Gogaveri

Gogaveri Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Gogaveri, Music Chart, .

ڳوٺ جي قديم ويري(گوگاويري) ڪنھن شاعر لکيو آهي ته: “پاڻي خدا نه آهي، پر اڌ خدا ته آهي.”  پاڻي هميشه کان ڌرتيءَ تي زندگيءَ...
27/04/2026

ڳوٺ جي قديم ويري(گوگاويري)

ڪنھن شاعر لکيو آهي ته: “پاڻي خدا نه آهي، پر اڌ خدا ته آهي.” پاڻي هميشه کان ڌرتيءَ تي زندگيءَ جو بنيادي عنصر رهيو آهي. جتي پاڻي موجود رهيو، اتي انسانن جا پير پيا، تهذيبون اُڀريون ۽ بستيون آباد ٿيون. دنيا جي قديم تهذيبن جهڙوڪ درياهن جي ڪنارن تي جنم وٺندڙ سماجن مان اهو واضح ٿئي ٿو ته پاڻي کان سواءِ زندگيءَ جو تصور ئي اڻپورو آهي.
ڌرتيءَ جي گولي تي نظر وجهجي ته هر هنڌ انساني آبادين جو مرڪز پاڻي رهيو آهي. ماڻهن هميشه درياهن، ڍنڍن، تلائن ۽ کوهن جي ويجهو پنهنجا گهر ٺاهيا آهن، ڇو ته پاڻي نه رڳو پيئڻ لاءِ ضروري آهي، پر زراعت، مال پالڻ ۽ روزمره زندگيءَ لاءِ به ان جي اهميت بي مثال آهي.
ان پس منظر ۾، ٿرپارڪر جو ريگستان هڪ منفرد حيثيت رکي ٿو. عام طور تي ريگستان خشڪ ۽ بنجر هوندا آهن، پر ٿر هڪ اهڙو ريگستان آهي جيڪو زرخيز پڻ آهي. جڏهن هتي برساتون وسن ٿيون ته سڪي ويل ڌرتي زنده ٿي پوي ٿي، ساوڪ پکڙجي وڃي ٿي، ۽ ماڻهو فصل پوکي پنهنجي گذر سفر جو بندوبست ڪن ٿا. هتي ھر جو پاڻي، جيڪو کوهن ۽ ويرين ذريعي ڪڍيو ويندو آهي، ماڻهن جي زندگيءَ جو اهم سهارو آهي.
ٿرپارڪر جي هڪ دلچسپ روايت اها به آهي ته هتي ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ شهرن جا نالا کوهن يا ويرين جي نالن تي رکيل آهن. يعني ٿرين لاءِ پاڻي سڃاڻپ به آھي.
اهڙو ئي هڪ مثال ھي تصوير ۾ نظر ايندڙ ويري آهي، جنهن تان ڳوٺ “گوگا” جو نالو پيو. تاريخي روايتن موجب، هي ويري سوين سال اڳ ناٿ پنٿ جي سامين کوٽائي هئي، جيڪي جين ڌرم سان لاڳاپيل هئا. اھي سامي ڳوٺ جي الهندي پاسي واري ڀٽ تي رهائش اختيار ڪري ويٺا هئا. اڄ به ان علائقي ۾ پکڙيل سرن ۽ پٿرن جا ٽڪرا سندن موجودگيءَ جا خاموش شاهد آهن.
اهي سامي نه رڳو روحاني زندگي گذاريندا هئا، پر لڳي ٿو ته زراعت سان به لاڳاپيل هئا. ڳوٺ جي الهندي پاسي هڪ وڏي روهيڙي جي وڻ هيٺ هو تپسيا ڪندا هئا. اهو وڻ، جيڪو “سامي وارو روهيڙو” جي نالي سان سڃاتو ويندو هو، مقامي ماڻهن لاءِ هڪ تاريخي ۽ روحاني علامت رهيو. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اهو وڻ گذريل سال جي برساتن ۾ ڪري پيو، پر ان جي ياد اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ زنده آهي.
جنهن ڀٽ تي سامي رهندا هئا، اتي اڄ سندن درگاهه قائم آهي. مقامي ڳوٺاڻا اڃا تائين ان کي عزت ۽ احترام سان سنڀالين ٿا، جيڪو ماضي سان سندن لاڳاپي جو ثبوت آهي.
وقت گذرڻ سان سامي هتان لڏي ويا. انهن جي لڏپلاڻ جا صحيح سبب تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ نه رهيا آهن، پر امڪان آهي ته پاڻي جي کوٽ، ويري جي پاڻيءَ جو کارو ٿيڻ، ڏڪار يا ڪا ٻي قدرتي آفت انهن کي هتان وڃڻ تي مجبور ڪيو هجي. انساني تاريخ ۾ اهڙيون لڏپلاڻيون عام رهيون آهن، جتي ماحولياتي حالتون ماڻهن جي قسمت جو رخ موڙي ڇڏينديون آهن.
سامين جي وڃڻ کان پوءِ هن علائقي ۾ ڀيل برادري اچي آباد ٿي. انهن نه صرف هتي پنهنجا گهر ٺاهيا، پر هن ويري کي به وڌيڪ مضبوط بڻايو. خاص طور تي “راجو ڀيل” نالي شخص هن ويري کي پڪي شڪل ڏني، جيڪا اڳ ۾ ڪاٺين سان ٺهيل هئي. اهو عمل هن ڳوٺ جي ترقي سڌاري لاءِ اهم قدم هو.
اڄ به ڳوٺ گوگاويري ۾ ڀيل برادريءَ رهائش پزير آهي، ۽ ڳوٺ پنهنجي تاريخي ويري جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.

