Media House Dadu

  • Home
  • Media House Dadu

Media House Dadu Media House Dadu

15/06/2026

‎دادو ويجهو 22 ڏينهن اڳ ڪاڇي واسي مال جي
‎واپاري کان 6 کان مٿي هٿيار بند يرغمال بڻائي
‎20 لک ڦر ڪري اساني سان فرار ٿي ويا

‎22 ڏينهن گزرڻ باوجود ڏوهاري گرفتار نٿي سگهيا نہ ئي فر ٿيل رقم رڪور ٿي سگهي واپارين جو ايس ايس پي دادو ڊي ائي جي حيدراباد ائي جي سنڌ کي التجا فر ٿيل رقم رڪور ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي
‎دادو ويجهو پي ايس ڪڪڙ جي حد مان ڪاڇي واسي واپاري مظهر چانڊيو کان 20 لک رپيہ ڦر ٿي متاثر مظهر چانڊيو ۽ افتاب چانڊيو ميڊيا هائوس دادو اڏو احتجاج ڪندي الزام هنيو تہ واقعي کي 22 ڏينهن گزري ويا آهن نہ ڦر ٿيل رقم رڪور ٿي سگهي نہ ئي ايس ايڇ او ڪڪڙ ڦر جي واردات ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪري سگهيو آهي متاثرن وڌيڪ چيو تہ اسان واردات دوران ٻين ڄڻن 1 نالي جوابدار اعظيم لغاري 2 نالي جوابدار نديم لغاري موقعي تي سڄاتاسين 4 نامعلوم هٿيار بندن مٿان اين سي داخل ٿيل آهي ۽ اعظيم لغاري نديم لغاري ڪيترن ئي سنگهين ڏوهن ۾ پڻ ملوث آهن ايس ايڇ او ڪڪڙ طارق لاکر ڏوهارين مٿان مهربان آهي اسان مطالبو ٿا ڪيون ايس ايس پي دادو ڊي ائي جي حيدراباد ائي جي سنڌ کي ڪاڇي ۾ وڌنڌڙ بدامني کي ڪنٽرول ڪري ڏوهن ۾ مولوث ايس ايڇ او ڪارين رڍن خلاف ۽ چورن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان کان ڦر ٿيل رقم رڪور ڪرائي انصاف ڪيو وڃي انصاف نہ ملڻ جي صورت ۾ برادري گهرائي ايس ايس پي چونڪ دادو بند ڪري احتجاج ڪيو ويندو

26/05/2026

ڊسٽرڪٽ رپورٽر (نجم الدين لغاري ميڊيا هائوس دادو)

