27/04/2026
ڳوٺ جي قديم ويري(گوگاويري)
ڪنھن شاعر لکيو آهي ته: “پاڻي خدا نه آهي، پر اڌ خدا ته آهي.” پاڻي هميشه کان ڌرتيءَ تي زندگيءَ جو بنيادي عنصر رهيو آهي. جتي پاڻي موجود رهيو، اتي انسانن جا پير پيا، تهذيبون اُڀريون ۽ بستيون آباد ٿيون. دنيا جي قديم تهذيبن جهڙوڪ درياهن جي ڪنارن تي جنم وٺندڙ سماجن مان اهو واضح ٿئي ٿو ته پاڻي کان سواءِ زندگيءَ جو تصور ئي اڻپورو آهي.
ڌرتيءَ جي گولي تي نظر وجهجي ته هر هنڌ انساني آبادين جو مرڪز پاڻي رهيو آهي. ماڻهن هميشه درياهن، ڍنڍن، تلائن ۽ کوهن جي ويجهو پنهنجا گهر ٺاهيا آهن، ڇو ته پاڻي نه رڳو پيئڻ لاءِ ضروري آهي، پر زراعت، مال پالڻ ۽ روزمره زندگيءَ لاءِ به ان جي اهميت بي مثال آهي.
ان پس منظر ۾، ٿرپارڪر جو ريگستان هڪ منفرد حيثيت رکي ٿو. عام طور تي ريگستان خشڪ ۽ بنجر هوندا آهن، پر ٿر هڪ اهڙو ريگستان آهي جيڪو زرخيز پڻ آهي. جڏهن هتي برساتون وسن ٿيون ته سڪي ويل ڌرتي زنده ٿي پوي ٿي، ساوڪ پکڙجي وڃي ٿي، ۽ ماڻهو فصل پوکي پنهنجي گذر سفر جو بندوبست ڪن ٿا. هتي ھر جو پاڻي، جيڪو کوهن ۽ ويرين ذريعي ڪڍيو ويندو آهي، ماڻهن جي زندگيءَ جو اهم سهارو آهي.
ٿرپارڪر جي هڪ دلچسپ روايت اها به آهي ته هتي ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ شهرن جا نالا کوهن يا ويرين جي نالن تي رکيل آهن. يعني ٿرين لاءِ پاڻي سڃاڻپ به آھي.
اهڙو ئي هڪ مثال ھي تصوير ۾ نظر ايندڙ ويري آهي، جنهن تان ڳوٺ “گوگا” جو نالو پيو. تاريخي روايتن موجب، هي ويري سوين سال اڳ ناٿ پنٿ جي سامين کوٽائي هئي، جيڪي جين ڌرم سان لاڳاپيل هئا. اھي سامي ڳوٺ جي الهندي پاسي واري ڀٽ تي رهائش اختيار ڪري ويٺا هئا. اڄ به ان علائقي ۾ پکڙيل سرن ۽ پٿرن جا ٽڪرا سندن موجودگيءَ جا خاموش شاهد آهن.
اهي سامي نه رڳو روحاني زندگي گذاريندا هئا، پر لڳي ٿو ته زراعت سان به لاڳاپيل هئا. ڳوٺ جي الهندي پاسي هڪ وڏي روهيڙي جي وڻ هيٺ هو تپسيا ڪندا هئا. اهو وڻ، جيڪو “سامي وارو روهيڙو” جي نالي سان سڃاتو ويندو هو، مقامي ماڻهن لاءِ هڪ تاريخي ۽ روحاني علامت رهيو. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اهو وڻ گذريل سال جي برساتن ۾ ڪري پيو، پر ان جي ياد اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ زنده آهي.
جنهن ڀٽ تي سامي رهندا هئا، اتي اڄ سندن درگاهه قائم آهي. مقامي ڳوٺاڻا اڃا تائين ان کي عزت ۽ احترام سان سنڀالين ٿا، جيڪو ماضي سان سندن لاڳاپي جو ثبوت آهي.
وقت گذرڻ سان سامي هتان لڏي ويا. انهن جي لڏپلاڻ جا صحيح سبب تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ نه رهيا آهن، پر امڪان آهي ته پاڻي جي کوٽ، ويري جي پاڻيءَ جو کارو ٿيڻ، ڏڪار يا ڪا ٻي قدرتي آفت انهن کي هتان وڃڻ تي مجبور ڪيو هجي. انساني تاريخ ۾ اهڙيون لڏپلاڻيون عام رهيون آهن، جتي ماحولياتي حالتون ماڻهن جي قسمت جو رخ موڙي ڇڏينديون آهن.
سامين جي وڃڻ کان پوءِ هن علائقي ۾ ڀيل برادري اچي آباد ٿي. انهن نه صرف هتي پنهنجا گهر ٺاهيا، پر هن ويري کي به وڌيڪ مضبوط بڻايو. خاص طور تي “راجو ڀيل” نالي شخص هن ويري کي پڪي شڪل ڏني، جيڪا اڳ ۾ ڪاٺين سان ٺهيل هئي. اهو عمل هن ڳوٺ جي ترقي سڌاري لاءِ اهم قدم هو.
اڄ به ڳوٺ گوگاويري ۾ ڀيل برادريءَ رهائش پزير آهي، ۽ ڳوٺ پنهنجي تاريخي ويري جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.