Mehfil-E- Sarwari

Mehfil-E- Sarwari The name of this page is Mehfil sarwari, an old organization and established in 1956, this channel uploaded videos of sindhi and Urdu literature and poetry.

جي سنڌ ۾ رھي بہ سندس دشمني ٿا ڪن                                   ٻڏي ڇو نٿا مرن ٽڪرا انھي کي ڪن ٿا سي، جنھن صوبي ۾ رھن...
15/04/2026

جي سنڌ ۾ رھي بہ سندس دشمني ٿا ڪن
ٻڏي ڇو نٿا مرن
ٽڪرا انھي کي ڪن ٿا سي، جنھن صوبي ۾ رھن
ٻڏي ڇو نٿا مرن
سنڌو نديء جو پاڻي پي، ان جي گلا ٿا ڪن
ٻڏي ڇو نٿا مرن
پنھنجي بغل ۾ بت رکي، ڪلمو بہ ٿا پڙھن
ٻڏي ڇو نٿا مرن
``محبوب ``ملڪ قوم لا مانجھي نہ جي مرن
ٻڏي ڇو نٿا مرن
محبوب سروري ✍️

اڄوڪي تاريخ 12اپريل تي محفل سروري ھوسڙيء جو باني پرفيسر محبوب سروري اسان کان وڇڙي ويومحبوب سروي 8جنوري 1934۾ ڳوٺ جاڙو پن...
12/04/2026

اڄوڪي تاريخ 12اپريل تي محفل سروري ھوسڙيء جو باني پرفيسر محبوب سروري اسان کان وڇڙي ويو
محبوب سروي 8جنوري 1934۾ ڳوٺ جاڙو پنھور (ھوسڙي ضلع حيدرآباد) ۾ ڄائو
سندس شاعريءَ ۾ محبت، تصوف، قومي احساس ۽ سنڌي روايت جو رنگ اڄ به تازو آھي۔
ھو ھڪ سادو، باعزت ۽ استاد شاعر ھو، جنھن پنھنجي قلم سان سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو۔
"سچ منهنجي چپن ساڻ شب و روز لڳل آ،
يا جام شراب آھي يا معشوق جو ڳل آ۔"
اڄ بہ سندس شاعري پڙھندي ايئن لڳندو آھي
تہ ھو اسان سان ڳالھائي رھيو آھي
محبوب سروري گھڻو ڪري غزل گو شاعر ھو پر سندس
سندس شاعريء ۾ حمد نعت ڪافيون بيت چوسٽو مستزاد ۽ ٻيون صنفون شامل آھن
نعت ۾
منھنجي محبوب جون ڪھڙيون ڳالھيون ڪجن
جھڙا خوبصورت مثال ملن ٿا
غزل۾
"سچ منهنجي چپن ساڻ شب و روز لڳل آ،
يا جام شراب آھي يا معشوق جو ڳل آ

منتر نڪو جنتر نڪو جادو يا رمل آ،
سهڻن جو سدا منهنجي اڳيان ميڙو متل آھ

ان کان علاوہ سندس جڳ مشھور ڪلام
،نا اھل اسان جومالھي آھ گلشن ۽ گلن جو ڇا ٿيندو
آھي جنھن کي سنڌ ڄي قومي راڳي سرمد سنڌيءَ ڳايو

سنڌ جي جديد شاعريء جو آخري شاعر امداد حسينيءَ جا محبوب سروري جي باري ۾ ھي تاثرات آھن
غزل جي صنف جيتري سولي سمجھي وڃي ٿي اوتري مشڪل آھي خاص ڪري اھو غزل جڏھن فارسيء جي تصنع واري ماحول مان نڪري سنڌي جي سادي سٻاجھڙي ۽ سون واري ماحول ۾ لکيو وڃي
۽ غزل جو اھو رنگ پراڻن شاعرن ۾ تہ آھي پر نون ۾ نظر نٿو اچي
ھڃر جيڪي ٺيٺ سنڌيء ۾ غزل لکيا وڃن ٿا محبوب
سروري انھن شاعرن مان ھڪ آھي