دادو شهر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ واپاري ڦرجي ويو ،ڦر واقعي تي دڪاندارن ۾ ڏهڪاء ۽ ڪاوڙ جي لهر ،دادو شهر جي سيد جڙيل شاھ مارڪيٽ ۾ 3 اڻڄاتل هٿياربندن هڪ دڪان تي ڪاهه، هٿياربند ڏوهاري ديده دليري سان هٿيارن جي زور تي دڪاندر بشير احمد لاشاري ۽ سندس نوجوان پٽ نور احمد لاشاري کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي دڪان مان ڏيڍ لک رپيا روڪ رقم ڦر ڪئي ۽ دڪاندار جي 125 موٽر سائيڪل 2026 به هٿيارن جي زور تي ڦر ڪري ويا، متاثر دڪاندار بشير احمد لاشاري ۽ سندس پٽ نور احمد لاشاري پاران دادو شهر جي اي سيڪشن ٿاڻي ٿاڻي تي ڦر واقعي جي رپورٽ درج ڪرائي وئي ، ٻئي طرف سني سول سوسائٽي ضلع دادو جي جنرل سيڪريٽري مولانا عبدالسلام حيدري،مولانا محمد قاسم لغاري،قاضي اعجاز احمد صديقي ۽ آل پاڪستان انجمن تاجران ضلع دادو جي صدر احمد خان زنئور دادو چيو آھي ته دادو شهر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ سڏ پنڌ تي ٿيل وارڌات تي ڳڻتي ۽ حيرت جو اظهار ڪيو آهي.سماجي ۽ واپاري اڳواڻن متاثر دڪاندار بشير احمد لاشاري ۽ نور احمد لاشاري سان اظهر يڪجهتي طور ڦر جو واقعو پيش اچڻ تي ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ صدام حسين خاصخيلي سان وفد جي صورت ۾ ملاقات ڪئي ۽ چيو ته قرباني جي عيد جي موقعي تي متاثر دڪاندار رات جو پنهنجو دڪان کليل رکن ٿا ڇو ته هي دڪان بقرم، بٽڻن ،ربينن ۽ درزين کي گهربل سامان جي هول سيل جو دڪان آهي جنهن ڪري عيد جي موقعي تي هن دڪان جي گراهڪي وڌيڪ هجي ٿي، اڻڄاتل ڦورن پاران دڪاندار لٽجي ويو آهي، واضع رهي ته دادو اي سيڪشن پوليس ٿاڻي سميت 15مددگار پوليس دادو ،دادو شهر جي بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس ۽ دادو شهر ۾ ضلعي جي ٻين ٿاڻن تان پوليس جي نفري گهرائي دادو اي سيڪشن پوليس جي ڊيوٽي ڊپلائمينٽ منشي احسان ابڙو جي حوالي ڪئي وئي، دادو شهر جي اي سيڪشن ثاڻي جي سڏ پنڌ تي ٿيل ڦر واقعي سبب شهر ۾ ڏوهارين جو ڏهڪاء ڇانئجي ويو آهي، آل پاڪستان انجمن تاجران ضلع دادو جي صدر احمد خان زنئور ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهر جا ڪاروباري مرڪز غير محفوظ آهن دادو پوليس صرف z21 سوپاري ،گثڪا ،ماوا خلاف ڪاروائي ۾ مصروف عمل آهي جڏهن ته اهي سڀ بندش پيل نشي آور شيون صرف مهانگيون ٿي ويون آهن پر انهن جو وڪرو شهر ۾ اڃان تائين جاري آهي واپاري تنظيم جي اڳواڻن سنڌ پوليس جي ڪمانڊر آء جي سنڌ جاويد عالم اوڍو ،ڊي آء جي حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجو ۽ ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ صدام حسين خاصخيلي کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته شهر جي مشهور واپارين بشير احمد لاشاري ۽ نور احمد لاشاري کان ڦر ڪيل روڪ رقم ڏيڍ لک رپيا ۽ ساڳئي دڪاندار جي ڦرڪيل 125 موٽر سائيڪل 2026 واپس ڪرائي وڃي ۽ ڏوهن تي ظابطو آندو وڃي، اڳواڻن چتاءُ ڏيندي چيو ته قرباني واري عيد بعد مذھبي،سماجي ۽ آل پاڪستان انجمن تاجران ضلع دادو جو الڳ الڳ اجلاس گهرائي دادو شهر ۾ وڌندڙ بدامني کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو،

ڈپٹی کمشنر آفس دادو14 مئی 2026پی آر نمبر: 127/2K26DC/MCپریس رلیزدادو: ڈپٹی کمشنر دادو سید مرتضیٰ علی شاہ کی زیر صدارت ڈپ...
14/05/2026