ڳوٺ جو روھيڙو صرف ياد بڻجي ويو آهي 💔
25/04/2026

ڳوٺ جو روھيڙو صرف ياد بڻجي ويو آهي 💔

24/04/2026

24/04/2026

Presentation Performed by Sajan Dhanani on Artificial intelligence at University of Sindh Jamshoro.

نظم (گوگاويري) نمن ھيٺان ويلو گذري،صبح توڙي شام اسان جو.مٿاري تي مور ٽھوڪي، گوگاويري گام اسان جو.سُڻ توکي ڪُل سڻايان، گو...
18/04/2026

نظم (گوگاويري)

نمن ھيٺان ويلو گذري،
صبح توڙي شام اسان جو.
مٿاري تي مور ٽھوڪي،
گوگاويري گام اسان جو.

سُڻ توکي ڪُل سڻايان،
گوگاويري ڳالھ ڊگھيري،
تاريخ جي ترائي ۾،
پاڻ ھڻون ٿا ڇال ڊگھيري،
صديون اڳ سامي آيا،
مٿاري تي گھرڙا ٺاهيا،
گڏجي ھڪڙي ويري کوٽي،
ويري تي راڄ وسايا،
روھيڙي جي ڇانو۾،
سامين ڪيئي سال کٽايا،
ٻاجھر پوکي،گوار وھايو،
ڪورڙ منگ ھر ھلايا،
سامي آخر الوپ ٿي ويا ،
باقي بچيو نام اسان جو.
مٿاري تي مور ٽھوڪي،
گوگاويري گام اسان جو.

سامين جي ويري آخر،
لوڻ جھڙي ٻاڙي ٿي پئي،
پاڻي ۾ گوگ ٿي پيا،
ويري نيٺ ڪراڙي ٿي پئي،
سامين جي ڌرتيءَ کي،
ڀيلن ٻيھر ڳوٺ بڻايو،
ڀيلن ڪيئي پاڙا ٺاھيا،
اداسي ۾ رونق آئي،
سيمن ۾ سادابي آئي،
مڙھن ۾ مرڪون آيون،
مرڪن ۾ جيون آيو،
جيون ۾ ڪيئي ڪھاڻيون،
ڪھاڻين منجھ وسي ٿو،
اڀرو جيون عام اسان جو.
مٿاري تي مور ٽھوڪي،
گوگاويري گام اسان جو.

