه رهيو۔ سندس قلم به ساڳي شدت ۽ حساسيت سان هلندو رهيو آهي۔ ادب جي دنيا ۾ قلم اصل ۾ روح جي ترجماني ڪندو آهي۔ جڏهن ڪو ليکڪ لکڻ ويهندو آهي ته لفظن جي صورت ۾ سندس اندر جي ڪيفيت، مشاهدو ۽ احساس سڀئي ظاهر ٿيڻ لڳندا آهن۔
ادب جو حقيقي حسن اهو آهي ته اهو انسان کي انسان سان ملائي ٿو۔ شاعري هجي يا ڪهاڻي، ان جو اصل مقصد انسان جي اندر لڪل احساسن کي آواز ڏيڻ آهي۔ نسرين سيد جي لکڻين ۾ به اها ئي خاصيت نمايان نظر اچي ٿي۔ سندس لفظن ۾ بنا ڪنهن مصنوعي بناوٽ جي سادگي آهي، جيڪا پڙهندڙ جي دل تائين سڌو پهچي ٿي۔
حقيقت ۾ ادب تڏهن اثرائتو ثابت ٿيندو آهي، جڏهن ان ۾ زندگيءَ جي سچائي شامل هجي۔ اهڙا لفظ جيڪي رڳو خوبصورت هجن پر اندر خالي هجن، اهي گهڻو وقت زنده نٿا رهن۔ پر اهي لفظ جيڪي زندگيءَ جي تجربن، احساسن ۽ سماجي مشاهدي مان جنم وٺن ٿا، اهي پڙهندڙ جي ذهن ۾ گهڻو وقت تائين گونجندا رهن ٿا۔
نسرين سيد جي تخليقن ۾ انساني احساسن جي جيڪا گهرائي نظر اچي ٿي، اها هن ڳالهه جو ثبوت آهي ته هوءَ رڳو لفظن سان راند نٿي کيڏي، بلڪه زندگيءَ جي حقيقتن کي سمجهي انهن کي اظهار جو روپ ڏئي ٿي۔ سندس شاعري ۾ ڪڏهن محبت جي لطافت آهي، ڪڏهن داخلي اڪيلائيءَ جو درد، ته ڪڏهن سماج جي بيحسيءَ تي هڪ خاموش احتجاج۔
ساڳيءَ طرح سندس ڪهاڻين ۾ به انساني نفسيات جو وڏو نفيس مطالعو نظر اچي ٿو۔ ڪهاڻي اصل ۾ سماج جو عڪس هوندي آهي۔ هڪ سٺي ڪهاڻي پڙهندڙ کي صرف تفريح فراهم نٿي ڪري، بلڪه ان کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏي ٿي۔ جڏهن ڪو پڙهندڙ ڪنهن ڪردار جي درد کي محسوس ڪرڻ لڳي، ته سمجهڻ گهرجي ته ليکڪ پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي۔
سنڌي ادب جي روايت هميشه کان احساس، سچائي ۽ فڪري آزاديءَ سان ڀرپور رهي آهي۔ شاهه لطيف کان وٺي جديد دؤر جي شاعرن ۽ ليکڪن تائين، هن ڌرتيءَ جي قلمڪارن انساني درد ۽ سماجي شعور کي پنهنجن لفظن ۾ محفوظ ڪيو آهي۔ انهيءَ روايت کي اڳتي وڌائڻ ۾ جديد دؤر جا ليکڪ به پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن۔
نسرين سيد جو ادبي سفر به انهيءَ روايت سان ڳنڍيل محسوس ٿئي ٿو۔ سندس لکڻين ۾ عورت جي احساسن جي لطافت به آهي ۽ سماج جي حقيقتن جو ادراڪ به۔ هوءَ جڏهن لکندي آهي ته سندس لفظن ۾ هڪ اهڙي سچائي محسوس ٿيندي آهي، جيڪا پڙهندڙ کي بنا ڪنهن تڪلف جي پنهنجي طرف ڇڪي وٺندي آهي۔
حقيقت ۾ هڪ ليکڪ جي سڃاڻپ سندس ڪتابن يا مضمونن جي تعداد سان نه پر انهن جي اثر سان ٿيندي آهي۔ جيڪڏهن ڪنهن ليکڪ جو لفظ پڙهندڙ جي دل ۾ هڪ نئون سوال پيدا ڪري، يا سوچ جي ڪا نئين واٽ کولي، ته اها ئي ادب جي وڏي ڪاميابي آهي۔
اڄ جڏهن دنيا تيزيءَ سان بدلجي رهي آهي ۽ انسان مشينن جي رفتار سان زندگي گذارڻ لڳو آهي، تڏهن ادب جي اهميت وڌيڪ وڌي وئي آهي۔ ادب انسان کي پنهنجي اندر ڏسڻ سيکاري ٿو۔ اهو دل کي نرم ۽ ذهن کي روشن بڻائي ٿو۔
اهڙي زماني ۾ اهي قلمڪار وڌيڪ اهميت اختيار ڪن ٿا، جيڪي لفظن جي ذريعي انسانيت جي قدرن کي زنده رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا۔ نسرين سيد به انهن ئي ماڻهن مان آهي، جن جو قلم صرف اظهار جو وسيلو نه پر شعور جي روشني بڻجي سامهون اچي ٿو۔
زندگيءَ جا سفر آخرڪار انسان کي هڪ اهڙي جاءِ تي وٺي ايندا آهن، جتي سندس اصل سڃاڻپ سندس عمل ۽ فڪر سان ٿيندي آهي۔ علم جي دنيا هجي يا ادب جي، جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو پنهنجو وجود سچائي، محنت ۽ تخليقيت سان سينگاريو هجي ته وقت به ان جي سڃاڻپ کي مٽائي نٿو سگهي۔
نسرين سيد جو سفر به اهڙي ئي عزم ۽ تخليقي سگهه جو سفر آهي، جيڪو علم، ادب ۽ احساس جي واٽن تي اڳتي وڌندي سنڌي ادب جي آسمان تي پنهنجي روشنيءَ سان الڳ سڃاڻپ پيدا ڪري چڪو آهي۔ سندس لفظ اڄ به ڪيترن ئي ذهنن ۾ سوچ جا نوان در کولين ٿا ۽ ڪيترن ئي دلين ۾ احساس جي نئين لهر پيدا ڪن ٿا۔
شايد اهو ئي هڪ سچي ليکڪ جي سڀ کان وڏي ڪاميابي هوندي آهي۔
ته سندس لفظ وقت جي وهڪري سان گڏ وهي نه وڃن،
پر ماڻهن جي دلين ۾ هڪ مستقل آواز بڻجي زنده رهندا اچن۔

29/03/2026
مرنے سے پہلے اپنی اولاد اور آنے والی نسلوں کو ضرور بتانا کہ ہم نے وہ دور بھی دیکھا، جب ایک 86 سالہ بزرگ تنہا کھڑا ہو کر ...
01/03/2026

مرنے سے پہلے اپنی اولاد اور آنے والی نسلوں کو ضرور بتانا کہ ہم نے وہ دور بھی دیکھا، جب ایک 86 سالہ بزرگ تنہا کھڑا ہو کر اسلام اور اپنے مؤقف کی جنگ لڑ رہا تھا، جبکہ کئی اسلامی ممالک خاموشی یا عیاشیوں میں مصروف تھے۔
اللہ تعالیٰ اس عظیم انسان کی حفاظت فرمائے، اسے ثابت قدمی عطا کرے اور حق کی فتح نصیب فرمائے۔ آمین ❤️

Address

Karachi
2023

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when سنڌ ادبي روح رھاڻ posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category