ڈپٹی کمشنر آفس دادو
14 مئی 2026
پی آر نمبر: 127/2K26DC/MC

پریس رلیز

دادو: ڈپٹی کمشنر دادو سید مرتضیٰ علی شاہ کی زیر صدارت ڈپٹی کمشنر آفس میں ایک اہم اجلاس منعقد ہوا جس میں ضلع دادو میں غذائی قلت اور بچوں میں نشوونما کی کمی کے خاتمے کے لیے ایکسلریٹڈ ایکشن پلان (AAP) پر عملدرآمد، قدرتی آفات اور ہیٹ ویو سے بچاؤ کے اقدامات، این جی اوز و آئی این جی اوز کی کارکردگی اور نیشنل پریوینشن آف وائلنٹ ایکسٹریمزم (NPVE) پالیسی 2024 پر عملدرآمد کا تفصیلی جائزہ لیا گیا۔

اجلاس میں مختلف سرکاری محکموں کے افسران، پی پی ایچ آئی، محکمہ صحت، لائیو اسٹاک، زراعت، ایجوکیشن سمیت این جی اوز اور آئی این جی اوز کے نمائندگان نے شرکت کی۔

اجلاس کے دوران ضلع میں غذائیت سے متعلق جاری منصوبوں، ہیٹ ویوَ کے دوران عوام کو ریلیف فراہم کرنے، صاف پانی و صفائی ستھرائی (WASH)، سوشل پروٹیکشن اور ڈیزاسٹر رسک ریڈکشن سے متعلق جاری سرگرمیوں پر بریفنگ دی گئی۔

ڈسٹرکٹ ہیلتھ آفیسر دادو نے غذائی قلت کے خاتمے، ہیٹ ویو سے نمٹنے اور صحت کی سہولیات کے حوالے سے اقدامات سے آگاہ کیا جبکہ پی پی ایچ آئی، لائیو اسٹاک، زراعت اور محکمہ تعلیم کے افسران نے اپنے اپنے شعبوں میں جاری سرگرمیوں اور پیش رفت پر تفصیلی بریفنگ دی۔

اجلاس میں نیشنل پریوینشن آف وائلنٹ ایکسٹریمزم (NPVE) پالیسی 2024 پر بھی غور کیا گیا۔ اس موقع پر بتایا گیا کہ نیشنل کاؤنٹر ٹیررازم اتھارٹی (NACTA) کی جانب سے پالیسی مرتب کی گئی ہے جس پر تمام سرکاری، نیم سرکاری اداروں اور متعلقہ اسٹیک ہولڈرز کے تعاون سے عملدرآمد یقینی بنایا جائے گا۔

ڈپٹی کمشنر دادو نے تمام متعلقہ محکموں کو ہدایت کی کہ غذائی قلت کے خاتمے، قدرتی آفات سے بچاؤ، ہیٹ ویو کے دوران عوامی تحفظ اور انتہا پسندی کی روک تھام کے لیے مربوط حکمت عملی کے تحت اقدامات تیز کیے جائیں تاکہ عوام کو زیادہ سے زیادہ سہولیات فراہم کی جاسکیں۔

اجلاس میں ایڈیشنل دپٹی کمشنر ون سکندر علی رستمانی، ڈی ایچ او دادو ڈاکٹر عبدالحمید کھونہارو، ڈسٹرکٹ انفارمیشن افسر دادو قمر زمان بنبھرو، ہینڈس کے عبدالحمید سمیجو، عزرا میمن، معشوق برہمانی،انجنیئر ایریگیشن وجے کمار، ریسکیو 1122،سیپکو، میونسپل، لائیو اسٹاک، ایگری کلچر سمیت مقامی اور انٹرنیشنل این جی اوز کے نمائندے شریک تھے۔