سڀ کان پھرين مڙکٽ آيا،
پاساڙي ۾ گھرڙا ٺاھيا،
گڏ گڏ آيا پارا ڀيل،
اتر ڀٽ تي ڀونگا ٺاھيا،
ڀونگن ڀر ۾ نم وڏا ٿيا،
نمن ھيٺ ليھڙيا آيا،
ليھڙين پٺيان چوھڙي آيا،
پارن ۾ ھڪ راجو ڀيل ھو،
راجي ڀيل کوري پچائي،
ويري ٻيھر پڪي اڏائي
جنھن تان گوگاويري نانءُ پيو،
گوگاويري ڳوٺ وڏو ٿيو،
جنھن جي گود ۾ پليا ڪيئي،
جيڪو آ آرام اسان جو.
مٿاري تي مور ٽھوڪي،
گوگاويري گام اسان جو.

وسڪاري ۾ ڳوٺ گھمايان،
گوگاويري کيتر ھڪڙو،
جنھنجي ٻاجھر مصري جھڙي،
سيد واري، کيتر ڪاٺو،
ناڏيو ۽ ناڏڪي ٻئي،
مندريون ۽ ٻڪرون ڪيئي
دلي وارو، آلو وارو،
سامي وارو ، کوکر وارو،
لال وارو، گوھيو کيتر،
جنھنجي ڀر ۾ کاڻوٽ آ
جن جا ڇاھيان ھاءِ ھاءِ،
ٻيا به کيتر ڪروڙن جھڙا،
پوڇينڊي ۾ پارا رھن ٿا،
سڀني کي سلام اسان جو.
مٿاري تي مور ٽھوڪي،
گوگاويري گام اسان جو.

راڄ جا ماڙھو ڌونئري جھڙا،
ڊيڍاندا ڀي پيارا ماڙھو،
جن جي چانھ پيئڻ ھلجي،
مندرن ۾ ڪُني کائجي،
ڀڳتن کان ڀوڄن ٻڌجن،
پارن جي اوطاري ھلجي،
ليھڙين جي آٻٿ ھلجي،
ليڏاڻن ۾ ھمرچا ڪي،
مڙکٽ ماڻھو خوب ڳائن ٿا،
چوھڙين جون چار ڳالهيون،
ڇا ٻڌايان ھزار ڳالھيون،
گوگا ويري ڀيل نگري،
ڌرتي ماتا، ڌرتي پتا،
اھو آ مقام اسان جو.
مٿاري تي مور ٽھوڪي،
گوگاويري گام اسان جو.

Dolat Darawar

ڳوٺ گوگاويري تي لڳاتار ڏک…نئون سال 2026 شروع ٿيندي ئي ڳوٺ گوگاويري تي ڄڻ ڏکن جا پهاڙ ڪري پيا آهن.پهريون، هڪ پورهيت جي نو...
08/04/2026

ڳوٺ گوگاويري تي لڳاتار ڏک…
نئون سال 2026 شروع ٿيندي ئي ڳوٺ گوگاويري تي ڄڻ ڏکن جا پهاڙ ڪري پيا آهن.

پهريون، هڪ پورهيت جي نوجوان نياڻي جي وفات…
پوءِ زيارت تان موٽندڙ ياترين جو حادثو…
ان کان پوءِ پورهيتن سان ڀريل سوزوڪي جو ايڪسيڊنٽ…
ڪراچي کان ايندڙ گاڏي جو حادثو، جنهن ۾ هڪ نوجوان فوت…
ننڍڙي ڇوڪري جو موٽرسائيڪل حادثو…
۽ آخر ۾ قاضي احمد ۾ پورهيتن جون جهوپڙيون باهه ۾ سڙي خاڪ…

هي ڳوٺ لاءِ ڪھڙو امتحان آھي شايد قدرت به ناراض آھي.

