22/05/2026
نسرين سيد...................واهه زندگي
تنهنجا رنگ به عجيب آهن
ڪٿي رت جا رشتا ئي رت جا دشمن بڻجي وڃن ٿا
ته ڪٿي پنهنجا ئي ماڻهو
دلين کي قبرستان بڻائي ڇڏين ٿا
پيءُ کي ڏٺو
جو پنهنجي ئي پٽ کي ٽڪر ٽڪر ڪندو رهيو
لفظن سان روين سان نفرتن سان
هڪ پڙهيل لکيل ڊاڪٽر عورت کي ڏٺو
جنهن جي هٿن ۾ شفا هئڻ گهرجي ها
پر هن محبت کي ئي
موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو
اتر سنڌ جي گهٽين ۾
هڪ ماءُ تي الزام لڳا
۽ پوءِ ساڳيا الزام
ڌيءَ جي نصيب تي لکي ڇڏيا ويا
هي سماج به ڪيڏو بي رحم آهي
هتي عورت جو ڪردار
ماڻهن جي زبانن ۾ قيد هوندو آهي
هڪ زال کي ڏٺو
جنهن ويهه سال پنهنجي مڙس لاءِ
دعائن جا ڏيئا ٻاريا
پر موٽ ۾ کيس
تهمتن جا پٿر مليا
هڪ ڀاءُ جي جنازي پٺيان
دهل وڄندي ڏٺا
۽ سمجهي ويس
ته هاڻي ماڻهن وٽ
غم به رسمون بڻجي ويا آهن
هڪ نياڻي کي ڏٺو
جنهن جو پيءُ زندهه هو
پر پوءِ به هوءَ
يتيم سڏرائي وئي
ڇو ته رڳو جيئرو هجڻ
پيءُ هجڻ ناهي هوندو
هڪ مرد کي ڏٺو
جيڪو محبت جي نالي تي
ڪنهن جي روح کي بليڪ ميل ڪندو رهيو
۽ پوءِ به سماج کيس
مرد سڏيندو رهيو
اي خدا
هاڻي ته رشتن کان به ڊپ لڳي ٿو
هاڻي ته پنهنجا لفظ به
زهر جهڙا محسوس ٿين ٿا
هي ڪهڙي دنيا آهي؟
جتي سچ اڪيلو بيهي روئي ٿو
۽ ڪوڙ
ميڙن ۾ تاڙيون وڄائي ٿو
رشتن جي هن ويساهه گهاتي واري راند ۾
هاڻي ماڻهو نه ٿا مرن فقط
روحون به روز دفن ٿين ٿيون