ترجمان:
ڈپٹی کمشنر دادو

12/05/2026



دادو(ڊسٽرڪٽ رپورٽر نجم الدین لغاري ) دادو ۾ سخت گرمي وري بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ دادو شھر جي 5 لک آبادي جو جيئڻ جنجال ٿي ويو ، دادو شهر جي سمورن بجلي فيڊرن مٿان خرابي ڄاڻائي ڪيترائي ڪلاڪ بند رھي بس شھر جي خصوصي ماڻهن لاء خاص ايڪسپريس فيڊر هلڻ لڳو، خبر موجب دادو شهرين سان سيپڪو عملي جو ماٽيجي ماء وارو سلوڪ اونهارو اچڻ شرط شهر جي 24 وارڊن ۾ رهندڙ 5 لک آبادي سخت گرمي سبب متاثر ٿيڻ لڳي سيپڪو دادو جو عملي 24 ڪلاڪن دوران 18 ڪلاڪ هر هڪ فيڊر تي ڊگهي لوڊشيڊنگ سان گڏ ھر 20 ھن منٽن بعد جهٽڪا ڏئي شهرين جو لکين روپين جو سامان ساڙڻ شروع ڪري ڏنو، شهرين, قائم سيال ،محمد بخش ڪورائي، جاويد اختر گهلو ، ڪاشف چانڊيو رحيم بخش ڏاوڇ، اسلم ملاح، مظفر سولنگي،مختيار سولنگي ۽ ٻين چيو ته دادو ۾ گرمي پد وڌي 48 ۽ 50 سينٽي گريڊ تي پهتو آهي گذريل ڏينهن تتل ڏينھن 12 بجي کان بجلي بند ڪئي وئي جيڪا رات جو 3 بجي تائين ھر 20 منٽن بعد بند ڪئي پئي وڃي ، دادو ضلعي جي هيڊ ڪواٽر واري شهر سان اهيو ظلم آهي ته ٻين شهرن ۽ ڳوٺن سان سيپڪو جو ڪهڙو رويو هوندو ، دادو سيپڪو عملو رڳو بجلي چوري ڪندڙ ۽ رڪوري ڪرڻ خلاف آپريشن ته ڪري پئي باقي انھن جو ڪو به ڪم نظر نه ٿو اچي سواء شهرين جي بجلي بند ڪرڻ ، هنن چيو ته سيپڪو چيف سکر طرفان دادو شهر جي فيڊر تي بادشاهي حڪم جاري ڪري 12 کان 15 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪرڻ جو چيو آهي وري دادو جو عملو ان حڪم ۾ پنهنجا ڪجھ ڪلاڪ شامل ڪن ٿا ، دادو عوامي فورم جي اڳواڻن جبار ٻٻر ،وريام سنڌي ، رجب آزاد سولنگي ۽ ٻين چيو ته گذريل ڏينهن بجلي مين لائين مان بند هئي ته سڄو ڏينهن ۽ سڄي رات غائب رھي، دادو سيپڪو جي نااهل ۽ ڪرپٽ عملي پاران ان خاص فيڊر مان ايم پي اي ، ايم اين اي ، ججز. ڊي سي ۽ ايس ايس پي سميت ٻين ڪامورن جي بنگلن کي بجلي جي تارون ڇڪي ڏئي انھن کي خاموش ڪري ڇڏيو آهي باقي شهر جي 99 سيڪڙو آبادي اذيت ۾ مبتلا آهي ، هنن چيو ته بجلي چوري واپڊا عملو ڪرائي ڪروڙين پتي بڻجي ويا آهن هڪ عملي جي پگهار 50 هزار مس آهي ته انهن وٽ بنگلا َپلاٽ ۽ گاڏيون ڪٿان آيون سيپڪو صارفين عوام کي بجلي جو چور ڏيکاري عوام کي ڊيڄاريو پيو وڃي دادو شهر جي 14 فيڊرن تي سيپڪو جو ڪرپٽ عملو مقرر ٿيل آهي جيڪو صرف عوام کي اذيت ڏيڻ ڄاڻين ٿا، بجلي نه هجڻ ڪري ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي مٿان وري گهر ۾ کاڌي پيتي جو سامان خراب ٿي وڃي ٿو سڄو سڄو ڏينهن بجلي نه هجڻ ڪري گهرن اندر پاڻي جي شديد کوٽ پڻ سامهون اچي وڃي ٿي ، هنن چيو هاڻ واپڊا جي نجڪاري ٿيڻ گهرجي جيئن پي ٽي سي ايل جي ٿي ته عوام سک جو ساھ کنيو ، واپڊا جي نجڪاري سان عوام کي فائدو ملندو ۽ بجلي جي چوري 99 سيڪڙو گهٽ ٿي ويندي ، دادو شهر جي 5 لک آبادي وفاقي وزير بجلي ۽ سيڪريٽري واپڊا ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته دادو ۾ سيپڪو جي صارفين دشمن پاليسين جو نوٽيس وٺي اڻ اعلانيل ھٿرادو لوڊشيڊنگ جو خاتمو آڻي شهر جي 5 لک آبادي کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي ۽ بجلي چورن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