مار پوي اي موت، تون اڻ مندائيتو آئينسوين سورمه کپايئي، ارڏا ۽ اڻ موٽگهايئي اهڙا گهوٽ، جن مند نه هئي مرڻ جي(شاهه لطيف)17 ...
07/04/2026

مار پوي اي موت، تون اڻ مندائيتو آئين
سوين سورمه کپايئي، ارڏا ۽ اڻ موٽ
گهايئي اهڙا گهوٽ، جن مند نه هئي مرڻ جي
(شاهه لطيف)
17 مارچ 2026 جو جيءُ جهوريندڙ واقعو جنھن منھنجي ڳوٺ گوگاويري جي وڻ وڻ کي روئاڙي ڇڏيو.😢💔

ڪجھ مھينا اڳ، روزگار ۽ پيٽ گذر لاءِ منھنجا ويجھا ادا مھيندر سوناڻي ۽ خميسو سوناڻي شھر ڪراچي، بحريا ٽائون ۾ رنگ جي ڪم تي ويا ھئا. رمضان جي آخري ڏينھن ۾، عيد ملهائڻ لاءِ ٻئي ڀائر ڪم کان فارغ ٿي، سوزوڪي ڀاڙي ڪري گھر لاءِ ورتل فرنيچر سان گڏ اباڻي ڳوٺ گوگاويري ڏانھن روانا ٿيا.
ھن سفر ۾ سندن ساٿ ۾ جمن ڪرناڻي، ڀڳڙو ڪرناڻي، رميش ٻٽڙي، واگھجي ٻٽڙي ۽ راسو ٻپوھار پڻ شامل ھئا. سڀئي دوست خوشيءَ ۾ کلندا، ٽھڪ ڏيندا، جھومر پائيندا سفر جا مزا وٺندا پئي آيا. جڏھن اھي مڪلي ويجھو پھتا ته ڄڻ اھا سرزمين ادا خميسي لاءِ آخري حد ثابت ٿي.
اوچتو سامھون ايندڙ ڪار اور ٽيڪ ڪندي سوزوڪي سان ٽڪر کان بچڻ لاءِ ڊرائيور ڪوشش ڪئي، پر گاڏي تيز رفتاري ۾ روڊ کان ھيٺ لھي وئي ۽ گھرا کڏا ھجڻ سبب چار پنج بولاٽيون کائي وئي. حادثي ۾ ڪجھ مسافرن کي معمولي زخم آيا، جڏھن ته جمن ڪرناڻي جي ٻانھ تي سخت چوٽ لڳي، ۽ ادا خميسو تمام گھڻو زخمي ٿي پيو.
ساٿين فوري طور ٻي گاڏي ڪري کيس ڪراچي جي اسپتال منتقل ڪيو. ڊاڪٽرن جي ڪوششن باوجود سندس حالت ۾ سڌارو نه آيو، ۽ صرف 10 سيڪڙو بچڻ جا امڪان ٻڌايا ويا. وقت سان گڏ اميدون به ختم ٿيندي ويون، ۽ آخرڪار 19 مارچ 2026 جو ادا خميسو اسان کان ھميشه لاءِ وڇڙي ويو.
ھي واقعو شايد دنيا ۾ نئون ناھي، پر جڏھن اھڙا دردناڪ منظر اکيون ڏسن ٿيون ته روح کي آروپار چيري ڇڏين ٿا. ھُن وٽ پرديس مان ديس اچڻ جون وڏيون اميدون ۽ سپنا ھئا، پر ھڪ پل ۾ سڀ ڪجھ ختم ٿي ويو.
ادا خميسا، تنھنجو وڇوڙو وسارڻ ناممڪن آھي. توھان پنھنجي زندگيءَ جون گھڙيون گھاري ھليا ويا، پر پٺيان تنھنجا معصوم ٻار، جيجل امڙ ۽ پيارا ڀائر ڏک ۾ ڇڏي ويا آھيو. تنھنجي امڙ جا سڏڪا ۽ دانھون دل کي ڏاري ڇڏين ٿيون.
اسان الله پاڪ کان دعا ٿا گھرون ته مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏئي، ۽ سندس گھرڀاتين کي صبر جميل عطا ڪري.
بس ادليا، وڇڙيو آھين پر وسريو نه آھين💔😭

دراوڙ نھال ھيماڻي

اڄ اسان وڏي خوشي ۽ فخر سان ٻڌائي رھيا آھيون ته  ڳوٺ گوگاويري جا ٻه نوجوان ــ رامچندر سنگھ سناف ماستر سوائي سنگهه کي (ELT...
03/02/2026