سنڌي ادب لا سندس ڪيل خدمتون ھميشہ ساراھيون وڃن ٿيون
محبوب سروريء جي باري ۾ اھا ڳالھ مشھور آھي تہ سندس شھرت سندس لائق نہ پکڙي سگھي
سندس قائم ڪيل شاعريء ۽ادب جي تنظيم محفل سروري ھوسڙي اڃان تائين ادب جي دنيا ۾ خدمتون سر انجام ڏيندي اچي

اسان روئي روئي کلايو ٿي جن کي اڪيلا جي ٿيندا تہ روئندا تہ ھوندااسان جن کي چاھيو اسان جن کي پوڄيو ڏيئن سان سڄي رات جلندا ...
10/04/2026

اسان روئي روئي کلايو ٿي جن کي
اڪيلا جي ٿيندا تہ روئندا تہ ھوندا

اسان جن کي چاھيو اسان جن کي پوڄيو
ڏيئن سان سڄي رات جلندا تہ ھوندا

جتان پاڻ وڇڙيا ھئاسين اتان اڄ
ڪئي ھٿ ڏئي ھٿ ۾ ھلندا تہ ھوندا

جتي گڏ ڀناسين ۽ رانديون رھيون سين
انھيءَ شھر تي مينھن وسندا تہ ھوندا

لڪي ۽ ڇپي شام ويلي ٻہ پاڇا
انھيءَ وڻ جي ڇانئن۾ ملندا تہ ھوندا
امداد حسيني ✍️

ماہ نو دیکھنے تم چھت پہ نہ جانا ہرگز شہر میں عید کی تاریخ بدل جائے گی ☪️🌙🌙
19/03/2026

ماہ نو دیکھنے تم چھت پہ نہ جانا ہرگز
شہر میں عید کی تاریخ بدل جائے گی
☪️🌙🌙

ماہِ نو دیکھنے ، تم چھت پہ نہ جانا ہرگز
شہر میں عید کی تاریخ بدل جائے گی

جلیل نظامی

زور جي ميندي نٿي ''محبوب'' ھٿڙن تي لڳي دل رھي ڪافر تہ پو ڪلمو پڙھائي ڇا ڪنديمحبوب سروري ✍️
07/02/2026

زور جي ميندي نٿي ''محبوب'' ھٿڙن تي لڳي
دل رھي ڪافر تہ پو ڪلمو پڙھائي ڇا ڪندي
محبوب سروري ✍️

سنڌي زبان جو مشھور شاعر افضل سولنگي پرفيسر شاھجھان پنھور کان حسن ڪارڪردگيء جو سرٽيفيڪيٽ حاصل ڪندي 📷By. Zia Panhwar
01/02/2026

سنڌي زبان جو مشھور شاعر افضل سولنگي پرفيسر شاھجھان پنھور کان حسن ڪارڪردگيء جو سرٽيفيڪيٽ حاصل ڪندي
📷By. Zia Panhwar

محفل سروری ہوسڑی کل سندھی اردو مشاعرہ ڈاکٹر عتیق احمد جیلانی کی صدارت میں📷By . Zia Panhwar
01/02/2026

محفل سروری ہوسڑی کل سندھی اردو مشاعرہ ڈاکٹر عتیق احمد جیلانی کی صدارت میں
📷By . Zia Panhwar

تقریب تقسیم کتاب
01/02/2026

تقریب تقسیم کتاب

17/01/2026

ہم جو اب آدمی ہیں پہلے کبھی
جام ہوں گے چھلک گئے ہوں گے
جون ایلیا
کتاب: گمان

Mehfil e Sarwari cordially invites you to join us on 1st Feb 2026
16/01/2026

Mehfil e Sarwari cordially invites you to join us on 1st Feb 2026

08/04/2025

Poet .Iqbal Shaheen Video .Siraj PanhwarOrganised by. Mehfil E Sarwarivenue .Otaq Noor Muhammad Panhwer # ...

02/04/2025

انعام ٽکڙائي ♥️🌟
آواز .انعام ٽکڙائي ...

Address

Goth Jarro Panhwer
Hyderabad
70210

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Mehfil-E- Sarwari posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Category