‎دادو لڳ پيارو اسٽيشن جبيرجي رهواسي وزير چانڊيو دادو ميڊيا ھائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ت دادو پوليس جي ٻورڙي تاڻي جي ...
05/05/2026

‎دادو لڳ پيارو اسٽيشن جبيرجي رهواسي وزير چانڊيو دادو ميڊيا ھائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ت دادو پوليس جي ٻورڙي تاڻي جي ايس ايڇ او شاهنواز اوڊو اي ايس آئي صدر جوڻيجو جي خلاف مظاهرو ڪيو مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان هڪ عزت دار گھراڻي جا ماڻهو آهيون منهنجو پٽ محمد علي عرف سڄڻ جيڪو نوشهروفيروز ڪورٽ سڳوري مان حاظري کائي واپس اچي رهيو هو ته ڪڪڙ ڀرسان ايس ايڇ او شاھنواز اوڊو اي ايس آئي صدر جوڻيجو جاويد جوڻيجو صوبو جوڻيجو منهنجي پٽ کي زبردستي کڻي 6 ڏينهن گم ڪري ڇڏيو ۽ 3. ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڇڏيا اي ايس آئي صدر جوڻيجو جيڪو جاويد جوڻيجو صوبو جوڻيجو جيڪي بااثر ماڻهن جي چرچ تي ونگار وھي رهيا آهن ۽ اي ايس آئي صدر جوڻيجو جهن اڄ اسان کان 5 لک روپيا رشوت طلب ڪئي ۽ چيو ته اگر نه ڏيندو ته تنهنجي پٽ کي ڦل ڦرائي ڪنداسين مان مسڪين آهيان پنج لک رپيا ڪٿان ڏيان مونکي خوف آهي ته ايس ايڇ او ۽ ايس ايس آئي منهنجي پٽ کي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ماري نه ڇڏي مان آئي جي سنڌ ۽ ڊي ائي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ٿا ته مون سان انصاف ڪيو وڃي ۽ ايس ايڇ او ۽ اي ايس آئي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

هڪ وڏو احتجاج هڪ وڏي تحريڪ ڏينهون ڏينهن شوباز پنهنجي شوبازي کان باز نہ ايو تہ هڪ دفعو ٻيهر سنڌ پنجاب جو ڌنگ ڪنداسين شوبا...
01/05/2026

هڪ وڏو احتجاج هڪ وڏي تحريڪ ڏينهون ڏينهن شوباز پنهنجي شوبازي کان باز نہ ايو تہ هڪ دفعو ٻيهر سنڌ پنجاب جو ڌنگ ڪنداسين شوباز جو گهيرو تنگ ڪنداسين هڪ اهڙي تحريڪ جنهن ۾ شاگرد ڀرپور حصو وٺندا شوباز خلاف تحريڪ جو وقت اچي چڪو آهي اگر شوباز کان حڪومت نٿي هلي هليو وڃي پنهنجي اعدي تان ريزائين ڏي ٻي صورت ۾ پوري پاڪستان ۾ خلاف ڀرپور احتجاج ٿيندا

Address


Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Media House Dadu posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

  • Want your establishment to be the top-listed Arts & Entertainment?

Share