اڄ اسان وڏي خوشي ۽ فخر سان ٻڌائي رھيا آھيون ته ڳوٺ گوگاويري جا ٻه نوجوان ــ رامچندر سنگھ سناف ماستر سوائي سنگهه کي (ELT) ڊپارٽمينٽ ۽ ساجن سناف ٻڌو مل ڀيل کي (AI) ڊپارٽمينٽ ۾ ــ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ايڊميشن حاصل ڪري وڏي ڪاميابي ماڻي آهي. ٻنهي نوجوانن ۽ سندن پريوار کي دل جي گهراين سان لک لک مبارڪون هجن. 🌸🎉

13/11/2024

ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا 😭
ڳوٺ جو معزز سچو پچو انسان سٺي سوچ جو مالڪ ۽ سٺو ديسي راڳ جو ڳائڪ ڏيبو ڀڳت به هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
ڳوٺ وارن کي هميشه چوندو رهندو هو ته مهرباني ڪري پنهنجا ٻچا پڙهايو, ادا وانڪجي ڀوڄاڻي ڪجھ سال اڳ ۾ هي ويڊيو رڪارڊ ڪيو هو.
ڏيبو ڀڳت جو وڇوڙو پوري ڳوٺ کي سوڳوار ڪري ويو سندس پريوار سان تعزيت ڪجي ٿي. 😭

ھو ڪتابن جي دنيا کان ڌار ٿيندا پيا وڃنبي وجه بي سبب بيڪار ٿيندا پيا وڃنديس جون مڪتب گاھون مال جا واڙا بڻيونٻار منھنجي ڳو...
15/04/2024

ھو ڪتابن جي دنيا کان ڌار ٿيندا پيا وڃن
بي وجه بي سبب بيڪار ٿيندا پيا وڃن

ديس جون مڪتب گاھون مال جا واڙا بڻيون
ٻار منھنجي ڳوٺ جا ٻڪرار ٿيندا پيا وڃن

ِي

ھي صفا ڏنگو ماڻهو ھو , ڪھڙو به وڏيري جو پٽ ھجي تنهن کي سچ چوڻ سان ڪڏهن به نه لھرائيندو ھو, ڪافي ڳوٺ جا ماڻهو وڏيرن جي چا...
22/02/2024

ھي صفا ڏنگو ماڻهو ھو , ڪھڙو به وڏيري جو پٽ ھجي تنهن کي سچ چوڻ سان ڪڏهن به نه لھرائيندو ھو, ڪافي ڳوٺ جا ماڻهو وڏيرن جي چاپلوسي ڪندا ھئا پر ھي ھمراھ جھڪڻ وارن مان نه ھو , ماڻهو جا ماڻهو سان اختلاف ٿي سگهن ٿا پر سچي ماڻهو سان ويڇا نٿا رکي سگهجن.
ڪلھ شام جو ھن دنيا مان چالاڻو ڪري ويو آهي ڳوٺ جو وڏو ماڻهو مولو واپاري نه وسرندڙ ماڻهن ۾ ھميشه رھندو.
اسان سندس پريوار جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون, اميد آھي ته سندس اولاد به مولو وانگر سڌي واٽ تي ھلندا.ھي صفا ڏنگو ماڻهو ھو , ڪھڙو به وڏيري جو پٽ ھجي تنهن کي سچ چوڻ سان ڪڏهن به نه لھرائيندو ھو, ڪافي ڳوٺ جا ماڻهو وڏيرن جي چاپلوسي ڪندا ھئا پر ھي ھمراھ جھڪڻ وارن مان نه ھو , ماڻهو جا ماڻهو سان اختلاف ٿي سگهن ٿا پر سچي ماڻهو سان ويڇا نٿا رکي سگهجن.
ڪلھ شام جو ھن دنيا مان چالاڻو ڪري ويو آهي ڳوٺ جو وڏو ماڻهو مولو واپاري نه وسرندڙ ماڻهن ۾ ھميشه رھندو.
اسان سندس پريوار جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون, اميد آھي ته سندس اولاد به مولو وانگر سڌي واٽ تي ھلندا.
بقلم: دولت راء دراوڙ

Address


76079

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Gogaveri posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

  • Want your establishment to be the top-listed Arts & Entertainment?

Share